ڀائي مرن تي باهوان ڀج ديان
پتر مرن تي جاندي نان
اِها هڪ ظالم حقيقت آهي جيڪا پنجابي ٻولي جي مشهور شاعر جو ڪلام آهي. سندس نالو مونکي ياد ناهي پر اِهو ڪلام عالم لوهار ڳايو هو. اڄ مونکي اِهو ڪلام انڪري ياد آيو آهي ته اي اين پي جي اڳواڻ ۽ سرحد جي سڌ سماءُ واري وزير جي اڪيلي پُٽ ميان راشد حسين کي شهيد ڪيو ويو. شهيد ٿيل نوجوان ته هن دنيا مان هليو ويو پر ميان صاحب جو نالو هميشه لاءِ تاريخ ۾ رقم ڪرائي ڇڏيائين.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن آئون افتخار حسين کي سندس پُٽ جي قُلن تي تقرير ڪندي ٻُڌو ته مونکي عبدالله بن زبير جي جيجل امڙ جي تاريخي ڳالهه ياد آئي جيڪا هن سندس پُٽ جي لاش جي آڏو بيهي ڪري چئي هئي.
عبدالله بن زبير نبي سڳوري جو صحابي ۽ حضرت صديق اڪبر جي وڏي نياڻي جو پُٽ هو. عبدالله بن زبير مڪه جو حڪمران هو ۽ بني اميه جي حڪمران عبدالمالڪ کي خليفه تسليم نه ڪندو هو. عبدالمالڪ حجاج بن يوسف کي سندس خلاف مهم جو سربراهه مقرر ڪري موڪليو.
حجاج بن يوسف گهيرو ڪري مڪه مٿان پٿراءُ شروع ڪيو. حرم جون حدون به هن کان محفوظ نه رهي سگهيون ۽ خانه ڪعبه جي عمارت کي به الاهي نقصان ٿيو. گهيرو طويل عرصي تائين جاري رهيو جنهن سبب مڪه جا رهواسي بيحد پريشان هئا. گهيرو ايترو سخت هو ته ڪا شئي ٻاهريان اندر وڃي نه سگهندي هئي. کائڻ پيئڻ جي شئين جي کوٽ سبب ماڻهون بُک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا هئا. پر سموريون مصيبتون ۽ پريشانيون ابن زبير جي جرئت ۽ حوصلو ٽوڙي نه سگهيون.
گهيري ۾ ڦاٿل ماڻهون نيٺ ڪيستائين اذيتون ۽ تڪليفون برداشت ڪري سگهندا هئا. هوريان هوريان ابن زبير جو ساٿ ڇڏڻ شروع ڪيائون. اِهو گهيرو 7 مهينن تائين جاري رهيو. ٻنهيءَ فوجن حج دوران طواف وغيره لاءِ جنگ بند ڪري ڇڏي. حج ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ شروع ٿي وئي ۽ حجاج شهر مٿان پٿرن جي برسات ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن سان شهر جو گهڻو حصو پڻ ڊهي ويو. جڏهن مقابلو جاري رکڻ بيحد اڻائو ٿي ويو ته عبدالله بن زبير مشورو وٺڻ لاءِ سندس ماءُ حضرت اسماء وٽ ويو.
”هاڻي منهنجا پُٽ به منهنجو ساٿ ڇڏي ويا آهن ۽ جيڪي باقي آهن انهن ۾ وڙهڻ جي جرئت ناهي. اسانجو دشمن اسان سان رعايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙي وقت ۾ توهان ڇا چوڻ چاهيو ٿا؟“
حضرت اسماء جواب ڏنو.
”پُٽ توکي پنهنجي حالت جو اندازو ضرور هوندو. جيڪڏهن تون حق تي آهين ته حق لاءِ وڙهندو رهجانءِ ۽ هاڻي به حق لاءِ ويڙهه جاري رک ڇاڪاڻ ته تنهنجي ڪيترن ئي دوستن هن ويڙهه لاءِ سندن حياتين جو نذرانو پيش ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن دنياوي شئين لاءِ وڙهي رهيو آهين ته پوءِ تون کان بُرو الله جو ٻانهو ڪير هوندو. تون پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ پاڻ سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن کي ناحق مارايو آهي. جيڪڏهن توکي يقين آهي ته تون حق تي آهي پر پنهنجي مددگارن سبب مجبور آهين ته منهنجي اِها ڳالهه ضرور ياد رکجانءَ ته شريفن ۽ ايماندار ماڻهون ائين نه ڪندا آهن. تون ڪيستائين هن دنيا ۾ رهي سگهندين؟ تون حق جي واٽ ۾ پنهنجي حياتي جو نذرانو پيش ڪر ڇاڪاڻ ته زنده رکڻ کان حق جي واٽ ۾ شهيد ٿيڻ افضل آهي.“
اِها ڳالهه ٻُڌي ڪري ابن زبير چيو، امڙ مونکي ڀؤ آهي ته مونکي قتل ڪرڻ کانپوءِ بنو اميه منهنجا عضوا وڍي منهنجي لاش کي سوري تي چاڙهي ڇڏيندا. هن الله واري عورت جواب ڏنو. ”ذبح ٿيڻ کانپوءِ ٻڪري جي کل لاهڻ سان سور ڪونه ٿيندو آهي. وڃ رب کان مدد گهر ۽ پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏ. ماءُ جو جواب ٻڌڻ کانپوءِ ابن زبير هڪ ڀيرو ٻيهر همٿ سان اُٿيو. ماءُ کي آخري ڀيرو ”الله حافظ“ چوندي دشمنن جي ٽولي ۾ گهڙي ڪري سندن پاڙون پٽڻ شروع ڪيائين.
دشمنن جي ٽولي ۾ گهڙي ڪري سندن پاڙون پٽڻ شروع ڪيائين.
نيٺ جنگ جي ميدان ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويو، حجاج سندس مڙهه کي سوري تي لٽڪائي ڇڏيو. جيڪا سڄي ڏينهن تائين لڙڪندي رهي ۽ سندس ماءُ اسماء هيڏانهن لنگهندي سندس پُٽ جي لاش کي ڏسندي چيو.
”شهسوار هينئر تائين سندس سواري کان ناهي لٿو“.
هاڻي شهيد پُٽ جا قُل پڙهندي ميان افتخار حسين جي تقرير جون ڪجهه ڳالهيون ٻڌندا.
”جيستائين اسانجي جسم ۾ جان آهي اسين بندگي جي دشمنن جي خلاف جهاد جاري رکندا سين اسانکي موت اچي يا ڪجهه به ٿئي پر اِهو جهاد جاري رهندو. جيڪڏهن اُهي دهشتگرد مونکي قتل ڪري ڇڏن ها ته ڪا ڳالهه نه هئي آئون ذهني طور تي ان لاءِ تيار هوس ڇاڪاڻ ته مونکي ڪيترا ئي ڀيرا الٽيميٽم ڏن وويو. آئون سڀنيءَ کي اپيل ڪري رهيو آهيان ته اِها ويڙهه ڪنهن هڪ جي ناهي بلڪ اِها ويچار ۽ فڪر جي ويڙهه آهي. اسين انسانيت جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ وڙهي رهيا آهيون جنهن جي لاءِ اسانکي هڪ ٿيڻو پوندو.
منهنجو اڪيلو پُٽ هو جنهن کي آئون قوم خاطر قربان ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن منهنجا ڏهه پُٽ هجن ها ته آئون انهن کي به هن قوم تي قربان ڪري ڇڏيان ها، سڄي قوم جا ٻار منهنجا ٻار آهن. هينئر وقت جو مطالبو آهي ته سڀ قوتون هڪ ٿي ڪري بندگي جي دشمن قوتن جي خلاف وڙهڻ. هڪ نه هڪ ڏينهن هر شخص کي اِها دنيا ڇڏڻي آهي پر اِها افسوس جي ڳالهه آهي ته منهنجو افسوس منهنجي پُٽ سان ڪونه ڪري رهيا آهن بلڪ مون سان منهنجي پُٽ جو افسوس ڪري رهيا آهن پر آئون سمجهان ٿو ته هن ۾ رب جي ڀلائي هوندي. مونکي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو پيءُ آهيان ۽ منهنجي خواهش آهي ته منهنجي پُٽ کي 8 گوليون لڳيون آهن ۽ مونکي 10 گوليون لڳڻ سبب شهادت جو درجو حاصل ٿئي“.
ميان افتخار حسين سان منهنجي ملاقات ڪونه ٿي آهي. ڪجهه ٽي وي پروگرامز ۾ ساڻس ڳالهيون ڪرڻ جو موقعو مليو. آخري ڀيرو مونکي ۽ ميان افتخار کي پنهنجي پنهنجي انداز سان پروگرام ”لائيو ود طلعت حسين“ ۾ طلعت حسين، ڪاشف عباسي ۽ نصرت جاويد جهڙي اسٽار اينڪرز جي سامهون آرمي چيف اشفاق پرويز ڪياني جي نوڪري جي مُدت 3 سال وڌائڻ واري فيصلي جي وڪالت ڪرڻ جو موقعو مليو. بعد ۾ سندس حياتي جو سڀ کان وڏو سانحو ٿيو جيڪو وڏن وڏن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو آهي، پر ميان افتخار هينئر تائين ويڙهه جي ميدان ۾ جرئت ۽ همٿ سان بيٺو آهي جيڪا سندس بهادري آهي.
جنرل ڪياني جي حمايت ۾ منهنجي ۽ ميان صاحب جي دليل اِها هئي ته دهشتگردي جي خلاف هن ويڙهه ۾ آزمايل ڪمانڊر کي تبديل ڪرڻ نقصان جو سودو ثابت ٿيندو. بهرحال اسانجي دوستن جو خيال مختلف هو. ميڊيا آزاد آهي هر مامري ۾، ٽي وي چئنلز جي پروگرامن جي ريٽنگ کي اهميت ڏيڻي پوندي آهي. توڙي هو لام ۽ جنگ وڙهندڙ فوج هجي توڙي هن جو سپهه سالار.
(جاري)