کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > مسڪين پور جي شريعت

مسڪين پور جي شريعت

ويچار ڊيسڪ
October 15th, 2008

پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلع شهداد ڪوٽ جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ مذهبي اڳواڻن شريعت نافذ ڪري ڇڏي آهي ۽ سندن شرعت حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهون کي ڳوٺ مان ڪڍيو ويندو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي واقع شهر شهداد ڪوٽ جي ويجهو ڳوٺ مسڪين پور علائقي ۾ مختلف سڃاڻ رکي ٿو. هن شرعي ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ستر گهر آهن.

 

ورهين کان قائم هن شرعي ڳوٺ جي آبادي ۾ وقت گذرڻ سان ڪو وڏو فرق نه ٿي سگهيو آهي پر ڳوٺ جي مذهبي اڳواڻن کي اُميد آهي ته ماڻهون سندن شريعت ڏانهن هڪ ڏينهن ضرور ايندا.

 

مسڪين پور نالي جي هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي جيڪا ڳالهه جو احساس ٿيندو آهي هو ڳوٺن جي سڃاڻ معني پالتو ڪُتو نه هجڻ آهي. ڳوٺ جي ڪنهن به گهر ۾ ڪُتو ناهي. جڏهن هن باري ڳوٺ جي جوان جهان گادي نشين فقير حضور بخش صديقي کان پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ڪُتو، ٽي وي، ريڊيو، تصوير يا ڪو به ساز رکڻ تي پابندي آهي.

 

سندس چوڻ هو ته شرعي ڳوٺ ۾ رهندڙ جي خواهشمند ماڻهن کان هو پنهنجي قسم جي شريعت جا سمورا شرط ۽ اصول هڪ حلف نامي يا اسٽامپ پيپر تي لکرائي هنن کان پابندي جو حلف کڻائيندا آهن. مسڪين پور جي شريعت موجب ڳوٺ ۾ رهندڙ هر بالغ ۽ نابالغ مرد جي مٿي تي امامو (پٽڪو) هوندو ۽ عورتون پردو ڪنديون.

 

بالغ مرد جي ڏاڙهي هڪ مُٺ جيتري هوندي، ڇوڪرو ننڍو هجي يا وڏو مرد ڪو به ڪنهن جي گهر ڪنهن صورت ۾ ڪونه ويندو. عورتن سان معصوم نينگريون به پردو ڪنديون. شادي جي موقعي تي ڪو به ماڻهون دهل يا ڊانس جو پروگرام منعقد نه ڪرائيندو. فقير حضور بخش ٻڌايو ته مسڪين پور جو بُنياد 1974ع ۾ سندس پيءُ غلام صديقي غفاري وڌو هو. جيڪو بلوچستان جي هڪ علائقي کان هتي آيو هو. سندس پيءُ جو تعلق جماعت اهل سنت ۽ نقشبندي فرقي سان آهي. سندس پيءُ 2004ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

فقير حضور بخش ٻڌايو اهي ته هو ملڪ ۾ امن سان شريعت نافذ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ طالبان جهڙي شريعت ۽ طريقي سان اختلاف رکندو آهي. سندس موجب اسلام جو پيغام محبت سان پهچائڻ گهرجي ۽ شريعت جي خاطر جبر يا ڪلاشنڪوف استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

 

فقير جو چوڻ هو ته کيس مُرشد سائين حڪم ڏنو آهي ته شريعت، حڪومت ۽ برادري هنن ٽنهيءَ شئين کي مضبوطي سان پڪڙجي. هو حڪومت جي مخالفت نه ٿو ڪرڻ چاهي.

 

مسڪين پور سنڌ جو واحد ڳوٺ هوندو جتي جي حياتي ۾ عورتون ڪيڏانهن به نظر ڪونه اينديون. ڳوٺ ۾ عورتن لاءِ مذهبي تعليم جو انتظام ڪيو ويو آهي پر کين هاءِ اسڪول وڃڻ يا انگريزي پڙهڻ جي اجازت ناهي. مسڪين پور ۾ پري جي علائقن کان به ننڍا ننڍا ٻار ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن.

 

مسڪين پور جي گادي نشين فقير حضور بخش موجب سندس شرعي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهون کي ڳوٺ مان بيدخل ڪيو ويندو آهي. شرعي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهون کان درگاهه جا خادم ڪارڻ پڇندا آهن جنهن کانپوءِ کين ڳوٺ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويندو آهي.

 

فقير حضور بخش دعوي ڪئي آهي ته سندس جماعت جي تعريف ٿي رهي آهي. هن ڪراچي جي ويجهو قومي شاهراهه ۽ ڏاڏا ڀائي سيمنٽ فيڪٽري جي آڏو پلاٽ تي احسن آباد نالي جي هڪ شرعي بستي به آباد ڪئي آهي. اڃان تائين هن علائقي جي آبادي جو انگ گهڻو ناهي پر کيس اُميد آهي ته سندس شرعي ڳوٺ جي آبادي وڌندي.

 

نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۾ هٿراڌو شريعت وارو ٻيو وڏو ڳوٺ آهي. پهريون ڳوٺ خيرپور جي ويجهو گمبٽ شريف جي ويجهو آهي. نور پور جي نالي جي هن ڳوٺ ۾ عيد الفطر حڪومت جي اعلان ٿيڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ملهائي وئي هئي. نور پور ڳوٺ ۾ نقشبندي اهل سنت فرقي سان واسطو رکندڙ ماڻهون رهندا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com