سنڌيءَ ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته راڌها کي نچائڻ لاءِ نوَ مڻ تيل گهرجي. سو اهڙو ئي منظر هن وقت ملڪي حالتن مان ۽ نئين ٿيندڙ پيش رفتن مان نظر اچي پيو جو اڃان موجوده چونڊيل حڪومت کي چند مهينا ئي مس گذريا آهن ته راڌها کي نچائڻ وارن هاڻي کان ئي تيل جي ڳولا ڪرڻ شروع ڇڏي آهي، پر اهو الڳ بحث آهي ته تيل سرنهن جو هجي يا ڄانڀي جو!! ڇو ته هن وقت نئين سال جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي (قرباني) ۽ تبديليءَ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. سوال اهو آهي ته اها قرباني ڪهڙي هوندي ۽ تبديلي ڪهڙا نوان گس ڏيکاريندي، ڇو ته هن وقت عالمي تبديلين جون ڳالهيون انڪري به ٿين پيون جو نئين سال ۾ نئون عالمي ڪاليا اچي پيو. ان کي به تيل ۽ مالشي ضرور گهرجن، ڇو ته اکيون ٻوٽيل جهاز جيڪي نيٽو جي نگرانيءَ لاءِ (ڊيونيڊر لائين) جي ڊيرن تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهي اکيون ٻوٽيل جهاج ڪنهن به جولان جي پهاڙ کي پرزا پرزا ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ئي ملڪي ڪاليائن کي اچي خوف ورايو آهي ته هي اکيون ٻوٽيل جهاج ڪنهن جو به جهڳو ڪيرائي سگهن ٿا. ان ڪري ئي هن وقت کان ئي عالمي ڪاليا کي ريجهائڻ لاءِ (ڪنگريءَ جي ڪنگ) جو در کڙڪائڻ لاءِ ملڪي ڪاليائن لال حويليءَ جي ليگيءَ کي اها ڊيوٽي ڏني آهي ته هو اتان دوا ۽ دعائون وٺي، نوَ مڻ تيل ڪٺي ڪرڻ جي ڪري، ڇو ته جيڪڏهن عالمي ڪاليا راضي نه ٿئي ته پوءِ ان کي ريجهائڻ لاءِ راڌها کي ئي نچائجي. پر سوال اهو آهي ته اهو نوَ مڻ تيل هن وقت اچي ڪٿان!! ڇو ته ماضيءَ جي ڪاليائن جي ابتن ۽ سبتن لڇڻن جي ڪري اهڙي ته ڪربناڪ صورتحال مان ملڪ گذري پيو جو ڪٿي به سُڪون جو سنيهو ئي نٿو ملي. هونئن به سُڪون جا سنيها ۽ سپنا اتي نظر ايندا آهن جتي سونهن جي سنگمن جو ڀَرمُ رکيو ويو آهي، پر هتي ته سدائين ڪنڊا ئي ڪنڊا وڇايا ويا ۽ معصوم گلن کي جيئڻ ئي نه ڏنو ويو ته متان اهي گل اُسري مهڪ پيدا ڪن. هونئن به گلن جي خوشبو محبت ڀرين ماڻهن کي وڻندي آهي جانورن کي نه!! هتي ته ماضيءَ کان وٺي نفرتن جي ٻج کي ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ماضيءَ جون نفرتون ئي آهن جيڪي ايتريون ته وڌي وڻ ٿي چڪيون آهن جو هاڻي جياپو به مشڪل بڻجندو پيو وڃي. هاڻي وجود کي بچائڻ لاءِ هٿ پير هنيا پيا وڃن. اهي هٿ پير به تڏهن هنيا پيا وڃن، جڏهن ڳالهيون ڳاٽي کان چڙهي چڪيون آهن جو اهڙي ئي خوفناڪ منظرنامي کي محسوس ڪندي ملڪي صدر آصف علي زرداريءَ اهو چيو آهي ته آمريڪا کي قبائلي علائقن ۾ حملا ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ اطلاع ڏيڻ گهرجي. ڇو ته ميزائيل حملن سان عوامي نفرت وڌندي اها حقيقت به آهي ته هن وقت جيئن پوءِ تيئن هن جارحيتي وڌندڙ رجحانن جي ڪري عوام ۾ نفرت ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، پر ان جي برعڪس نيٽو جو نواسو چوي پيو ته اکيون ٻوٽيل جهاج روڪڻ اسان جي وس ۾ ناهن. ڇو ته هي اکيون ٻوٽيل جهاج جن کي عالمي ڪاليا (اوبامه) ئي روڪي سگهي ٿو. ان لاءِ نئين سال جي اڀرندڙ سج جو انتظار ڪرڻو پوندو. جڏهن ته ميڊيا ۾ اهي به خبرون آهن ته نئين سال جي نئين عالمي ڪاليا جي اڳواٽ ئي گورن هٿان هڪ (گُلر) ملي چڪو آهي ۽ اهو به ميڊيا ۾ اچي چڪو آهي ته اهو گگدام (گُلر) عالمي ڪاليا مان گڏ نئين سال جي شروعات ۾ وائيٽ هائوس جو درشن ڪندو. ضرور ان گلر کي به تيل گهرجي. ان گلر لاءِ ته تيل جي ڪا کوٽ ئي ناهي، پر راڌها کي نچائڻ لاءِ تيل آڻجي ته ڪٿان آڻجي. ڇو ته ڏوڪڙن بنان تي لڪير ڏيندو. هن وقت اهو منظر اسان جي سامهون آهي جو جاپان وارن اهو چيو آهي ته ڏوڪڙ ڏينداسين پر اهي عالمي ڪاليا جي معرفت!
ان صورتحال مان سموريون ڳالهيون واضح ۽ چٽيون ٿي وڃن ٿيون ته پاڻي ڪٿي بيٺل آهي. رهيو سوال لال حويلي جي شيدا ٽليءَ جو (ڪنگريءَ جي ڪنگ) وٽ پهچڻ جو، اها ورتل وک گجرات جي گاما پهلوانن جي چوڪڙي لاءِ ٿي سگهي ٿي. ڇو ته هن وقت سُٻاٽن کان وڌيڪ کلي عام اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته گجرات جي گاما پهلوانن کي قربانيءَ واري عيد کان اڳي ئي قرباني ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ ليگي پنهنجون پراڻيون روايتون برقرار رکندي پنهنجي قيادت کي قربان ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. ڇو ته ملڪ جو ماضي اهڙن مسلم ليگين جي حيران ڪندڙ واقعن سان سموري تاريخي ورق ڀريا پيا آهن. ايتري قدر جو پنهنجي ڪنهن به قائد کي بخش نه ڪيو ويو ۽ ملڪي ڪاليائن جي مفادن جي پورائي لاءِ هميشه ونگارون وهندا رهيا. جڏهن به جنهن جنرل جي جيڪو جيءَ چيو ان جي مرضي ۽ خواهش مطابق ليگ جا لاڏلا وقت به وقت استعمال ٿيندا رهيا. اها ڪهڙي به جنرل جي حڪمراني هجي. پوءِ ڀل ڪهڙيون به آمريون هجن ۽ ڪهڙا به آمر هجن پر سڀني کي هنن ئي ليگين جي لاڏلن قربائتو ڪلهو ڏنو ۽ ليگ جون قيادتون به ملڪي ڪاليائن جي مرضيءَ سان اينديون ۽ وينديون رهيون. هن وقت به اهي ئي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن لاءِ (ڪنگريءَ جي ڪنگ) وٽ لال حويليءَ جو لاڏلو اچي پهتو آهي. هن لال حويليءَ جي لاڏلي جي چهري مان ئي سموريون ڳالهيون واضح ٿي وڃن ٿيون ته ملڪي ڪاليائن پاران جيڪي هن وقت گجرات جي گگدام چوڌريءَ کي جيڪا چٺا پاران لٺ ۽ چٽ ڏيکاري پئي وڃي. اها لٺ ۽ چٺ گهڻن ئي ليگين جا لاهه ڪڍندي. ان ڪري ئي تبديلي ۽ قربانيءَ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.
تڏهن ئي ڪنگريءَ جي ڪنگ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ في الحال لال حويليءَ جي لاڏلي جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. ڇو ته هن وقت (ڪنگريءَ جي ڪنگ) اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته آءٌ ڪنگال ڪروڙ پتي هوندي ڏيوالي لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، باقي راڌها کي بچائڻ لاءِ نوَ مڻ تيل ڪٺي ڪرائڻ ۾ لال حويليءَ جي لاڏلي جي ضرور مدد ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته چنيوٽي چٺا اعتبار جوڳو ناهي. اهو ڪيڏي مهل به ڪلٽي کائي سگهي ٿو. ڇو ته هن ماضيءَ جي ليگين جيان ڪنهن سان به وفا نه ڪئي. ان جي ڪري اعتماد ڪرڻ ڏکيو آهي. اصل ۾ ڳالهه آهي هن وقت اعتماد جي، آخر قرباني ۽ تبديليءَ وارو اعتماد ۽ ڀروسي وارو ڀونچال ڪنهن جي مٿي تي ايندو. ڇو ته ملڪي ڪاليائن کي هاڻي وري ماضيءَ جيان ليگ ۾ نئين قيادت نئين تبديلي ۽ نئين قرباني جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. ان قربانيءَ لاءِ قربانيءَ جو ٻڪرو هن ڀيري ماضيءَ جي ليگي قيادتن جيان گجرات جي چوڌرين کي بڻائڻ جو وقت لڳي ٿو ڪو جلد اچڻ وارو آهي جو چوڌرين جي پڳ مٽ يار ليگي رياض فتيانه جا ميڊيا آڏو اهي لفظ ئي معنيٰ ۽ مقصد لاءِ ڪافي آهن. هن ئي رياض فتيانه تبديلي ۽ قربانيءَ جي حوالي سان اهو چيو هو ته هاڻي گجرات جي چوڌرين کي قيادت جي قرباني ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هيءَ قائد ليگ ته هنن جي آهي به ڪا نه اها سڄي جڳ جهان کي خبر آهي ته هن ليگ جو اصل قائد ڪير آهي!! ان ڪري چوڌرين کي ماٺ ميٺ ۾ قربانيءَ واري عيد کان اڳ ئي قرباني ڏئي ڇڏڻ گهرجي. اهڙي ئي تسلسل ۾ هن وقت مٿي ماريون ڪيون پيون وڃن ته جيئن ملڪي ڪاليائن جي (موڊ) کي مانُ ملي. ان سلسلي ۾ (ڪنگريءَ جي ڪنگ) لال حويليءَ جي لاڏلي آڏو اهو به چيو ته نئين سال جي نئين قيادت (مامو مشرف) به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هن کان اڳ ۾ به ڪنگريءَ جي ڪنگ جي اهائي خواهش رهي آهي جنهن جو وقت به وقت پاڻ اظهار ڪندو رهيو آهي ته (مامو مشرف) ئي قائد ليگ جي قيادت ڪري. اهو سبب آهي جو هن وقت ڍنڍ جي پکين جيان ڪيترائي ليگي ڪي آصف جي عيادت ڪري رهيا آهن ته ڪي وري (نون) جي نوازش حاصل ڪرڻ ۾ پورا آهن. ان صورتحال مان اهي ڳالهيون واضح ٿي رهيون آهن ته گجرات جي چوڌرين کي شايد نئين سال جو سج به نه ڏسڻ ڏنو وڃي. ڇو ته اهڙيون سرگرميون سڄي ملڪ ۾ ڏاڍيون تيز ٿي چڪيون آهن، جنهن ڪري هن وقت نئين سج جي سلاميءَ لاءِ نئين ٻڪري جي تلاش هلي رهي آهي. لڳي ٿو ته وقت کان اڳ ئي تبديلي به اچي ويندي ۽ قرباني به ٿي ويندي. ڇو ته ان لاءِ هاڻي تڙ تڪڙ ۾ مُلڪي ڪاليائن گهڻو تڻو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ۽ راڌها کي نچائڻ لاءِ نوَ مڻ تيل ڪٺي ڪرڻ لاءِ جيئن جاري آهن، جيڏي مهل به اهو نوَ مڻ تيل ڪٺي ٿي ويو، ان وقت قربانيءَ ۾ دير ئي نه ڪئي ويندي. ڇو ته ڪاسائين کي قرباني ڪرڻ وقت تيل جي سخت ضرورت پوندي آهي. انڪري تيل جي تلاش جاري آهي ۽ هن قربانيءَ ۽ تبديليءَ لاءِ راڌها کي نچائڻ لاءِ نوَ مڻ تيل جي ضرورت آهي.