{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ڊاڪٽر مقبول اختر : ڪتن جو ڪم آهي وڙهڻ ۽ وڍڻ

ڊاڪٽر مقبول اختر : ڪتن جو ڪم آهي وڙهڻ ۽ وڍڻ

ڊاڪٽر مقبول اختر
June 26th, 2009

ڪتا ٻه ٽي ڪم ڪندا آهن، وڙهندا ۽ وڍيندا آهن، ڀوڪيندا (ڏاڙهيندا) آهن، ڪتن جي پويان ڀڄندا آهن ۽ پنهنجي گھر وارن ڪتين کي ماريندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو ڪتي کي وڍي ڇڏي ته خبر ٿي ويندي آهي.

پاڪستان جي هڪ وڏي اردو اخبار ڪلهه پنهنجي پوئين صفحي تي فولڊ کان مٿي هڪ خبر ڇاپي آهي. اڄ ڪلهه جون اخبارون ته وڏن وڏن ڪتن جي وڏن وڏن ڪمن سان ڀريل آهن. ڇا ملڪي ته ڇا پاڙيسري. ٿورو وات جو سواد مٽائڻ لاءِ هڪ ننڍڙي خبر. شايد سڀاڻي کان وڏي ٿي وڃي.

پاڪستان جا جيترا وڏا بهادر آهن، ڪو ڪمزور ماڻهو سامهون اچي وڃي ته هن جي خير ناهي. عورت سامهون اچي ته اهو ٿي نٿو سگھي. ٽنگون وڍي ڇڏيان، سسي ڪپي هٿ ۾ جھلائي ڇڏيان. توکي صفا عقل ناهي ڪتا. هڪ ماڻهو مهمانن جي سامهون پنهنجي زال کي ايئن ئي چوندو هو. ڪتي هي ڪر، ڪتي هو ڪر، هتي مهمان به چوڻ لڳو ته ، ڀيڻ ڪتي پاڻي جو گلاس ته ڏي. هي نمونا صرف نمونا ناهن هوندا، شينهن جوان پنهنجي ڌيئن، ڀيڻن ڪڏهن ڪڏهن ماءُ کي به ماري ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ انهن تي الزام به هڻندا آهن. انهن کي مارڻ ۽ ڪپڻ ته روٽين جو ڪم آهي. اهي شينهن ڳوٺائي به آهن ۽ شهري به، اڻ پڙهيل به آهن ۽ پڙهيل لکيل به.

ٿيو ڇا. خبر ڪيئن ٿي. پير محل جي ويجھو هڪ چڪ ۾ رورل هيلٿ سينٽر آهي. هن جو انچارج هڪ ڊاڪٽر صاحب آهي. ايم بي بي ايس، رات اڍائي لڳي ٿاڻي ته پهچي ويو، منهنجي ڊاڪٽري يا ميڊيڪل جاچ ڪرايو،

ڊاڪٽر صاحب ويهو ته سهي، ٿڌو پيئو، ٿيو ته ڇا آهي؟

ادا ٿيڻو وري ڇا آهي. منهنجي زال مون کي تمام گھڻو ڪٽيو آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: