سنسار جي هن منڊي ۾ معصوم زندگين کي به سزا ڏني وئي آهي. هر طرح جي رنگ روپ وارا معصوم ٻار ميسر آهن. خريدار کي جهڙو به ٻار گهرجي، ملي ويندو. قيمت به تمام گهٽ پر رنگ روپ ۽ ٻار جي سڀاء جي مطابق، 500 رپيه کان وٺي 2000 رپيه تائين. معذور ٻار صرف 5 سئو رپيه ۾، ڪاري رنگ وارو ٻار 800 رپيه ۾، ڪڻڪائي رنگ وارو ٻار هڪ هزار کان پنڌرهن سئو رپيه تائين ۽ صاف رنگ واري معصوم جان جي قيمت سورهن سئو کان ٻه هزار رپيه آهي.
اها اسانجي مهان ملڪ جي اُها ڪاري تصوير آهي، جنهن کي ڪو به ڀارت واسي سندس گهر ۾ ٽنگڻ لاءِ تيار ڪونهي. پر حقيقت ته حقيقت آهي. خبر ته پهريان به هئي ته پنهنجي ملڪ ۾ ڍور ۽ پکين جي منڊي وانگر ئي معصوم ٻارن جي منڊي به لڳندي آهي، پر هن حقيقت کان پردو تڏهن کنيو ويو جڏهن اُتر پرديش جي گادي واري هنڌ لکنئو ۾ ٿيندڙ ڪاروبار کي هڪ صحافي بينقاب ڪيو.
پنهنجي گهر کان بيزار ٿيل ٻار جڏهن ڪم جي ڳولا ۾ شهرن ڏانهن منهن ڪندا آهن ته اُهي ٻار واپارين جي ور ڇڙهي ويندا آهن. اُهي واپاري کين گهرن، هوٽلن ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڏيارائڻ جا خواب ڏيکاريندا آهن، ۽ بعد ۾ ڍور وانگر وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن. اُهي وڪرو ٿي ويندا آهن، پر هنن معصومن کي تڏهن خبر پوندي آهي جڏهن سندن مالڪ کين ڪني ۽ بيڪار قسم جي کاڌي کانسواءِ ڪجهه نه ڏيندا آهن.
اُهي معصوم ٻار سموري حياتي لاءِ زرخريد ملازم بڻجي ويندا آهن. لکنئو ۾ جنهن جنگجو گينگ جو پردو فاش ڪيو ويو آهي، هو گذريل 20 ورهين کان اهو ئي ڪاروبار ڪري رهيو آهي. ٻار وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار نه رڳو لکنئو تائين محدود آهي بلڪ ملڪ دلي کان آنڌرا پرديش، راجسٿان، بهار، ڪرناٽڪا، مڌ پرديش ۽ پنجاب تائين هن جون پاڙون موجود آهن. ڳالهه هتي ئي ختم ڪونه ٿيندي. هنن معصوم ٻارن کي جسماني تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جو شڪار پڻ بڻايو وڃي ٿو.
هونئن ته سموري دنيا ۾ ٻار وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي هر سال سموري دنيا ۾ 40 لک جي لڳ ڀڳ ٻارن جو ڪاروبار ڪيو ويندو آهي. ڀارت ۾ ساليانو اهو انگ 10 لک آهي. هنن معصوم حياتين کي زبردستي هن ڪاروبار ۾ ڌڪيو وڃي ٿو. اڃان جن ٻارن جي کيڏڻ جي عمر آهي، اُهي فيڪٽرين، هوٽلن ۽ وڏي گهرن ۾ زندگي کي گهلڻ لاءِ مجبور آهن.
اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي رهيو آهي، جڏهن ملڪ مان چائلڊ ليبر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. چائلڊ ليبر ته هڪ پاسي، اهي ته ٻارن جي غلامي طرفان وڌندڙ ڀارت جي داستان آهي. هن داستان کي اسانجا حاڪم ٻڌڻ نٿا چاهن ڇاڪاڻ ته هو هن ڀارت جي نمائندگي ئي ڪونه ڪندا آهن. حاڪم ٽاٽا ۽ انباني جي انڊيا سان آهي، سونو، راجو ۽ گولو جي ڀارت سان نه.
واضع ڳالهه اها آهي ته هي هن ڀارت جي اصلي تصوير آهي، جنهن کي مستقبل جي وڏي طاقت تسليم ڪيو وڃي ٿو. دراصل، اسانجي حڪمرانن ملڪ جي معني تبديل ڪري ڇڏي آهي. حاڪمن لاءِ ماڻهون ملڪ ڪونه آهن! هنن لاءِ ماڻهن سان هر طرح جو تشدد ناانصافي ڪري حيران پريشان ڪندڙ شاپنگ مالز ٺهرائڻ واري ڀارت مهان جا بلڊرز آهن. هنن شاپنگ مالز جي بُنياد ۾ لڳل پورهيت جي پگهر ۽ رت جي ڪو قيمت ڪونه آهي.
آخر ۾ اهو ضرور چوندس ته، ڀارت جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ ڀارت جي اصلي واسين کي اڳتي اچڻو پوندو. پنهنجي خراب حالت جو الزام رب کي ڏيڻ بدران اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هن لاءِ ملڪ تي قابض سياسي ڌريون ۽ عوام دشمن پاليسيون ئي ذميوار آهن. پاليسين ۾ تبديلي لاءِ اقتدار ۾ عوامي ڌرين جو اچڻ ضروري آهي. ملڪ جي سياسي حالت اهڙي آهي ته نئين ۽ عوامي تحريڪون پيدا ٿي سگهن ٿيون. عوامي تحريڪون ئي ملڪ جي تقدير تبديل ڪندڙ سياسي ليڊرشپ کي اڳتي وڌائينديون. اهو اڻائو ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ته لڳندو، پر ڪجهه به ناممڪن ڪونهي. ماڻهون ئي ته ناممڪن کي ممڪن بڻائيندا آهن. آخر ۾ گرچرن ڪور ڪوچر جو اهو شعر توهانجي خدمت ۾ پيش ڪندس.
ائين نه روڄ راڙو ڪن،
نه روئڻ نه اکين ۾ لُڙڪ ڀرن،
ڏينهن سندن ضرور ڦرندا،
اُڄڙيل گهرن کي خط لکو.