{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ناروي ويزن : مذهب بزنس

ناروي ويزن : مذهب بزنس

مسعود منور
June 29th, 2009

ناروي جي اسڪولن ۾ هڪ مضمون پڙهايو ويندو آهي. جنهن کي جو آر ايل چيو ويندو آهي. هي مضمون عيسائي مت، دنيا جي ٻين مذهبن ۽ حياتي جي باري ۾ ويچارن جو مضمون آهي.

هڪ ڏينهن فروڪن (مس) ٻارن کي حضرت عيسي عليه السلام جي حياتي جي باري ۾ ٻڌائي رهي هئي. سبق پڙهائڻ کان اڳ فروڪن ڪلاس جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي چيو ته، سبق ختم ٿيڻ تي توهان کان هڪ سوال پڇيو ويندو ۽ سڀني کان سٺو جواب ڏيڻ واري کي انعام ۾ هڪ سو ڪرائون ۽ چاڪليٽن جو دٻو ڏنو ويندو.

هي چئي فروڪن حضرت عيسي عليه السلام جي حياتي جي ڪهاڻي تمام چاھ، سڪ ۽ ادب سان ٻڌائي. شاگرد ويهي ٻڌندا رهيا ۽ وچ وچ ۾ ڪاڻي اک کان چاڪليٽن جي دٻي جي ڏانهن ۽ پيسن واري لفافي ڏانهن به ڏسندا رهيا.

سبق ختم ٿيڻ کان پوءِ فروڪن چيو ته هاڻ هن کي سوال ڪرڻو آهي ۽ توهان کي سوچي جواب ڏيڻو آهي.

سوال هي آهي ته دنيا جي سڀني کان وڏي ۽ حيثيت واري شخصيت ڪهڙي آهي، جنهن دنيا کي متاثر ڪيو، دنيا جي ڪلچر ۽ هر ملڪ جي هر نموني جي ماڻهن تي حڪومت ڪئي. ڇوڪري ڇوڪرين هٿ مٿي ڪيا. فروڪن هڪ آفريڪي ڇوڪري کان پڇيو ۽ چيو ته تون هن جو جواب ڏي.

ڇوڪري چيو ته ، نيلسن منڊيلا دنيا جي سڀني کان وڏي ۽ دلين تي حڪومت ڪرڻ واي شخصيت آهي.

فروڪن چيو ته، تنهنجو جواب چڱو آهي پر تون هن جو اصل جواب ناهي ڏنو.

ٻارن وري هٿ مٿي ڪيا. هن ڀيري هن هڪ هندو ڇوڪري کان پڇيو.

ڇوڪري تمام شان سان مهاتما گانڌي جو نالو ورتو.

فروڪن چيو ته ، تنهنجو جواب به چڱو آهي پر تون سڀني کان وڏي شخصيت تائين اڃا به ناهي پهچي آهين.

ٽيون ڀيرو وري هٿ مٿي ٿيا، ۽ فروڪن وري هڪ ننڍڙي يهودي ڇوڪري کان پڇيو، داويد تون ٻڌاءُ.

داويد چيو، حضرت عيسي عليه السلام.

فروڪن تمام گھڻي خوش ٿي. ٻار کي انعام ڏنو ويو. ٻين ٻارن تاڙيون وڄايون. ڪلاس ختم ٿي ته فروڪن ڇوڪري کي چيو. داويد تون ته يهودي آهين، تون حضرت موسي جو نالو ڇو ڪونه ورتو؟

داويد وراڻيو، مون کي خبر آهي ته دنيا جي سڀمي کان وڏي شخصيت حضرت موسي آهي، پر ماڻهوکي بزنس جو به خيال رکڻ گھرجي.

حضرت عيسي کي وڏو چئي مون انعام کٽي ورتو آهي ، هي بزنس آهي.

سچ ۽ بزنس ٻه ڌار ڌار کاتا آهن. سچ ڳالهائيو ته بزنس ناهي ٿيندو. ڪوڙ چئو ته ڌرم ويندو آهي. پر ماڻهو دين ڌرم کان بزنس کي وڌيڪ سمجھندا آهن ۽ پوءِ نوٽ ۽ چاڪليٽ ڪمائي موجون ماڻيندا آهن.

ناروي ۾ سياسي پناھ وٺڻ وارا ڪيئي مسلمان ڪٽنب ڊيپورٽ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ گرجي ۾ وڃي لڪندا آهن. ناروي جي قانون ۾ گرجا پوليس جي قانوني حد ۾ ناهي ايندو ۽ پوليس گرجي ۾ داخل ٿي ماڻهن تي هٿ نٿي وجھي سگھي. مسلمان ماڻهو حضرت عيسي جا مهمان ٿي ڪيئي ڪيئي سال لنگھائي ڇڏيندا آهن ۽ گرجا گھر جو لنگر کائيندا ۽ گرجا گھر جي مدد سان ئي نپندا آهن. پر ڪنهن مسلمان ملڪ ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي نالي تي مسجدون پناھ ناهن ڏينديون. مسجد ۾ داخل ٿيو ته ملان توهان سان اهڙي ڪندو آهي جو هن وارث شاھ سان ڪئي هئي:

ملان آکيا، نا معقول جٽا، فرض ڪر ڪي رات گزار جائين

فجر هوندي تون اڳ ئي اٺ ايٿون، سر ڪج ڪي مسجدون نڪل جائين

گھر رب دي نال نه بنه جھيڙا از غيب ديان حجتان نه اٺائين

وارث شاھ خدا ديان خانيان نون ايھ ملان ڀي چمڙي هين بلائين.

مسلمان ملڪن ۾ مسجد کي رب جو گھر چيو ويندو آهي، پر هتي رب جي ماڻهو کي گرجا گھر وانگر پناھ ناهي ملندي ڇو جو مسجد ڇڙي ملان جي جاگير هوندي آهي.

رب ڪهڙو ملان کان حساب وٺڻ ايندو آهي. يهودي جي پٽ جئان ماڻهو رب جي نالي تي ڪاروبار ڪرڻ جو گر ڄاڻندا آهن. ڪاروباري ماڻهو سال ۾ ڪيئي ڀيرا عمرا ڪندا آهن. ڪيئي پيسي ٽڪي وارا ماڻهو هر سال حج ڪرڻ جي عادت پالي وٺندا آهن ۽ اهي هي ڀلجي ويندا آهن ته جيڪو پيسو اهي حج تي هڻي رهيا آهن. انهي جا اصل حقدار رب جا اهي بندا آهن جيڪي مجبوري ۽ غريبي جي ڪنڊ ۾ ڦاٿل آهن، جٿان نڪرڻ جي ڪوبه واٽ ناهي ٻڌائيندو. پر ماڻهو به ڇا ڪن. اهي ڄاڻيندا آهن ته اهي رب جي ڏنل دولت کي غلط استعمال ڪري رهيا آهن، پر بزنس جو ڌيان ته رکڻو ئي پوندو آهي.

جيڪڏهن اهي بزنس جو ڌيان نه رکن ته جنت اجڙي وڃي ۽ حورون ويچاريون جنت ۾ جنتين جي واٽ نهاري نهاري ڏکي ٿي وينديون.

۽ انهن غريب ماڻهن جو ڇا آهي؟

انهن کي ڪو حاجين ۽ ڌن دولت وارن غريب ڪيو آهي؟ اهي ته پنهنجي شوق سان غريب آهن، انهي ڪري جو اهي پني سگھن.

آئي سمجھ ۾ ڪا ڳالهه؟

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: