{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > خبر ڪيئن غائب ٿي وئي!

خبر ڪيئن غائب ٿي وئي!

وسعت الله خان
October 4th, 2011

پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جتي هاڻي ڪو به خبر ناهي ۽ خبر جي نالي تي لاڳيتو بوريت شايع ڪئي پئي وڃي. اخبار شايد انڪري شايع ٿي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته اشاعت هڪ مجبوري آهي. ٽي وي چئنل انڪري جاري آهن ڇاڪاڻ ته اشتهاري دنيا هنن کي مال ۽ دولت سان نوازي رهي آهي.

 

ها اشتهاري عذاب گهٽائڻ لاءِ ڪير آسيبي، جناتي، جرمي، مذهبي، مزاحيه ۽ بحث مباحثي وارا پروگرام نشر ٿيندا آهن پر خبر ڪٿي آهي؟

 

جنهن شئي کي خبر ڄاڻائي وڪرو ڪيو پيو وڃي هن مان حيرت جو بنيادي عنصر غائب آهي. ۽ بنا حيرت جي خبر ائين ٿيندي آهي ڄڻ ته مکڻ کانسواءِ ڏڌ، سڻڀ کان پاڪ رس، بنا سوپاري جي پان، گونگي جو راڳ يا انڌي جي مصوري.....

 

مثال طور خبر جي نانءُ تي روزانو جيڪي ڳالهيون نشر ٿينديون آهن اُهو اصل ۾ ائين آهي.

 

چيف جسٽس فلاڻي اداري يا ماڻهو جي ڪرپشن جو نوٽيس ورتو.

شاگردياڻي جي بيحرمتي ڪندڙ طاقتور ماڻهن ضمانت ڪرائي ورتي آهي.

فلاڻي علائقي جا شهري ارڙهن ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ سان ڦٿڪندا رهيا.

جمهوريت خلاف سازشون جاري آهن.

پاڪستان اندروني ۽ بيروني چئلنجز جو شڪار آهي.

آمريڪا پاران ڊومور جو مطالبو.

بلوچستان مان چٿڙيل مڙهه ملڻ جو سلسلو جاري آهي.

بم ڌماڪي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا.

ڊرون حملن ۾ 6 قبائلي مارجي ويا.

آءِ ايس آءِ جي افغان سرڪار پاران مذمت.

ڊينگي وڌيڪ 6 ڄڻن کي موت جي وادي ۾ پهچائي ڇڏيو.

ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ فلاڻي روڊ تي ڌرڻو.

ٻيل سواري تي هڪ ڀيرو ٻيهر پابندي.

پوليس مقابلي ۾ 4 ڌاڙيل.

پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ.

پي آءِ اي جي جهاز ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ، ايمرجنسي لينڊنگ.

ريلوي جو خسارو بُلند ترين سطح تي پهچي ويو.

ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل، ڌار، گڏجي وئي، ڌار ٿي وئي......

قبائلي جهيڙن ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا.

ٻارهن پاڪستاني رهواسي غير قانوني طور ترڪي کان يورپ ۾ داخل ٿيندي گرفتار.

پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ٻئي مرحلي ۾ پهچي ويو وغيره وغيره وغيره.

 

ذرا دل تي هٿ رکي ڪري ٻڌايو ته هڪ  عام پاڪستاني شهري لاءِ هن يا وري هن سان ملندڙ واقعن ۾ ڇا نئون آهي جيڪو حيران ڪندڙ آهي، جنهن تي اُهي خوشي وچان ٽپو ڏئي ڪري ڏک وچان مٿي تي هٿ رکي ويهي رهي. ڪڏهن ته سمورن واقعن جو شمار يقينن خبرن ۾ ٿيندو هوندو پر هاڻي هنڌاڻي جي ڇلڙ يا وري نڙي ۾ وڌل ڪتي جي پڇ کانسواءِ ڇا آهن....

 

پر ميڊيا به ڇا ٿو ڪري سگهي. هڪ ڏينهن اُهو ويچارو خبر جي نانءُ تي پٽاٽا گوشت پچائي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن گوشت آلو ڇڏي مزو بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

 

جو دل ڪو هي خبر ڪهين ملتي نهين خبر

هر صبح اڪ عذاب هي اخبار ديکنا

 

(عبيد الله عليم)