{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > شايد اوهان يقين نه ڪريو

شايد اوهان يقين نه ڪريو

امر جليل
October 2nd, 2011
5 / 5 (1 Votes)

اڄ مان اوهان کي سچي ڪهاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. اوهان حيران نه ٿيو. دنيا جا مڃيل ڪوڙا ڪڏهن نه ڪڏهن سچ ڳالهائڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچار وات جو ذائقو بدلائڻ لاءِ ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ جو مزو وٺندو آهي. آخر ڪيستائين ڪير سڄي زندگي ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو يا سڄي حياتي سچ ڳالهائيندو رهندو. يڪسانيت ماڻهوءَ کي بور ڪري وجهندي آهي. اهوئي سبب آهي جو دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو فقط سچ نه ڳالهائيندو آهي ۽ ڪوبه شخص فقط ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي. سچار کان سچار ماڻهو به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائيندو آهي. ڪوڙي کان ڪوڙو ماڻهو ڪڏهن نه ڪڏهن سچ ڳالهائيندو آهي. ان ڪري اڄ مان اوهان کي سچي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهيان. اڄ منهنجي وات مان اوهان فقط سچ ٻڌندا، سچ کان سواءِ ڪجهه نه ٻڌندا.

 

برنس گارڊن ڪراچي جي ويجهو تماشائين جو ميڙو متل هو. جنهن ۾ ٻار، جوان ۽ پيرسن شامل هئا. ڪجهه امير هئا ۽ ڪجهه غريب. مجموعي جي وچ ۾ رحمان ملڪ ۽ ذوالفقار مرزا هڪ ٻئي سان زباني ويڙهه وڙهي رهيا هئا. ٻئي پنهنجي وات مان باهه جا شعلا ڪڍي رهيا هئا. تماشائي حيران هيا، ٻنهي کي لانگوٽي ۾ ڏسي ماڻهن کي يقين ٿي ويو ته ٻئي ڪڏهن هڪ ٻئي جا لنگوٽيايا يار به رهي چڪا آهن. ٻئي زرداري جون 2  اکيون هيا ۽ 2  ڪن هئا. بچو ڀائي منهنجي ويجهو بيٺل هو. مان بچو ڀائي کان پڇيو، ”هي ڇا چڪر آهي، 2  پڳ مٽ يار، هڪ ٻئي جا مخالف ڪيئن بڻجي چڪا آهن،“ ”زرداري جو چڪر آهي!،“ بچو ڀائي چيو . هي ٻئي فيصلو ڪرڻ گهرن ٿا ته ”زرداري ڪنهن جو آهي،“ مجموعي  ۾ بيٺل هڪ شخص اڳتي وڌيو، ٻنهي جي ويجهو وڃي، هن هٿ ٻڌي چيو ته ”برساتي ٻوڏ منهنجو سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيو آهي. بي انتها غريب آهيان. منهنجي ڪجهه مدد ڪريو.“ ٻنهي کيس ڪاوڙيل نظرن سان ڏٺو ۽ چيو ته ”اڙي انڌا ڏسين نه ٿو ته هن وقت خوفناڪ جنگ ٿي رهي آهي. هٽي وڃ، اڄ فيصلو ٿيندو ته آصف زرداري جو سچو دوست ڪير آهي.“ بدحال ٿيل ماڻهو واپس ٿيو ۽ منهن ڀيلو ڪري هڪ طرف بيهي رهيو. ان دوران ٻنهي مخالفن هڪ ٻئي جا ڪچا چٺا کولڻ شروع ڪيا. هر هڪ انڪشاف تي تماشائي خوش ٿيندا رهيا، ڪجهه تماشائي ايتري قدر حيران ٿيا جو هنن ڏندن ۾ آڱريون وجهي انهن کي رتورت ڪري ڇڏيو. هڪ پوڙهي عورت لٺ جي سهاري تي ميڙ مان ٻاهر آئي، هو آهستي آهستي خوفناڪ جنگ ۾ مبتلا مرزا ۽ ملڪ طرف وڌڻ لڳي. سندن ويجهو وڃي پوڙهيءَ چيو، ”منهنجو مڙس هڪ اخبار ۾ لکندو هو، هڪ ڏهاڙي هو غائب ٿي ويو. اهڙو گم ٿيو جو وري ٻيهر واپس موٽي نه آيو، اوهان ٻئي منهنجي مدد ڪريو، اوهان ٻئي زرداري صاحب جا دلوارا آهيو. اوهان ئي منهنجي گم ٿيل مڙس جو ڏس پتو لڳائي سگهو ٿا.“ ”دل وارو هڪ ٿيندو آهي ٻه نه،“ مرزا  ۽ ملڪ هڪ ئي وقت دانهن ڪئي، ”اڄ فيصلو ٿيندو ته زرداري صاحب جو دل وارو ڪير آهي. مان ذوالفقار مرزا يا رحمان ملڪ هلي وڃ پوڙهي، هٽي وڃ، وساري ڇڏ پنهنجي بدبخت گم ٿيل مڙس کي، اڄ تاريخي فيصلو ٿيڻو آهي.“

مان بچو ڀائي کان پڇيو، ”جهڙي طرح هڪ مڙس جون 2  يا 4  زالون هونديون آهن، اهڙي طرح زرداري صاحب 2  يا 4  دل وارا ڇو نه ٿو رکي سگهي.“بچو ڀائي مسڪرائي منهنجي طرف ڏٺو ۽ چيو ”دل وارا پنهنجي پر ۾ پهاڄن کان مختلف نه هوندا آهن، هڪ ٻئي جو پتو صاف ڪرڻ ۾ لڳل رهندا آهن،“ آهستي آهستي ذوالفقار مرزا ۽ رحمان ملڪ وچ ۾ زباني جنگ وڌي رهي  آهي، ٻنهي جي وات مان باهه جا شعلا ڏسندي ڪنهن فائر برگيڊ وارن کي اطلاع ڪيو، ٻنهي دل وارن ٺونشا هڻڻ جي تياري ڪري ورتي هئي. ٻانهن جا ڪف مٿي ڪري ورتا هئا، مسڪرائي رهيا هئا. ميڙ  ۾ بيٺل هڪ پريشان شخص اڳتي وڌي  ٻنهي دل وارن کي چيو، ”منهنجي پٽ کي هڪ جاگيردار ڀنگ لاءِ اغوا ڪري ورتو آهي. اهو اوهان جو پيالي ڀائي آهي. خدا جي واسطي اوهان ٻئي منهنجي پٽ کي آزادي ڏياريو.“

 

”اڙي پري هٽ“ مرزا ۽ ملڪ گڏجي چيو، ”هن وقت اسان پاڪستاني تاريخ جو نئون باب لکي رهيا آهيون. ٿوري دير ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.“

 

”کير جو کير ته ٺيڪ آهي“ ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن دانهن ڪئي، ”پر پاڻي جو پاڻي نه ٿيڻ گهرجي، پاڻي وڏي تباهي مچائي آهي.“

 

”مان ستن ڏينهن کان بکايل آهيان“ هڪ ڪمزور شخص مرزا ۽ ملڪ کي چيو، ”مان اڪيلو ناهيان مون سان گڏ 5  ڪروڙ بکايل ٻيا به آهن، اسان کي هڪ وقت جي ماني ڏياري وڃي،“ ”ننگا بکايل فقير اسان کان پري هٽي وڃ،“ مرزا ۽ ملڪ چيو. ”سچ ۽ ڪوڙ ۾ هلندڙ جنگ پنهنجي فيصلي واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.“

 

هڪ صاف سٿرو شخص اڳتي آيو، هن هڪ ٻئي سان منهان منهن دل وارن کي چيو، ”اوهان ٻنهي وٽ زرداري جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي. اوهان ٻئي سنڌ ۾ هڪ فري ڪينسر اسپتال ڇو نه ٿا کوليو.“ هڪ ٻئي شخص اڳتي ايندي چيو ته ”اوهان هنر سيکارڻ واري انسٽيٽيوٽ ڇو نه ٿا کوليو؟ ماڻهو هنرمند ٿيڻ بعد پنهنجي روزي روٽي پاڻ ڪمائيندا، اوهان کان سرڪاري ملازمت نه گهرندا.“

 

ان دوران خبر ناهي ڇو، تماشائي آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳا، گهيرو تنگ ڪر ڻ لڳا، انهن ۾ سڀ کان اڳتي ننگا ۽ بکيا ٻار هئا، ٻارن اڳتي وڌي مرزا ۽ ملڪ کي لانگوٽن مان پڪڙي ورتو ۽ چيو ”اسان جيئڻ چاهيون ٿا، اسان پڙهڻ چاهيون ٿا، اوهان ٻئي گذريل 5 6  سالن کان نالا ۽ شڪليون بدلائي اسان کي اونداهي ۾ ڌڪي رهيا آهيو“ مرزا ۽ ملڪ ڇرڪ ڀري پڇيو ”توهان ڪير آهيو ، ڇا جن ته ناهيو؟“ ٻارڙن چيو ته ”اسان هڪn  ملڪ جو مستقبل آهيون.“