{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > آمريڪا جون حالتون ۽ اقتدار ۾ ڇڪتاڻ

آمريڪا جون حالتون ۽ اقتدار ۾ ڇڪتاڻ

ويچار ڊيسڪ
November 4th, 2011

آمريڪا ۾ لکين ماڻهو ”آڪوپائي“ لهر جي حمايت ڪري رهيا آهن. هر هنڌ ماڻهن ڌرڻا ڏئي رهيا آهن. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا شاگرد احتجاج ڪري رهيا آهن. ٽريڊ يونين سان گڏوگڏ ٻيا ادارا هاڻوڪي حالتن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. پر ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪو نه ڪو احتجاجي مظاهرو جاري آهي.

 

آڪ لينڊ ڪيليفورنيا ۾ اڄ عام هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن پهريان هتي پوليس وحشياڻي طريقي سان آڪوپائي آڪ لينڊ جي خيمن تي حملو ڪيو هو. آڪ لينڊ جي ميئر زين ڪوان معافي گھرندي چيو ته کيس خبر ناهي ته پوليس کي حملو ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو. ٻئي پاسي پوليس پنهنجي ويب سائٽ تي اعلان ڪيو آهي ته هن کي ميئر حملو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. آڪ لينڊ واسي ميئر زين ڪوان کان استعيفا جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

 

آمريڪا جنهن کي هن دنيا ۾ سورگ چيو ويندو هو ساڳئي سورگ ۾ هلچل ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟ گذريل 30 سالن دوران آمريڪا واسين جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿئي آهي. 5 ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار آهن. آبادي جو وڏو انگ ڪم ڪندي غريب سڏائي رهيو آهي. معني اُهي خاندان پي چيڪ کان پي چيڪ تائين محدود آهن جڏهن ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ غربت کان فقط هڪ چيڪ پري آهن. ڪريڊٽ ڪارڊن جو قرض وڌي ويو آهي. 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي بيروزگار آهي.

 

شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا جتن ڪري رهيا آهن جڏهن ته تعليم جا خرچ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته استاد 1 ٽريلين جا قرضي آهن ۽ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد بيروزگاري جو شڪار ٿي ويندا آهن. ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود بيروزگاري جو منهن ڏسندا آهن ڇاڪاڻ ته گذريل 30 سالن ۾ سرڪار وظيفا ۽ مالي امداد جو سلسلو ختم ڪري قرضن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اِهو نئون سلسلو شروع ٿيڻ سان ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا شاگرد قرضي ٿي رهيا آهن.

 

ساڳئي ريت کاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ هر شئي جو اگهه وڌي رهيو آهي. عوام ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي کان پريشان آهي. سرڪار هر شئي تي ٽيڪس لاڳو ڪري رهي آهي. ميڊيڪل انشورنگ جو اگهه آسمان تائين پهچي ويو آهي. 5 ڪروڙ ماڻهو ميڊيڪل انشورنس کان محروم آهن. هنن جي سر تي هميشه قرض جي ترار لڙڪندي آهي. عام ماڻهو لاءِ آمريڪا ۾ جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ هر ڪو هتان نڪرڻ جو رستو ڳولي رهيو آهي.

 

ٻئي پاسي سرڪار ۽ بيوروڪريسي عوامي ناڻي مان اربين کربين ڊالر وڏيرن ۽ وياجين جي حوالي ڪري رهيا آهن. اوباما ۽ بش سرڪار اٽڪل 16 ٽريلين ڊالرن جو گهوٽالو ڪيو. هن سان گڏوگڏ عراق، افغانستان، پاڪستان ۽ ليبيا جي ويڙهه لاءِ اربين کربين ڊالر برباد ڪري ڇڏيا. وياجين جا کيسا ڀرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آهن.

 

حالتن جا ڏکويل ماڻهو روڊن تي نڪري سرڪار ۽ حڪمرانن جي حدن کان نڪري ڪري مسئلن جو حل ڳولي رهيا آهن. اُهي اسڪولن، ڪاليجن، محلات، آفيسن ۽ جنرل اسيمبلين ۾ مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ ويچار ونڊ ۽ مشاورت ڪري رهيا آهن ۽ سمورا مسئلا نبيرڻ لاءِ نوان نوان حل پڻ ڳولي رهيا آهن.

 

حڪمران طبقو ۽ ميڊيا گڏجي ڪري عوام کي قديم حدن ۽ قديم ادارن تائين محدود رکڻ لاءِ جوڙجڪ ڪري رهيا آهن. پر عوام ظلم ۽ جبر برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عوام کي نٿو لڳي ته صدر، ڪانگريس، ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي هنن جا مسئلا نبيرڻ چاهي ٿي.

 

حالتن جو مطالبو آهي ته عوامي سهڪار سان نئين حڪومت ۽ قوت کي جنم ڏنو وڃي جنهن سان بدحال عوام جون حالتون بدلجي سگهن ٿيون. حڪمران طبقو اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ڇڪتاڻ جي ڪري حالتون بدلجي سگهن ٿيون.