کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > بهار: مندر ۾ داخل ٿيڻ تي باهمن (هندن) شودر کي ماري ڇڏيو

بهار: مندر ۾ داخل ٿيڻ تي باهمن (هندن) شودر کي ماري ڇڏيو

ويچار ڊيسڪ
October 12th, 2008

هندستاني رياست بهار جي ضلع نلندا جي هڪ ڳوٺ جيار ۾ اعلي ذات جي هندن مندر ۾ داخل ٿيڻ جي ڏوهه ۾ گهٽ ذات جي ماڻهون کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن به ٻن ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو.

 

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارو پسوان نالي جو هڪ دلت (گهٽ ذات وارو هندو) ديوي ماتا جي مندر ۾ سک ڏيڻ ويو جٿي اعلي ذات واري هندن کيس مندر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو جنهن سبب جهيڙو ٿيو.

 

جهيڙي ۾ اعلي ذات واري هڪ هندو جنهن جو نالو رتن ٻڌايو ويو آهي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهون زخمي ٿيا ۽ ڪارو پسوان اسپتال پهچندي رستي ۾ مري ويو. حادثي کانپوءِ رتن فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

 

پوليس ست اڻڄاتل ماڻهن جي نالي تي ايف آءِ آر درج ڪئي آهي ۽ علائقي ۾ اهڙي حادثي کان بچڻ لاءِ پوليس چوڪيون قائم ڪيون آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com