اڄ سويري پاڪستان ٽيلي ويزن جي هڪ پروگرام جي هڪ جھلڪ ڏٺي، جنهن ۾ مولوي فضل الرحمان صاحب جن چئي رهيا هئا ته هن کي مرڻو به آهي ۽ رب جي اڳيان جواب به ڏيڻو آهي.
مولوي فضل الرحمان جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي ڪمري ۾ پيل سڀ ڪتاب ٽهڪ ڏيڻ لڳا ۽ پوءِ پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. هڪ ڪتاب جو چوڻ هو ته مولوي صاحب جي بيان ۾ وقت جي سياست جي چال صاف ڏيڻ ۾ اچي رهي آهي.
ٻي ڪتاب جو چوڻ هو ته مولوي صاحب رب جي بندن جي اڳيان جواب ڏيڻ کان ڊڄندو آهي ۽ ماڻهن جي ڇند ڇاڻ کان جند ڇڏائڻ لاءِ رب وٽ لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هڪ منطق جي ڪتاب ڳالهائيو هي ته ايئن ئي آهي جيئن ڪو چور ڪنهن جي مينهن ڪڍي ڇڏي ۽ هن جي ئي مالڪ کي چئي ته تون مون کان مينهن جي چوري جي باري ۾ نه پڇ. رب پاڻ ئي پڇي وٺندو.
هڪ ڪتاب چيو ته مولوي فضل الرحمان ماڊرن مولوي آهي. پر هن کي اسلامي شريعت ۾ ماڻهن کي ڏنل سياسي حق ضرور ياد هوندا. جلال الدين سيوطي جي ڪتاب تاريخ الخلفاءَ ڳالهائيو ته حضرت عمر رضي الله عنه کان ته هڪ عام ماڻهو، هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو هي پڇي سگھندو هو ته خليفي عمر جيڪا قميض پائي رکي آهي، اها ڪٿان آئي آهي.
اڄ جي زماني جا مولوي شولوي عام پاڪستاني کي اهو اختيار نٿا ڏين ته هو انهن کان هي به پڇي سگھي ته مسجدن جا غريب مولوي پونجي پتي ۽ گاڏين جا مالڪ ڪيئن ٿيا آهن.
ڪتابن جون ڳالهيون ٻڌي مان سوچ ۾ پئجي ويس. مون کي خيال آيو ته 62 سالن تائين ورهاڱي جا چوبارا ونڊي ونڊي امت کي ننڊ جي کڏ ۾ ڌڪو ڏيڻ وارن انهن مولوين کان پڇڻ گھرجي ته انهن پوئين ڇهن ڏهاڪن ۾ پاڪستانين کي ڪهڙو اسلام سيکاريو آهي، جنهن جي برڪت سان پاڪستان برائين، ڏوهن ۽ گناهن کان پاڪ جنت ٿي ويو آهي، ۽ ماڻهو نيڪ، عبادت گزار ۽ پرهيز گار ٿي ويا آهن.
ايهي مولوي حضرات اهو ته ٻڌائين ته انهن پاڪستان مان رشوت، ڪرپشن، بي ايماني، سود، زنا، بي حيائي ۽ جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ انهي ۾ انهن کي ڪهري ڪاميابي ملي آهي؟
مولوي فضل الرحمان جئان هرڪو هي ڄاڻندو آهي ته هن کي مرڻو آهي ۽ رب جي اڳيان جواب به ڏيڻو آهي پر رب کان اڳ ۾ رب جي مخلوق جي عدالت ۾ به پيش ٿيڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ڳالهه رب حشر جي ڏينهن تي ئي ختم ڪرڻي آهي ته دنيا ۾ ڪچهرين ۽ عدالتن جي ڪهري ضرورت آهي؟
ماڻهن پڇن پيا ته مولوين مسجدن ۾ واعظن جا واڄا وڄائي وڄائي جيڪو اسلام نافذ ڪري رکيو آهي، هو اسلام آهي به يا نه؟ هن اسلام جي اٿن ٽي سٽي ڪهڙي آهي؟ ڪا اٿن ٽي سٽي آهي به يا نه ؟
وعظ جي ڳالهه مان مون کي مولوي عقل جُو جي ياد اچي وئي. هڪ ڏينهن مولوي عقل جو وعظ ڪري رهيو هو ته هن وقت مسجد ۾ هڪ ماڻهو سمهي کراٽا هڻڻ لڳو. جڏهن وعظ جي مجلس پڄاڻي تي پهتي ته مولوي صاحب هن کي پنهنجي حجري ۾ ئي گھرايو ۽ چيو، ادا نور دين! اها چڱي ڳالهه ڪونهي. جڏهن مان وعظ ڪري رهيو هئس تڏهن تون گھري ننڊ ۾ ستل هئين.
نور دين جواب ڏنو، مولوي جي! مون کي معافي ڏئي ڇڏيو، ٻيهر مان انهي جو خيال رکندس.
مولوي عقل جو چيو، تو کي مڪمل ڌيان رکڻو پوندو نور دين! ڇو جو وعظ جي لوري ٻڌي ماڻهو ستا پيا هوندا آهن ۽ مون کي انهن جي ننڊ خراب ٿيڻ جو خيال هوندو آهي. ايئن تو پنهنجي آواز جي ڪري انهن جي ننڊ خراب ڪئي آهي. ٻيهر ايئن نه ٿيڻ گھرجي.
توکي ته خبر هجڻ گھرجي ته مون کي ته چار رٽيل وعظ سدائين ڪرڻا هوندا آهن. جيڪڏهن تون انهن کي جاڳائيندين ته منهنجو ڪم وڌي ويندو. ڇو جو مون کي نوان وعظ گھڙڻا پوندا. مان ٻه چار ڳالهيون ڪيئي سالن کان ورجائي رهيو آهيان. ڪڏهن ڪنهن اعتراض ناهي ڪيو، ڇو جو ڪڏهن ڪنهن ٻڌو ئي ڪونهي.
ماڻهو دنيا جي جھيڙڻ جهڳڙن کان جند ڇڏائي سک جو ساھ کڻڻ مسجد ۾ ايندا آهن. مسجد سڪون واري جاءِ آهي. مسجد ۾ داخل ٿي دنيا جا جهيڙا ٿوري دير لاءِ ڀلجي ويندا آهن. انهي ڪري ماڻهو انهي بهاني جي ڪري مسجد ۾ اچي ويهندا آهن.
ايهي ماڻهو منهنجي لاءِ ڊالرن جا بيدا ڏيڻ واريون ڪڪڙيون آهن. مان انهن کي پنهنجي وعظ جي هنج ۾ ڍڪي رکندو آهيان. مان نٿو چاهيان ته اهي جاڳي پون. جيڪڏهن اهي جاڳي پيا ته پڇندا ۽ سوال ڪندا ته مولوي جي! اها پيجارو ڪٿان ورتي آهي؟