اسلام آباد ۾ زيرو پوائنٽ ۽ آبپاره جي دوران سفر ڪندي توهانکي هڪ ڳاڙهي رنگ جي سرن واري بلڊنگ نظر ايندي، اها ڳاڙهي قلعي جهڙي عمارت پاڪستان جي تمام سگهاري ايجنسي انٽر سروسز انٽيلي جنس جو هيڊ ڪوارٽر آهي. آءِ ايس آءِ کي پاڪستان ۾ ڪيترا ئي ماڻهون ”رياست ۾ رياست“ ڪيترا ئي ماڻهون پاڪستان جي اصلي ۽ وڏي ”اڻ ڏٺي حڪومت ۽ ڪيترا ئي ماڻهون هن کي ملڪي سلامتي ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيندڙ اکيون ۽ ڪن چوندا آهن.“
”هو وڏو ڀاءُ ڏسي رهيو آهي“ آئون جڏهن به سندس ويجھو روڊ کان سفر ڪندي گذرندو آهيان ته مونکي جارج آرويل جو ناول ”ٽائيٽين ايٽي فور“ ياد اچي ٿو. آءِ ايس آءِ جا الاهي تنقيد ڪندڙ يا تعريف ڪندڙ هجن هن هڪ ئيو قت آمريڪي سي آءِ اي، برطانوي ايم آءِ فائيو ۽ ايم آءِ سڪس، اڳوڻي سوويت يونين جي ڪي جي جي، اسرائيلي موساد جي قابل چوندا آهن.
الاهي ماڻهون هن کي سمڊ جي تهه ۾ ٻن مڇين جي جهيڙي کان وٺي بينظير ڀٽو جي شادي ۽ پوءِ سندس قتل (۽ هن کان پهريان سندس ٻنهيءَ ڀائرن جي قتل) پاڪستاني ۽ افغانستاني طالبان جي سرپرستي ۽ هندستان ۽ افغانستان ۾ تخريبڪاري جي ڪاروايون، پاڪستان ۾ حڪومتون تاش جي پتن وانگر ٺاهن ۽ ڊاهڻ، وزير اعظمن کي معطل ڪرائڻ کان وٺي ملڪ ۾ فرقيواراڻو ۽ لساني رتوڇاڻ، گلبدين حڪمت يار کان وٺي الطاف حسين، لال مسيت جي مولوين ۽ مولوياڻين کان وٺي طالبان کي منظر عام تي آڻڻ جو ذميوار چوندا آهن.
هن کان علاوه افغانستان ۾ سرد جنگ جي دور ۾ آمريڪي مالي ۽ هٿيارن جي امداد سان مجاهدن جي تربيت ۽ سرپرستي ڪرڻ، ڪشمير کان ميلن جي مفاصلي تائين چيچه وطني کان وٺي چيچنيا تائين اسلامي شدت پسندن ۽ جهادين جون نسلون پيدا ڪرڻ، روس جهڙي سپر پاور کي مات ڏيڻ جي دعويدار، افغانستان کان روسي فوجون ڪڍڻ کانپوءِ خانه جنگي ۽ طالبان جي سرپست ۽ دهشتگرد ڪئمپن جي مدر المهام ڄاڻايو وڃي ٿو. اُها پاڪستان ۾ حڪومتن جي سياسي دشمنن کي غائب ڪرڻ، هنن تي تشدد ڪرڻ ۽ کين قتل ڪرڻ جهڙي ڪمن ۾ به شامل ڄاڻائي وئي آهي.
ڪجهه سال پهريان برطانيا جي دفاعي کاتي آءِ ايس آءِ تي طالبان ۽ القاعده جي سرپرستي جي الزامن تي مبني رپورٽ ۾ آءِ ايس آءِ کي ٽوڙڻ جي سفارش ڪئي هئي. اها رپورٽ بي بي سي جي پروگرام نيوز نائٽ ۾ نشر ڪئي وئي هئي ۽ هن رپورٽ جي سخت جواب ۾ فوجي صدر پرويز مشرف سئوين دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جو تاج آءِ ايس آءِ کي پارايو هو. جڏهن ته الاهي ملڪ ۽ ميڊيا جا ذريعه آءِ ايس آءِ کي طالبان ۽ القاعده جو همدرد، حمايتي سمجهن ٿا ۽ هن کي واقعي القاعده ۽ طالبان جي پوئتي وڃڻ واري دعوائن جي سنجيدگي ۽ حقيقت کي شڪ جي نظر سان ڏسن ٿا.
ڪجهه ماڻهون ته ايستائين به چون ٿا ته پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو کي ان ڪري قتل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته هن تسليم ڪيو هو ته پاڪستان ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي اوستائين ختم نٿو ڪري سگهجي جيستائين فوج ۽ آءِ ايس آءِ سميت سندس ايجنسين ۾ انتهاپسندن جا همدرد نيٽ ورڪ ختم نه ڪيا وڃن. پاڪستان کان آءِ ايس آءِ هڪ ”ڪارپوريٽ“ نالو بڻجي چُڪي آهي. جيئن ڪوڪا ڪولا، مارلبورو سگريٽ وغيره. ساڳئي ريت اها ٽن اکرن واري آءِ ايس آءِ!
الاهي هندستاني فلمن سياستدانن جي چوڻ تي ميڊيا ۾ هن کي هڪ ولن وانگر پيش ڪيو آهي. افغانستان ۾ هندستاني ايمبيسي کان وٺي احمد آباد جي بم ڌماڪن ۾ آءِ ايس آءِ جو هٿ ڄاڻايو ويو آهي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ بنگلاديش، نيپال ۽ سري لنگا، ڀارت ۽ ٻين ڪيترن ئي ايشيائي آفريقي ملڪن ۾ ننڏي وڏي فوجي ۽ سياسي ڪارواين جي پوئتي آءِ ايس آءِ اڃان تائين ”انڪارپوريٽيڊ“ اداري وانگر تعاون ڪندي ۽ سيڙپڪاري ڪندي ٻُڌي وئي آهي.
آءِ ايس آءِ پنهنجي مقابلي جي هندستاني جاسوسي اداري را يا ريسرچ اينڊ بنالائززونگ کي ڪيترا ئي ڀاڱا ۽ ڪيترا ئي سال پوئتي ڇڏي وئي آهي. اسلام آباد يونيورسٽي جي شعبي ڊيفنس اينڊر اسٽريجڪ اسٽڊيز ڪيترا ئي ذهين ۽ باشعور نوجوان پيدا ڪيا آهن جيڪي آءِ ايس آءِ جا ذهن سمجھيا وڃن ٿا. چون ٿا ته آءِ ايس آءِ جا انڊرڪور سفارتڪار يورپ اُتر ۽ ڏکڻ آمريڪا تائين ڪاروايون ڪندا آهن.
آءِ ايس آءِ جو اصلي ڪم پاڪستان جي 3 فوجن ۾ جاسوسي ۽ ٻاهرين ملڪ ڪائونٽر جاسوسي ڪرڻ آهي. پاڪستان آرمي جي آسٽريلوي نزاد ميجر آرڪيٿوم 1948ع ۾ هن جو بُنياد وڌو هو. ڪشمير ۾ جاسوسي ۽ ڪائونٽر به آءِ ايس آءِ جي فرض ۾ شامل هئي ۽ 1950 جي عشري ۾ پاڪستاني قبائلي علائقن کان رضاڪارن کي ڪشمير موڪلڻ ۾ به آءِ ايس آءِ مدد ڪئي هئي.
اها آءِ ايس آءِ ئي هئي جن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن جو غلط اندازو هڻي جگتو فرنٽ جي شڪست جي غلط اڳڪٿي ڪئي هئي. جڏهن ته جگتو فرنٽ وڏي انگ سان ڪامياب ٿي هئي.
ايوب خان آءِ ايس آءِ کان سندس اصلي ڪم ڇڏائي هن کي سياسي دشمنن جي ڪڍ موڪليو هو. يحيي خان جي دور ۾ آءِ ايس آءِ جو اصلي ڪم بنگالي قومپرستن ۽ شيخ مجيب ۽ سندس عوامي ليگ جي جاسوسي ڪرڻ هو. چوندا آهيون ته (بنگالي دانشورن، اُستادن) کي 1971ع ۾ ڍاڪا ۽ ڍاڪا يونيورسٽي تي پاڪستاني فوجي ڪاهه ڪندي مهل سئون جي انگ ۾ قتل ڪيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جي دوران آءِ ايس آءِ بلوچ قومپرستن ۽ سندن حمايتين جي خلاف متحرڪ رهي ۽ ڪيترا ئي جاسوس مارجي ويا.
هاڻوڪي مشرف حڪومت ۾ ڪيترا ئي بلوچ قومپرست ڪارڪنن آءِ ايس آءِ گم ڪيا آهن. پر هاڻوڪي آءِ ايس آءِ جو بُنياد فوجي آمر جنرل ضياء الحق جي دور ۾ وڌو ويو جڏهن هن جنرل اختر عبدالرحمان کي آءِ ايس آءِ جو صدر مقرر ڪيو ۽ جنرل حميد گُل جي صدارت ۾ سندس ”سياسي شعبي“ کي مضبوط ڪيو، ضياء جي دور ۾ آءِ ايس آءِ جو وڏو مشهور سياسي شعبو ضياء مخالف هستيون، ماڻهون ۽ ٽولن جي پوئتي مک وانگر گهمندا هئا، ميجر جنرل تجمل حسين ۽ سندس ڀاءُ ڀائيٽين ۽ ضياء مخالف فوجي آفيسرن جون گرفتاريون شاهنواز ڀٽو جو قتل، ضياء مخالف شيعه تنظيمون، ڪارڪنن، مولوين ۽ اڳواڻن جي جاسوسي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل ۽ فرقه پسند مذهبي شدت پسند ٽولن کي منظم ۽ مسلح ڪرڻ، کاٻي ڌر جي شاگرد نذير عباسي تي تشدد ۽ قتل ۽ ٻين ڪيترين ئي طويل وارداتون آءِ ايس آءِ جا ڪرتوت آهن ۽ خاص طور تي ضياء جي سڀ کان وڏي مخالف پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪڍ آءِ ايس آءِ ”آدم بو، آدم بو“ ڪري پئجي وئي هئي.
پا هاڻوڪي پاڪستان پيپلز پارٽي (ز) جي حڪومت ٻيو دفعو جڏهن آءِ ايس آءِ ئي سويلين حڪومت جي ماتحت ڪرڻ جو ”ٽيسٽ“ ڪيو ته اٽڪل هن جي وزير اعظم جي نوڪري ۽ حڪومت داء تي لڳيل نظر آءِ ته کيس پنهنجو نوٽيفيڪيشن ڪلاڪن ۾ واپس وٺڻو پيو.