کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > هي ”مهاتما“ ماڻهون

هي ”مهاتما“ ماڻهون

وسعت الله خان
August 11th, 2008

منجهند جو مهل هيو جڏهن آئون ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي هلي رهيو هوس. اچانڪ هڪ پيجارو بيٺي ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل ماڻهون گاڏي جو شيشو هيٺ ڪندي مونکي سڏ ڪيو ”سائين هن گرمي ۾ پگهريل ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. اچو آئون توهانکي وٺي هلان.“

 

پنهنجي هن کائيندڙ پيئندڙ دوست کي سڃاڻڻ ۾ مونکي هڪ منٽ لڳو. جيئن ئي آئون پيجارو ۾ ويٺس ته ائر ڪنڊيشنر منهنجو هوش صحيح ڪيو ته شيشي مان ٻاهر ڏسندي ائين محسوس ٿيو ته جيئن اُس ختم ٿي وئي آهي. موسم سٺو ٿي ويو آهي. زندگي جون سڀئي ڏکيايون ختم ٿي ويون آهن. ڪجهه دير کانپوءِ صفر ختم ٿي ويو. وري ڪڙڪندڙ اُس مٿي تي هئي. وري پگهر وهڻ شروع ٿي ويو ۽ وري جهان بُرو محسوس ٿي رهيو هو.

 

جڏهن ڏهه منٽن تائين پيجارو جو صفر منهنجي سوچ ۽ هر غم وساري سگهي ٿو ته پوءِ سوچيو ته هن ”مهاتما“ جو ڇا حال هوندو جنهن جي گاڏي ۽ محل جو ائر ڪنڊيشن ڪڏهن بند نه ٿيندو آهي. جنهن جا جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر جو انجن هر مهل گرم رهي ٿو. جيڪو محافظن جي گاڏي جي سائرن کانسواءِ سفر ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. جنهن کي فقط اها خبر آهي ته ٽريفڪ لائٽ جو رنگ سائو هوندو آهي. جيڪو رات 3 وڳي به ڪنهن به قسم جي فرمائش ڪري ته اُها پوري ٿيندي آهي. جنهن جي هڪ صحي سان ڪو زنده رهي يا ڦاهي تي چڙهي.

 

جنهن جي ڪنن ۾ فقط اها ئي آواز وڃي ٿي ته عوام سندس پوجا ڪري ٿو. جيڪو صرف انهيءَ اخبار جي سُرخي پڙهندو هجي جيڪي سندس پرسنل اسٽاف مارڪر سان ڪم ڪندو هجي. جنهن کي ڪڏهن عوام سان ملائڻ جي نوٽنڪي ائين ڪئي وڃي ته انبوهه ۾ شامل هر ماڻهون کي پهريان ئي صحيح طريقي سان ڏٺو ويو هجي ته سندس منهن مان ڪو اهڙي ڳالهه نه نڪري جنهن سان ”امڙ بابو“ جي مٿي تي گهنج پئجي وڃي.

 

پوءِ هڪ ڏينهن ”امڙ بابي“ کي اچانڪ ٻڌايو وڃي ٿو ته جناب توهانکي اهو محل ڇڏڻو پوندو. جناب توهانکي جيل ۾ قيد ڪيو ويندو يا توهان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ پسند ڪندا؟ جناب ماڻهون توهانجو سر گهرن ٿا، ماڻهون توهانکي قتل ڪرڻ چاهن ٿا. اهو ٻُڌي ڪري ”مهاتما“ وائڙو ٿي وڃي ٿو. سندس باقي حياتي انهن سوالن جا جواب ڳولڻ ۾ گذري وڃي ٿي جو آئون ته ڏينهن رات هن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڳاري ڇڏيا پوءِ هن قوم منهنجا بيشمار احسان ڪيئن وساري ڇڏيا. آئون ڪهڙي غلطي ڪئي. مونکي ڪنهن خبردار ڇو نه ڪيو. منهنجي دوستن کي ڇا ٿيو آهي، اُهي اچانڪ مونکان لنوائي ڇو رهيا آهن. مونکي سڀ ڪجهه پهريان ڇو نه محسوس ٿيو، وغيره وغيره.

 

وسعتن جو جادو ماڻهون کي لنگڙو، ٻوڙو ۽ انڌو ڪري ڇڏي ٿو. حقيقت کان علاوه هو سندس حقيقتون پاڻ گهڙي ٿو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس اک کلي ٿي ته سڙندڙ ٻرندڙ اُس ئي حقيقت آهي. جيڪڏهن يقين ناهي ته پوءِ گذريل پنج هزار ورهين جي ڪنهن به آمر جو حال پڙهي ڏسو.

 

الله جي نبي سڳوري اجايو اها دعا ڪونه گهري هئي ته ”رب! مونکي وسعتن جي جادو کان محفوظ رکجانءِ“.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com