بابا ڏسو مان جوائي اسٽڪ موو ڪري رهي آهيان. هي ڏسو، ٺشون ٺشون، ٺشون،............ اهو ٽيون ننجا به ويو........... ۽ هي چوٿون........... ٺشون، ٺشون، ٺشون، او هو هي تي بچي ويو........ ڪائي ڳالهه ڪونهي، هن کي ته ٻيهر ماري وٺندس، نه!
۽ پوءِ منهنجي ڌي مون کي به ڳالهين ۾ لڳائي لڳائي ويڊيو گيمز جي چوس هڻي ڇڏي آهي. سپر مين، بليڪ ننجا، آفريڪن گوريلا، مرين هنٽرز جي مدد سان ڪيترا فنڊوز ماريا. ڪڏهن منهنجو اسڪور ٻه سو هوندو ته ڪڏهن پنج سو ۽ ڪڏهن پندرهن، جهڙو موڊ اهڙو ئي اسڪور.
ويڊيو گيمز جي چوس تمام خراب آهي. پر انهي ۾ چڱي ڳالهه اها آهي ته جوائي اسٽڪ ويڊيو گيمز جي هيرو ۽ ولنز کي ڪنٽرول ۾ رکندي آهي. جيستائين دل ڪري دشمنن کي ماريندا رهو، ۽ جڏهن بور ٿي وڃو ته گيم شٽ ڊائون ۽ پوءِ وري شروع ٿي وڃو. ٺشون، ٺشون ، ٺشون......،،،،
هڪ ٻي مزي واري ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به گيم ۾ توهان ڪيترا به ڪردار ماري وٺو... انهن جو تعداد گھٽ ناهي ٿيندو. پر توهان جو اسڪور گھٽ ناهي ٿيندو ۽ هو وڌندو ويندو آهي ۽ کٽڻ جو اصل مزو ايندو آهي.
مون کي ايئن لڳندو آهي ته جيئن سوات ۽ فاٽا ويڊيو گيمز آهن..... ٺشون، ٺشون، ٺشون. پندرهن طالبان مارجي ويا.. ٺشون، ٺشون چاليھ، ٺشون، ٺشون، سٺ...........
ماريندا وڃو کيڏندا وڃو ماريندا وڃو کيڏندا وڃو، ماريندا وڃو کيڏندا وڃو.
رب قيامت تائين غالب جو نالو سلامت رکي جنهن ويڊيو گيمز جو تصور هي چئي سامهون آندو هو.
ٿا خواب مين خيال ڪو دل سي معامله
جب آنک کُل گئي، نه زيان ٿا، نه سود ٿا !