موت جي سزا جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن پاڪستان جي حڪومت کان موت جي سزا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن تنظيمن موجب هن وقت پاڪستان جي ڪيترين ئي جيلن ۾ ست هزار کان وڌيڪ قيدي ڦاهي جو انتظار ڪري رهيا آهن جن ۾ 82 عورتون ۽ ٻه ٻار به شامل آهن.
انساني حقن جي ايشيائي تنظيم (ايشين هيومن رائٽس ڪميشن) موجب دنيا ۾ چين ۽ انڊيا کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ موت جون سزائون ٻُڌائيندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي جٿي ساليانو سوين قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي.
هن تنظيم موجب پاڪستان جي اڊياله جيل راولپنڊي ۾ هڪ قيدي ذوالفقار علي ولد رشيد خان جي موت جي سزا تي عملدرآمد کي ٻه ڏينهن اڳ 8 آڪٽوبر جي ڏينهن عين وقت صدر زرداري جي حڪم تي روڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته هن ڳالهه سان ظاهر ٿيندو آهي ته موجوده جمهوري حڪومت موت جي سزي جي قانون کي عمر قيد ۾ بدلائڻ جي ڪوششن ۾ سنجيده آهي.
دنيا ۾ 128 ملڪن موت جي سزا جو قانون ختم ڪري ڇڏيو آهي جن ملڪن تازو ئي هي قانون ختم ناهي ڪيو هنن مان اڌ ملڪ هن سزا تي عمل نٿا ڪن. پر پاڪستان ۾ وقت گذرڻ سان هنن ڏوهن جي لسٽ طويل ڪئي وئي آهي جن ۾ موت جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.
قانوني ماهرن موجب 61 سال اڳ جڏهن پاڪستان جو قيام ٿيو هو تڏهن صرف قتل ۽ بغاوت ئي اهڙا ڏوهه هئا جن ۾ موت جي سزا ڏني ويندي هئي پر هاڻي ته لڳ ڀڳ 20 ڏوهه آهن جن جي الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويندي آهي. وقت گذرڻ سان پاڪستان جي غير جمهوري ۽ جمهوري حڪومتن موت جي سزا واري ڏوهارين جي لسٽ ۾ شادي کان علاوه جنسي تعلق رکڻ، توهين رسالت، منشيات سان لاڳاپيل ڏوهن سميت وڌيڪ ڏوهه پڻ شامل ڪري ڇڏيا آهن.
انصار برني ويلفيئر ٽرسٽ جي وائس چيئرمين فهد برني موجب پاڪستان ۾ ساليانو سوين ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي ۽ ڊزن کان وڌيڪ قيدين کي ساليانو ڦاهي تي چاڙهيو ويندو آهي. هن تنظيم موجب پاڪستان ۾ سال 2004 ۾ 394 ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 15 قيدين کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو جڏهن ته 2005 ۾ 470 قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 52 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي.
سال 2006 ۾ 446 قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 82 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي. جڏهن ته سال 2007 ۾ 300 قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 134 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي. انساني حقن جي ايشيائي تنظيم موجب اڳوڻي صدر پاڪستان پرويز مشرف جي دور ۾ ڏوهن ۾ ايترو اضافو ٿيو آهي جن ۾ موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي ۽ مشرف جي دور حڪومت ۾ ئي وڌيڪ قيدين جي موت جي سزا تي عملدرآمد ٿيو آهي.
وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني 21 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ موت جي سزا جي قانون کي عمر قيد ۾ بدلائڻ جو اعلان ڪيو هو. بعد ۾ وفاقي ڪابينه جي 2 جولاء جي اجلاس ۾ اصولي فيصلو ٻڌايو ويو هو پر مذهبي دهشتگرد تنظيمن جي مخالفت ڪارڻ حڪومت اڃان تائين هن قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪري سگهي آهي.
وزير اعظم جي اعلان کانپوءِ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 4 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي آهي ۽ پنجين قيدي ذوالفقار علي جي سزا تي عملدرآمد جي وقت صدر زرداري جي حڪم تي کيس ڦاهي ڪونه ڏني وئي. نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري حلف کڻڻ کانپوءِ موت جي سزا جي قانون ۾ ترميم جي ڳالهه ڪئي هئي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 145 کيس موت جي سزا جي قانون جي خاتمي جو اختيار ڏنو ويو آهي.