{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ناروي ويزن : ڊالر دار طبقو ۽ بي پاڪستاني عوام

ناروي ويزن : ڊالر دار طبقو ۽ بي پاڪستاني عوام

مسعود منور
June 26th, 2009

پاڪستان جي سماجي، اقتصادي نظام جي ڪهڙي تعريف ڪري سگھجي ٿي؟

پاڪستان هڪ اهڙي طفيلي معيشت آهي جنهن جي صنعت جي پڇ ٽٽي چڪي آهي. جنهن جي زراعت، پاڻي جي گھٽتائي ۽ سم ۽ ڪلر جي زهر سان ڏاڍا ڏکيا ساھ پئي کڻي. ملڪ ۾ نئون ڊالر دار طبقو پيدا ٿي ويو آهي جيڪو آمريڪا کان امداد جي نالي تي مليل خرچ جي زور تي امير ٿي ويو آهي. دنيا جي هر گھٽي مان پاڪستان جي ويل ماڻهو جيڪو ڪيش موڪليندا آهن اهو ملڪ ۾ فالتو پيسن وسيلي مهانگائي وڌائي رهيو آهي.

شهري ماڻهو هڪ ٻئي جي ڏيکا سيکي پنهنجي زندگي جو معيار مٿانهون ڪري ورتو آهي. پگھارن ۽ ٻڌي آمدن جي ڪري جڏهن گزارو ناهي ٿيندو ته ماڻهو پنهنجي آمدن وڌائڻ ۽ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هر اهو ڪم ڪرڻ تي تيار ٿي ويندا آهن، جنهن جي اجازت اخلاق ۽ شرافت ناهي ڏيندي.

انهي جي نتيجي ۾ اخلاقي نظام ٽٽي چڪو آهي پر اشتهار بازي جي حد تائين دين، ايمان، عدل، انصاف، انسانيت ۽ اسلام جو نالو جپيندا رهندا آهن.

مسجدون، درگاهون نهاريون ته درويشي سلسلا مذهب ۽ شريعت جو جهنڊو کڻي ڦرندا آهن. مذهب جو دم ڀرڻ ۽ رب جي تسبيح پڙهڻ وارن جي ڪا ٿوراڻ ڪونهي پر پويان بابا سلطان باهو جي حق جو واڄو ئي گونجندو رهندو آهي.

اُچي ڪلمي سوئي پڙهدي، نيت جيهاندي کوٽي هو

طالبان، القائده ۽ جي ايڇ ڪيو جي تيار ڪيل ٻين لشڪرن جي وجود ۾ آمريڪي ڊالر جو رت ئي گردش ڪندو رهندو آهي. هن ڊالر پاڪستان جو امن تباھ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستاني جي قانوني ڍانچي کي ٽوڙيو مروڙيو ويو آهي. ڊالر جي هن خنزير پاڪستاني ماڻهن جي آپسي رشتن ناطن ۾ وش ملائي ڇڏيو آهي. سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو آهي، ڪجهه به ناهي بچيو.

پاڪستان ۾ طاقت جو سڀني کان وڏو ادارو فوج آهي. پر فوج به هاڻ هن قابل ناهي رهي جو هاڻ هو پاڪستان جي حالتن کي ڪنٽرول ڪري سگھي.

اڄ خانه جنگي جي حالت آهي. هن خانه جنگي ۾ هڪ پاسي ته فوج آهي ۽ ٻئي پاسي اوهو لشڪر آهي جنهن کي هن فوج جوڙيو ۽ پاليو هو. اهي طالبان بيدا جي ايڇ ڪيو جي جرنيلن لاٿا هئا ۽ آئي ايس آئي جي ايڪيوبيٽر ۾ آمريڪا جي نگراني ۾ انهن انڊن مان ٻچڙا ڪڍايا ويا هئا. اڄ اهي چوزا وڏا ٿي ويڙھ وارا ڪڪڙ ٿي ويا آهن. اهي لشڪر ۽ طالباني جٿا جي ايڇ ڪيو جون اهي ٻليون آهن جيڪي پنهنجي مالڪن کي ميائون ڪنديون ڦرنديون آهن.

پر هن ويڙھ جو شڪار ڪير آهي؟

ڊرون حملن ۾ ڪير پيو مري؟

آپگھاتي بم حملن ۾ ڪير پيو مري؟

فوج ۽ طالبان جي آپسي ويڙھ ۾ پاڪستاني ٻنهي پاسن کان پيا مرن.

عام ماڻهو بک، مهانگائي، بي روزگاري، ڪرپشن ۽ ظلم سان پيا مرن، پر ڊالر خور طبقو، اڃا ڊالر، اڃا ڊالر ۽ وٺي اچو اڃا ڊالر جي چڪرن ۾ ئي پيل آهي ۽ ملڪ کي پيو پيڙاھ ۾ وجهي.

لڳي ايئن ٿو ڄڻ هي ڪو ڳجھو ڀاڱو آهي جنهن ۾ پاڪستان ڦاسندو پيو وڃي. ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ جي ۽ ملڪ کي اقتصادي غلام ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي. هن سازش ۾ لاڀ ڊالر خورن جو ۽ گھاٽو غريب عوام جو آهي. غريب عوام جيڪو 62 سالن کان بي پاڪستاني آهن.

مولوين انهن کي اسلام جي نالي تي ۽ جنت جي حورن جي خوابن سان وندرايو آهي ۽ اهي پنهنجا ڊالر کرا ڪندا پيا وڃن، ۽ ٻئي پاسي نظريه پاڪستان جي مجاورن ماڻهن جون جھڳيون به ڦري ورتيون آهن ۽ پاڻ ويٺا هاڻ موجون ماڻن.

انهن ٻنهي پارٽين کي ، مولوين ۽ مجاورن کي ، اڄ پاڻ به خبر ناهي ته انهن جي گھڙيل اسلام ۽ انهن جي جوڙيل پاڪستان جي نظرئي سان ڪهڙي ويدن ٿيڻ واري آهي. اهي ڊالر جا خنزير کائي کائي ايترا ته ڦاٽي پيا آهن جو انهن کي انهي ڳالهه جو هوش ئي ڪونهي ته اهي ڪهڙي واٽ تي هلي رهيا آهن.

پر اهي ڪن به ڇا؟ حالتون انهن جي قابو ۾ آهن به ڪونه، اهڙين ماڻهن کي جنهن کي خبر نه هجي ته اهي تاريخ جي ڪهڙي موڙ تي بيٺا آهن، تباهي ڏانهن وڃڻ کان رب به نٿو روڪي سگھي. هاڻ اهڙو ڪو نسخو ناهي جيڪو انهن کي بربادي کان بچائي سگھي.

پر رب نه ڪري.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: