کلاسک

WebSite    

وچار > سڀ هيرو ختم ٿيندا پيا وڃن...............

سڀ هيرو ختم ٿيندا پيا وڃن...............

حسن مجتبيٰ
June 30th, 2009

سڀ هيرو هڪ هڪ ڪري منهنجي ئي وقت ۾ منهنجي سامهون ختم ٿيندا پيا وڃن. وڏو ٿي مان ڇا چوندس ته ڪهڙو ته منهنجو ٻاراڻو هو. ڪيليفورنيا جي جهنگ جي باھ جئان پکيڙجڻ واري مائيڪل جيڪسن جي موت جي خبر واري شام منهنجو پٽ مون کي چئي رهيو هو. هو تمام گھڻو اداس هو پوءِ هن هي به چيو ته. هن کي توهان صحافين ماري ڇڏيو آهي.

سڀ هيرو اسان جي وقت ۾ ئي اسان جي سامهون ختم ٿيندا ويا آهن. جوان جو موت پهرين ڀٽو پوءِ بينظير ۽ هاڻ مائيڪل جيڪسن!

تيزي سان جيئو ۽ مري وڃو جيئن توهان جي ميت سهڻي لڳي. نالو ته ذهن تي ناهي پر 1993 جي سرءُ ۾ لنڊن ۾ مريل مشهور جوان پاپ سنگر جي موت تي هن جي چاهڻ وارن ٽي شرٽ سميت پنهنجي هر شي تي لکيو هو.

مون کي چڱي نموني ذهن تي آهي ته مائيڪل جيڪسن جي خلاف هڪ ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي جي مقدمي جو جنهن ڏينهن فيصلو ٿيڻو هو، ۽ فيصلو اچڻ کان ڪيئي ڪلاڪ  اڳ ميڊيا مائيڪل جيڪسن کي عدالت طرفان سزا جو اعلان ئي ڪونه ڪري رهيو هو گڏ هائي سڪيورٽي جيل ۾ هو سوڙهيون کوليون به ڏيکاريندو رهيو، جنهن ۾ اينڪر ماڻهن موجب، مائيڪل جيڪسن کي رهندڙ حياتي گزارڻي پوندي. ٿيڻي اهڙي ٿي جو ميڊيا جي اهڙن حالن ۾ عدالت مان عزت سان آزاد ٿي آيو. مون ڪلهه شام ڏٺو اوهو ئي اينڪر پرسن هو اوهو ئي آمريڪي ميڊيا هو ۽ سڀ مائيڪل جيڪسن جي موت تي روئي رهيا هئا. اڄ منهنجي لاءِ سڀني کان بري خبر هي آهي ته اداس شام. تو کي خبر آهي جڏهن مان هتي آمريڪا آيس ته مائيڪل جيڪسن جا گيت تمام گھڻا هلندا هئا. هو آمريڪا ته ڇا سڄي دنيا جي نشاني هئي. پنهنجي هڪ صحافي ساٿي چيو ته جيڪو ڪيئي سال اڳ پاڪستان کان آمريڪا آيو هو.

سڄو آمريڪا. سڄي دنيا جا ماڻهو هڪ جرم جي احساس ۽ چاهت جي مليل جليل جذبن سان هن جوان پر زمانن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڄمڻ واري فنڪار لاءِ روئي رهيا آهن.

فٽ بال جي ورلڊ ڪپ ۾ برازيل جي هارائي وڃڻ تي ڀٽوئن جي مارجي وڃڻ تي هڪ جهڙي روئڻ واري لياري (ڪراچي جو هڪ علائقو) جئان نيو يارڪ ۾ سڄو هارليم به روئي رهيو هو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats