کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > نيپال ۾ 3 ورهين جي ڇوڪري کي ”زنده ديوي“ چونڊيو ويو

نيپال ۾ 3 ورهين جي ڇوڪري کي ”زنده ديوي“ چونڊيو ويو

ويچار ڊيسڪ
October 9th, 2008

نيپال ۾ پراڻي ريت رواج قائم رکندي هڪ 3 ورهين جي نينگري کي ”زنده ديوي“ جو درجو ڏنو ويو آهي. ماتينا شاڪيه کي اڱاري تي سندس گهر کان مندر پهچايو ويندو جٿي هو جوان ٿيڻ تائين ديوي بڻجي رهندي ۽ جوان ٿيڻ کانپوءِ هن کان ديوي جو اعزاز واپس ورتو ويندو.

 

نئين ننڍي چوڪري گذريل ديوي ڪماري پريتي شاڪيه بدران ديوي جو عهدو سنڀاليندي جيڪا جوان ٿيڻ کانپوءِ اهو درجو ڇڏي رهي آهي. نيپالي ريت رواج موجب ٽي يا چار سال جي ڇوڪري کي هن عهدي لاءِ چونڊيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ کيس مندر ۾ کڻي ايندا آهن جٿي هندو ۽ بُڌمت مذهب جا پوئلگ سندس پوجا ڪندا آهن.

 

ماضي ۾ نيپال جا بادشاهه به هن ننڍي ديوي جي آشيرواد سان ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته هاڻي هن ملڪ مان بادشاهي جو خاتمو ٿي چُڪو آهي ان ڪري هاڻي نئون صدر هن ديوي کان آشيرواد وٺي حڪومت جو نظام سنڀاليندو.

 

نئين ديوي ماتينا شاڪيه جي پيءُ ٻڌايو آهي ته هاڻي سندس ڌيءُ هن سان نه رهي سگهندي پر هو پنهنجي ڌيءُ جي چونڊڻ کانپوءِ بيحد فخر محسوس ڪري رهيو آهي. ڇوڪري جي خاندان وارا مندر وڃي ساڻس ملاقات ڪري سگهن ٿا پر هو نينگري گهڻو عرصو تنهائي ۾ گذاريندي.

 

نه وسارڻ گهرجي ته آگسٽ ۾ نيپال جي سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌايو هو ته هن مرتبي لاءِ چونڊيل ڇوڪري کي بنيادي انساني حق ڏيڻ لازمي آهي جنهن ۾ اسڪول جي تعليم ۽ صحت جون بنيادي سهولتون پڻ شامل آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com