کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > پراڪسي وار جي ڪوڙي حقيقت

پراڪسي وار جي ڪوڙي حقيقت

سهيل وڙائچ
July 19th, 2008

پاڪستان ۾ سچ ڳالهائڻ جو رواج ڪونهي، اسين پنهنجي پوڙهي پيءُ ۽ پنهنجي راز دار ذال سان ۽ ايستائين جو پنهنجي ننڍي ۽ معصوم ٻارن سان به سچ ڪونه ڳالهائيندا آهيون، ساڳيو حال رياست جي حڪمرانن جو به آهي هو پن هنجي عوام کي سچ ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. جنهن معاشري، رياست، ۽ خاندان کي خطرو هجي ته هتي سچ به نه ڳالهايو وڃي ته ظاهر آهي هتي تباهي کان علاوه ڪهڙي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي.

 

اسان مان ڪو به اهو ڪوڙو سچ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پاڪستان ۾ ٽين عالمي جنگ هلندڙ آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي سپرپاور، ٻي جنگ عظيم کانپوءِ پنهنجي سڀ کان وڏي دشمن ”اُسامه بن لادن ۽ سندس القائده دوستن“ جي نالي تي پاڪستان جي سرزمين تي هلندڙ آهي. اسين اڃان تائين اکيون بند ڪري ويٺا آهيون حالانڪ سمورو ملڪ خانه جنگ جي حالت ۾ آهي. بلوچستان باهه جي ڀانڀڙ ۾ آهي.

 

صوبي سرحد ۾ ته هر پاسي بنياد پرستي جا بم ۽ ڀانڀڙ مضبوط ٿي چُڪا آهن. پنجاب ۽ ڪراچي ۾ خودڪش بمبار پنهنجا فيصلا مڙهڻ لاءِ ٽولن جي صورت ۾ اچي رهيا آهن. اهڙي حالات ۾ سچ ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن هر ڪو خطري کي سمجھي سگهي ۽ خطري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي سگهي پر ائين ڪونه ٿيندو نه وري ٿي رهيو آهي اها ئي شئي بنياد پرستي جي خطرن کان به وڌڪ خطرو آهي.

 

هن مهل سموري دنيا ۾ حالات جو جائزو وٺندڙ ۽ قوم کي هن ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي ذميواري ليڊرن جي هوندي آهي پر اسانجي بدنصيبي آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڪجهه اڳواڻ خوف جي سبب سچ ڪونه ڳالهائي رهيا آهن ۽ ڪجهه چالاڪ عقل استعمال ڪري مصلحت جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ چاهن ٿا. اسانجي وڏي بدنصيبي آهي ته پاڪستان ايتري خطرناڪ حالت ۾ وڪوڙيل آهي ته مصلحت ۽ خوف سان مسئلا حل ٿيندي نظر ڪونه اچي رهيا آهن.

 

مسئلن جو حل، خطرن جي سامهون بيهي ڪري اکين ۾ اکيون وجھي هنن کي چئلينج ڪرڻ سان آهي. چيو وڃي ٿو ته آصف علي زرداري کي موت جي ڌمڪي ڏني وئي آهي ۽ هر ڪو اهو ڄاڻي ٿو ته نواز شريف جي جان به خطري ۾ آهي. حقيقت آهي ته کين پنهنجي جان جي حفاظت ڪرڻ گهرجي پر شايد اُهي پنهنجي جان جي حفاظت ڪندي 16 ڪروڙ عوام جي زندگين جي قسمت بنياد پرستن جي حوالي نه ڪري ڇڏن.

 

خوف ۽ مصلحت پرستي سدائين جابر حملو ڪندڙن لاءِ مفيد ثابت ٿيندي آهي. هلاڪو ۽ چنگيز خان پنهنجي حملن کان اڳ ماڻهن کي خوفزده ڪندا رهيا ۽ ويجھو اچڻ تي هر ڪنهن کي صلح صفائي سان پرچائيندا هئا پر حملي ۾ بي رحمي سان خوفزده مصلحت پسندن ٻنهيءَ جون منڍيون وڍي ڇڏيندا هئا. افسوس آهي ته ڪو به تاريخ کان سبق پرائڻ لاءِ تيار ڪونهي.

 

هن مهل رياست پاڪستان جو سڀ کان وڏو سچ اهو آهي ته هتي هڪ برادر اسلامي ملڪ ۽ آمريڪا بهادر جي وچ مفادن لاءِ پراڪسي وار هلندر آهي، توڙي اهي بهادر ۽ برادر ڪيترن ئي عالمي مفاد لاءِ گڏ آهن ۽ برادر هر پير ۽ بهادر کان ڊڪٽيشن وٺندو آهي پر پاڪستان جي مامري ۾ ٻنهيءَ جي ايجنڊا مختلف آهي، بهادر چاهي ٿو ته ائٽمي پاڪستان، جمهوريت جي مثال بڻجي وڃي ۽ بنياد پرستن جي خلاف جنگ وڙهي ۽ بنياد پرستن کي تباه ۽ بربار ڪري بهادر جا هٿ مضبوط ڪري، هن جي عيوض ڊالر ملندا. ٻي پاسي برادر چاهي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت اچي وئي ۽ هن کانپوءِ خليج جي حڪمرانن تي جمهوريت جو بار وڌندو ان ڪري برادر چاهي ٿو ته بهادر پاڪستان ۾ ئي ڦاسي پوي ۽ هتي ئي پنهنجي طاقت جو لاڳيتو استعمال ڪري ڪمزور ٿي پوي.

 

پاڪستان جي سگهاري حلقن ۽ ليڊرن کي پراڪسي وار جي ڄاڻ آهي پر اُهي عوام کي ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. چيو وڃي ٿو ته صدر مشرف هاڻي بهادر کي برادر جي حوالي سان شڪايت ڪري رهيو آهي پر پاڪستان جا سياسي اڳواڻ ملڪ ۾ پراڪسي وار تي خاموش آهن، کين عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته بنياد پرستن کي پئسو ۽ اسلحو ڪٿان ملي رهيو آهي، آخر ڪهڙو سب آهي ته آمريڪا بهادر ۽ پاڪستان گڏجي ڪري 600 کان 700 غير ملڪي بنياد پرستن جو خاتمو ڪونه ڪري سگهيا هن ڳالهه ۾ ڪهڙي پابندي آهي ته انهن بنياد پرستن جي خلاف وڏو آپريشن ڇو نٿو ڪيو وڃي.

 

دنيا جو اصول آهي ته سچ جي طاقت سان عوام ۽ حڪمران مضبوط ٿي سگهن ٿا. رياست طاقتور ٿي سگهي ٿي. پوءِ ڇا ڪارڻ آهي ته اسانجا حڪمران، عوام کي سچ ۽ حقيقت باري ڪونه ٻڌائيندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته سچ ڳالهائڻ سان مسئلا جلدي حل نه ٿي سگهن پر گهٽ ۾ گهٽ اسانکي باهه هڻڻ وارن جي خبر ته پئجي ويندي ۽ اسين مرندي، مرندي حق ۽ باطل جو فرق ته سمجھي سگهندا سين.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com