عام طور تي تسليم ڪيو ويندو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان، ٻنهيءَ وٽ لڳ ڀڳ 100 ائٽمي بم آهن. ٻئي ملڪ جهازن يا وري راڪيٽن جي ذريعي طئي ٿيل نشاني تي بم اُڇائي سگهن ٿا. ڀارت جي ائٽمي ٽيڪنالاجي ته شايد گهرو ايجاد آهي پر پاڪستان ئي ائٽمي هٿيارن جي ٽيڪنالاجي آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پاران سوکڙي طور ملي هئي. آمريڪي ايجنسي نه رڳو ڊاڪٽر خان کي نشانو بڻائي پاڪستان کي ائٽمي پاور بڻايو بلڪ سندس ذريعي ائٽمي ٽيڪنالاجي ليبيا، ايران ۽ اُتر ڪوريا تائين پهچائي. اِها آمريڪا جي چال هئي. آمريڪا طئي ٿيل وقت ۾ انهن ملڪن کي چئلينج ڪيو هو. ليبيا تمام پهريان اِها چال سمجهي ڪري هٿ کڻي ڇڏيا هئا ۽ تيل جا بيشمار سرچشما آمريڪي ڪمپنين جي حوالي ڪري امن پسند ملڪ بڻجي ويو هو. ايران ائٽمي هٿيار ايجاد ڪرڻ جي نيت ڪئي هئي. اڄ کان 17 سال اڳ ايران امن پسند ٿيڻ لاءِ پنهنجو تيل آمريڪن ڪمپنين کي ڏيڻ جي قرباني ڪونه ڏني، تنهنڪري اڄ هن ملڪ جي ارد گرد جنگ جو موسم آهي.
غور طلب ڳالهه اِها آهي ته ائٽم بم حملو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ هٿيار آهي، حفاظت جو ناهي. جيڪو به ملڪ حملو ڪندو سندس ڪوشش هوندي ته دشمن جي اهڙي طرح تباهي ٿئي ته تباهه ٿيل مُلڪ ٻيهر حملو نه ڪري سگهي. ظاهر آهي ته حملو، هڪ ائٽم بم سان نه بلڪ پنهنجي سگهه سان ڪيو ويندو. هو هيروشيما، ناگاساڪي وارا 20 ڪلو ٽن وارا ننڍا بم استعمال ڪونه ڪندو بلڪ وڌ کان وڌ طاقتور ميگاٽن وارا بم ڪتب آڻيندو. ڀارت ۽ پاڪستان وٽ ڪيترا طاقتور بم آهن اسانکي ان ڳالهه جي خبر ناهي. هڪ ئي وقت بيشمار ائٽم بمبن باري ٻڌائڻ اسانجي وس جي ڳالهه ناهي. ڪوشش ڪندا آهيون، اچو ته ڏسون جو هڪ ائٽمي بم جو ڌماڪو ڪهڙو نظارو پيش ڪري سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ ميگاٽن ته هڪ ئي هوندو آهي. هلو ايتري وڏي ائٽم بم جي اثرات باري ڄاڻ حاصل ڪريون. ڀارت ۽ پاڪستان ۾ (آمريڪا ۾ به ساڳئي صورتحال آهي) ماڻهون اِها ڳالهه سوچندا آهن ته ائٽمي شعائن سان جسم سڙي رک ٿي ويندو. حقيقت ان کان به خطرناڪ آهي.
ائٽم ڌماڪي واري هنڌ يعني ڇهه اسڪوائر ميل جي علائقي کي گرائونڊ زيرو چئي سگهجي ٿو. هن ايراضي ۾ موجود ماڻهن کي ته خبر ئي ڪونه پوندي ته هو ائٽم بم جي شعائن سان ڪنهن مهل ڀسم ٿي ويندا. هزارين، لکين ماڻهن جي گهرن ۽ ڀتين مٿان ڪارا ڪڪر نظر ايندا. ائٽمي ويڙهه ۾ اهڙي طرح مرڻ کانپوءِ رب سان ملندڙ سڀ کان خوش قسمت ماڻهون هوندا.
ائٽم بم جي ڌماڪي مان نڪرندڙ شعائون ۽ تپش سڄ جي تپش کان به ڪيترا ئي ڀاڱا وڌيڪ هوندي. هر پاسي ڏهه ميل جي مفاصلي تائين يعني 700 اسڪوائر ميل جي علائقي ۾ هر جاندار اچانڪ ۽ هميشه لاءِ انڌو ٿي ويندو. پنجاهه ميل جي مفاصلي تي يعني لڳ ڀڳ 7500 اسڪوائر ميل جي علائقي ۾ جيڪڏهن ڪو به شخص ڌماڪي واري هنڌ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ته سندس اک جو وچون حصو ”ميڪولا“ مڪمل طور تي سڙي ويندو. هو ماڻهون گهمڻ ڦرڻ جي حد تائين ڏسي سگهندو پر هوريان هوريان سندس نظر ختم ٿي ويندي. اچانڪ يا وري سيڪنڊ جي ڏهين حصي ۾ مري ويل خوش قسمتن جي تعداد لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو ٿيندي. باقي 90 سيڪڙو مرندڙ ماڻهن کي ڏک ۽ اذيت سهڻي پوندي.
ڌماڪي کانپوءِ باهه ۽ آنڌي، منٽن ۾ طوفان وانگر ايندي. ايتري قدر تپش هوندي جو روڊ جا پٿر پڻ پگهرجي ويندا. روڊ ڪراس ڪندڙ ماڻهون سڙي رک ٿي ويندا. ماڻهون واهن، درياهن ۾ لهي ويندا ۽ جيئن ئي پاڻي مان ٻاهر نڪرندا ته سندن جسم کي باهه لڳي ويندي، ائٽم بم جي حملي کانپوءِ بچڻ جو سوال ئي ناهي. بچي ويل بيشمار ماڻهون پاڻ کي ٺيڪ سمجهندا. کين هوريان هوريان اذيتناڪ موت جو احساس ٿيندو.
موت ۽ اذيتناڪ تباهي جو سلسلو هتي ئي دنگ نه ڪندو بلڪ ريڊيو ايڪٽيو شعائون تمام پري بلڪ سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وينديون جيڪي ڪينسر، لوڪيميا سان گڏوگڏ بيشمار خانداني بيمارين جو ڪارڻ بڻجي وينديون. ائٽمي هٿيارن کي ڇا خبر ته جنگ بند ٿي وئي آهي يا نه. ائٽمي شعائن سان متاثر ٿيل شخص مُهلڪ مرض جو شڪار ٿي ويندو آهي. ائٽمي شعائون درياهن، واهن جي پاڻي ۾ شامل ٿي ڪري تمام پري تائين هر جاندار شئي کي متاثر ڪنديون. آنڌيون ۽ برساتون به ساڳيو ڪم ڪنديون.
ائٽمي هٿيار ملڪن جي سياسي سرحدن کي ڪونه سڃاڻيندا آهن. انهن لاءِ ته لاهور ۽ امرتسر ۾ ڪو فرق ناهي. ائٽم بم هڪ شهر ۾ ڦاٽندو ته ٻيو شهر پڻ تباهه ٿي ويندو. جيڪڏهن ٻنهيءَ شهرن مٿان حملو ٿيو ته پوءِ ڪجهه چوڻ يا ٻڌڻ جي ضرورت ئي ناهي. ٻئي شهر گڏجي ڪري هڪ نئون ويران شهر قائم ڪندا جيڪو هميشه لاءِ هوندو. جڏهن به ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ائٽمي تجربا ٿيا آهن ته ماڻهن سياستدانن جي وڪڙ ۾ ڦاسڻ باوجود روڊ تي جشن ملهايا آهن، مٺايون ورهايون آهن، ائٽمي مندر اڏڻ جي ڳالهه ٿي آهي. ڀلا ڇو؟ اِهو سڀ ڪجهه بيوقوف ماڻهن خاطر ٿيو آهي. ائٽم بم جي ڌماڪي کانپوءِ گهرن ۾ ڌاتو وارين شئين ۾ بجلي جي مقدار وڌي ويندي جنهن سان مشينري وغيره ۽ بجلي سان هلندڙ سموريون شئيون سڙي وينديون. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته پيئڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڪو به ڪم نئين سري کان شروع ڪيئن ٿيندو؟ ريلوي ٽريڪ، ٽيليفون جون تارون، گاڏيون بلڪ هر شئي ۾ بيشمار بجلي واري طاقت اچي ويندي ۽ هڪ ئي گهڙي ۾ ڪُل گئس سيلنڊر، ٽينڪون، ڪارون ۽ ٽرڪ ڦاٽي پوندا. جيڪا شئي ڦاٽي نه سگهندي اُها بيڪار ضرور ٿي ويندي.
هينئر تائين اسين 1 ميگاٽن جي ائٽمي بم جي نتيجن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪڏهن ائٽمي بمبن جو تعداد ڊزن کان وڌيڪ هوندو يا وري بم 1 ميگاٽن کان به وڏو هوندو ته پوءِ هندستان ۽ پاڪستان ”کنڊرستان“ (ويرانو) بڻجي ويندا. ڪنهن فوجي ائٽمي ڪاميابي جي وقت جُهمريون پائڻ ۽ مٺايون ورهائڻ جي ضرورت ناهي بلڪ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ائٽمي هٿيارن جي ترقي بدران سمورن ملڪن کي ترقي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. ائٽمي سفارتڪاري نالي ڪا شئي ناهي. سمورن ملڪن کي ائٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرائڻ لاءِ دنيا جي ڪُل آبادي کي هڪ ٿيڻ گهرجي.