سموري دنيا جي مالياتي منڊين ۾ طوفان آهي جيڪو مالياتي منڊين کي تيزي سان تباهي ڪري رهيو آهي پر پاڪستان کانسوا ڪنهن به ملڪ ۾ اسٽاڪ بروڪرز ناراضگي جو اظهار ۽ ڀڃ ڊاهه نه ڪئي آهي. دنيا جي هر حصي ۾ پيٽرول ۽ توانائي جي وڌندڙ قيمتن حڪومت کي بيوس ۽ لاچار ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستان کان علاوه ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي صنعت ڪارن ۽ سرمائيدارن جي ٽولن احتجاج ڪندي ڪاروبار بند ڪيو هجي ۽ وڏي بيحيائي سان حڪومتي امداد (سبسڊي) جو مطالبو ڪيو هجي.
حيرت جي ڳالهه آهي ته اُهي ماڻهون جيڪي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ماڻهن کي پريشان ڪري ناپاڪ حد تائين امير بڻجي ويا آهن اڄ پنهنجي منپسند سرمائيداري نظام جي ڪني پهلوانن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻي هن نظام سبب کين گهرو ڌڪ رسي رهيو آهي. اسانجي خيال ۾ پاڪستاني عوام لاءِ اُهي ماڻهون اصلي طالبان آهن.
جنهن معاشي ماڊل ايترا امير ۽ ايترا غريب پيدا ڪيا هن جو بُنياد ريگن ۽ ٿيچر جي زماني کان شروع ٿيو. تڏهن کان وٺي اڃان تائين دنيا جون ڪيتريون ئي معيشتون هڪ منڊي جي ڦوڪڻي کان ٻي منڊين تائين ڦوڪڻن جو سفر آهي. جڏهن هڪ ڦوڪڻو ڦاٽي ٿو ته معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ٻيو ڦوڪڻو پيدا ڪندو آهي. هاڻي شايد ٻين ڦوڪڻن جي گُنجائش ناهي.
سڀ کان پهريان ته آمريڪا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ڦوڪڻي وانگر ڦوڪجي پئي آهي. ڪاغذي ڪارپوريشن جا شيئرز رات ئي رات ۾ هزار سيڪڙو وڌڻ شروع ٿيا. هن ڦوڪڻي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کان وٺي صاحب ماڻهن کي به پنهنجي گرفت ۾ ورتو. جڏهن اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڦوڪڻو ڦاٽو ته لکين ماڻهون برباد ٿي ويا.
هن کانپوءِ جوا باز ڪو سرمايو ريل اسٽيٽ مارڪيٽ تي ڇائجي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي قيمتون چار سيڪڙو کان پنج سيڪڙو وڌي ويون. جنهن گهر جي قيمت هڪ لک ڊالر هئي ساڳي گهر جي قيمت چار لک ڊالر ٿي وئي. جڏهن ريل اسٽيٽ مارڪيٽ جي ڦوڪڻي مان حوا نڪتي ته ڪروڙين گهر برباد ٿي ويا ۽ جوا باز سرمايو پيٽرول ۽ ٻين جنسن جي مارڪيٽ ۾ گهڙي ويو. معني اولهه جون معيشتون هڪ ڦوڪڻي مان نڪرڻ لاءِ ٻيو ڦوڪڻو ايجاد ڪري رهيون آهن. هاڻي معاشي ڦوڪڻي مان نڪرڻ لاءِ ڪو نئون ڦوڪڻو ڳولي رهيون آهن.
پاڪستان جهڙا ترقي پذير ملڪ جتي ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف، نئون اولهه جو ڦوڪڻو ماڊل نازل ڪيو هنن جي ڪهاڻي به ساڳئي آهي. پاڪستان جي ريل اسٽيٽ جو ڦوڪڻو به آمريڪا جيترو ئي بازاري هيو. فرق صرف ايترو هو ته جڏهن ريل اسٽيٽ جون قيمتون وڌيون ته پاڪستان ۾ ناجائز قبضو گروپ ٻين ماڻهن جي زمينن ۽ گهرن تي زبردستي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. هن غير قانوني ڪاروبار سبب مامرو ويتر خراب ٿيندو رهيو. اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن پر پاڪستانين کي به رات ئي رات ۾ امير ٿيڻ لاءِ ريل اسٽيٽ جو بُخار چڙهيل هيو ان ڪري جڏهن اهو ڦوڪڻو ڦاٽو ته احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه ڪونه ٿي.
هن جي برعڪس مارڪيٽ جي ڪيترن ئي ورهين جي ڦوڪڻي ۾ امير ۽ سگهارا ماڻهون شامل هئا. البته ڪجهه درمياني طبقي جي نصيب آزمائيندڙ ماڻهون هن بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. 2002ع ۾ ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ انڊڪس 1400 جي ويجھو هئي جيڪا 2007ع تائين ايندي ايندي 16000 جي حد پار ڪري وئي. معني اسٽاڪ مارڪيٽ انڊڪس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو. ظاهر ڳالهه آهي ته هن جي ذريعي هزارين ماڻهون لک پتي ۽ ارب پتي بڻجي ويا هوندا.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اهڙو غير معمولي اضافو اسٽيٽ بئنڪ جي نقصان واري پاليسين معني زر کي بي حساب ڦهلائڻ سبب رسيو. اهڙي پاليسي جو منطقي نتيجو پئسي جو ڦهلاءَ ئي هوندو آهي جيڪو آخر ۾ پنهنجي خالقن کي کائي ويندو آهي. هن کان علاوه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڏاڍو منافعو ڪمائيندڙ ڪارپوريشنز ۽ سرمائيدارن بنيادي معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪونه ڪئي. انفراسٽرڪچر ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو جنهن جو هڪ نتيجو بجلي جي بدترين لوڊ شيڊنگ آهي. بيشڪ دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ به نقصان رسايو آهي پر پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڦوڪڻو کي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ڦاٽڻو هو.
هاڻي جڏهن اسٽاڪ مارڪيٽ جي رنگين پارٽي ختم ٿي آهي ته ساڳيا ماڻهون جن ڪروڙين رپيه ڪمايا اڄ ”ناانصافي“ جون دانهون ڪري رهيا آهن. دراصل هو چاهن ٿا ته حڪومت سندن جوا جو هرجاڻو ادا ڪري. ۽ اُميد موجب مارڪيٽ ۾ هيٺ ڪرندڙ اسٽاڪ خريد ڪري (هڪ فنڊ جي ذريعي) ائين ئي ڪري رهي آهي. هن سان هڪ دفعو وري ثابت ٿيو آهي ته حڪمران هڪ ٻي مٿان وار ڪري رهيا آهن.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي امير، امير کان امير ٿي ويو آهي ۽ غريب، غريب کان غريب ٿي رهيو آهي هتي امير ايتري طاقت سان پنهنجي مفاد جو تحفظ ڪري رهيا آهن. ڪالهه تائين هو آزاد منڊين جي فلسفي کي آسمان کان نازل ٿيل شئين جو درجو ڏيندا هئا ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان کين منافعو حاصل ٿي رهيو هو. هاڻي جڏهن عالمي مارڪيٽ جي طوفان ۾ ڦاسي پيا آهن ته اُهي ”غير منڊي طاقتون“ معني حڪومت کي دخل اندازي لاءِ سڏ ڪري رهيا آهن. اُهي چاهن ٿا ته هن گند کي عوام جي ذريعن سان صاف ڪيو وڃي.
حڪومت کان اجايو مدد گهرڻ هر سرمائيدار معاشري ۾ عام طور تي هوندو آهي. آمريڪي حڪومت به انهن بئنڪن ۽ بلڊرز جي مالي امداد ڪري رهي آهي جيڪي سموري خرابي جا ذميوار هئا. آمريڪي ناڻو انهن صنعتن کي بچائڻ لاءِ وڏي رقم ڏئي رهيو آهي جيڪي پنهنجي تباهي جا ذميوار پاڻ آهن. پر لکين ٽريڊرز ۽ ڀائيوار برباد ٿي ويا آهن. جڏهن آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لکين ماڻهون پنهنجي جسم تان ڪپڙا لهرائي چُڪا هئا تڏهن سندن مدد ڪرڻ لاءِ ڪو به نه پهچي سگهيو. هر ڪنهن سمجهيو ته جڏهن توهان جوا کيڏندا آهيو ته هن ۾ شڪست جو امڪان تمام گهڻو هوندو آهي. پر پاڪستان جو امير طبقو هن جوا کي پنهنجو فطري حق سمجھندي مطالبو ڪندو آهي ته جوا ۾ صرف هن کي ڪاميابي حاصل ٿئي.
پاڪستان جا امير مساوي راند تي يقين ڪونه ڪندا آهن. هو سدائين حڪومت جي ڇانو ۾ نشونما حاصل ڪندا آهن. ان ڪري هندستانين جي برخلاف پاڪستان جو ڪو به صنعتي گروپ عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو نه ڪري سگهيو. آزاد منڊي جي فلسفي جون بُرايون پنهنجي جاءِ تي پر پاڪستان جو سرمائيدار ته آزاد مقابلي کي به نٿو مڃي. اسانجي هڪ معيشتدان دوست ڊاڪٽر نديم الحق (جيڪو آزاد منڊين جو وڏو حمايتي آهي) سندس چوڻ آهي ته پاڪستان جي ايليٽ ”مسواڙي ٺڳ“ جي تيار ڪيل آهي. اُهي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري حڪومت تي دٻاءُ وجھندي آهي ته کين سُٺي قيمت ڏني وڃي. اُهي ماڻهون معاشي طالبان جو ويس مٽائي چُڪا آهن ۽ سموري معاشري جو افغانستان ۽ قبائلي علائقن جي ڏاڙهي پوش گهٽ پڙهيل طالبان کان وڌيڪ نقصان ڪري رهيا آهن.
هن نظام جو سلامت رهڻ تمام ڏکيو آهي. عوامي قهر جو اُڀرڻ ضروري آهي جنهن جو نتيجو بي حساب اختلاف ۽ تضاد جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. اهو پاڪستان جي سلامتي ۽ آجپي لاءِ حقيقي خطرو آهي. پر پاڪستاني ايليٽ کي هن جي پرواهه ناهي.