{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > پاپ ميوزڪ جي بادشاهه مائيڪل جيڪسن جي موڪلاڻي!

پاپ ميوزڪ جي بادشاهه مائيڪل جيڪسن جي موڪلاڻي!

مصطفيٰ ملاح
June 27th, 2009

ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ پاپ موسيقي جو بادشاهه مائيڪل جيڪسن ڪالهه لاس اينجلس ۾ 50 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي دوري پوڻ سبب ڪروڙين ماڻهن کي سوڳوار ڇڏي هميشه لاءِ هليو ويو. مائيڪل جيڪسن 29 آگسٽ 1958ع ۾ انڊيانا آمريڪا ۾ پيدا ٿيو، پاڻ ۾ 9 ڀيڻ ڀائر، جن مان هن جو ستون نمبر هو. هن هڪ غريب ڪاري نسل جي گهراڻي ۾ اک کولي ۽ يارنهن سالن جي عمر ۾ موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکيو. هن شروع ۾ ”جيڪسن فائيو“ نالي سان ميوزيڪل گروپ جوڙيو، جنهن ۾ مائيڪل سان گڏ سندس جا چار ڀائر شامل هئا. 1960ع کان ويندي 1970ع تائين ”جيڪسن بينڊ“ ڪاري نسل سان تعلق رکندڙ آمريڪا جو مقبول ترين بينڊ گروپ ٿي ويو.

پاپ موسيقي جي تاريخ ۾ ايلوِس پريسلي کانپوءِ مائيڪل جيڪسن ئي اهو نالو آهي، جنهن موسيقي جي دنيا ۾ عالمي شهرت ماڻي. هن ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجو نالو
مشهور ڪري ورتو هو، هن جي جسماني ٽيڪنڪ جديد ڊانس جي ڪلچر ۾ هڪ انقلاب آندو. گنيز ورلڊ ريڪارڊ ۾ مائيڪل جيڪسن کي تاريخ جو ڪامياب ترين
Entertainer قرار ڏنو ويو آهي. اڄ تائين هن جي مختلف البمس جون 75 ڪروڙ کان مٿي ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن. هن جي ميوزڪ البم ”ٿرل“ ڪاميابي جا رڪارڊ ٽوڙيا. هن جا 16 البم اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن.

مائيڪل جيڪسن 21 آڪٽوبر 2008ع ۾ عالم دين جي سامهون مسلمان ٿيو. هن جو پهريون البم 1960ع  ۾ آيو، سندس ٻئي البم (Thriller) جون هن وقت تائين 10 ڪروڙ ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن، جيڪو عالمي سطح تي هڪ رڪارڊ آهي. ڏينهون ڏينهن سندس وڌندڙ مقبوليت کي ڏسي، مخالفن هن جي خلاف سازشون شروع ڪري ڏنيون. 1993ع ۾ مائيڪل جيڪسن تي هڪ ٻار سان زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، جيڪو ڪيس هن تي 5 سال هلندو رهيو.

مائيڪل 2 شاديون ڪيون، هڪ ايلوِس پريسلي جي ڌيءَ ليزا ميري پريسلي سان، جڏهن ته ٻي شادي ڊيبورن جيني روو سان ڪيائي، پر ٻئي شاديون طلاق تائين پهچي چڪيون هيون. مائيڪل تقريبن 39 فلاحي تنظيمن سان گڏ رهيو ۽ هن 30 ڪروڙ ڊالر ماليت جو عطيو پڻ ڏنو هو. اهو عطيو هن هڪ فلاحي ڪمن لاءِ جوڙيل تنظيم Heal The World Foundation کي ڏنو هو. 1998ع ۾ هن جو نوبل امن انعام ۾ نالو آيو هو, پر انعام هن کي نه ملي سگهيو. جنهنجو هن کي افسوس نه هو، هو چوندو هو ته، ”ڪنهن  لاءِ ڪم ڪجي، اهوئي مون لاءِ وڏو انعام آهي.“  مائيڪل جيڪسن جي ڀاءُ جرمين جيڪسن 1989ع ۾ اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ مائيڪل کي به اسلام طرف آندو ۽ کيس مسلمان ڪيائين. مشهور آفريقي ڄائو مائيڪل جيڪسن آمريڪا ته ڇا، پر هو پوري دنيا ۾”ڪنگ آف پاپ“ جي حوالي سان مشهور ٿي ويو. هن وقت جي حساب سان پنهنجي پاڻ ۾ ڪيتريون ئي عجيب و غريب تبديليون پڻ آنديون، جيئن هو ڪارا بوٽ پائيندو هو ته ان سان گڏ جوراب اڇي رنگ جا پائيندو هو ۽ هر وقت ساڄي هٿ مٿان گلَوز پائيندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري آمريڪي صدر بش سان هٿ ملائيندي به هن پنهنجي هٿ تي چڙهيل اهو گلَوز نه لاٿو. ڪڏهن نڪ جي ته ڪڏهن چهري جي پڻ سرجري ڪرائيندو هو.

وڏي عرصي کانپوءِ مائيڪل جيڪسن مٿئين مهيني جولاءِ ۾ هڪ وڏي ايونٽ جي تيارين ۾ مصروف هو، پر اها ڪنهن کي خبر هئي ته شوبز جي دنيا ۾ واپسي کان اڳ ئي هو سڀني کي الوداع چئي ويندو. اوڀر واري ملڪن ۾ اسلام تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. مائيڪل جيڪسن دنيا جو وڏو گلوڪار هو، جڏهن هو ڳائيندو هو ته نوجوان طبقو مجبور ٿي پنهنجن ٻانهن کي لوڏڻ تي مجبور ٿي ويندو هو. هاڻي به دنيا جا ڪروڙين نوجوان سندس ڳايل گانن تي رڪس ته ڪري سگھندا، پر افسوس انهن جي اڳيان مائيڪل جيڪسن نه هوندو!

 

ڊيلي ڪاوش جي ٿورن سان

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: