کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > مشاعره بازي ۽ تاريخي سانحو

مشاعره بازي ۽ تاريخي سانحو

حسن مجتبي
August 13th, 2008

ٽن شئين هندستان ۾ مسلمانن جي هڪ هزار سالن جو ڪم تمام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اُهي ٽي شئيون هيون محرم، مجرا ۽ مشاعره. جيئن ارڙهن سئو ٻائيتاليهه ۾ ٽالپر حڪمرانن جي سير ۽ شڪار تي مذهبي ڪٽر پن جي ڪارڻ سنڌ هڪ آزاد ملڪ کان ا نگريزن جي هٿان غلام سلطنت ۾ بدلجي ويو هو ائين جڏهن ڌرتي پيرن هيٺان نڪري رهي هئي ۽ اُتر هندستان ۾ امير توڙي غريب لغر ۽ مشاعره لُٽجي رهيا هئا. اُتر هندستان ۾ مسلم معاشري جي اهڙي بدترين ذوال جو نقشو عظيم بنگال ليکڪ سته جيت ري سندس فلم ”شطرنج جا رانديگر“ ۾ به ٺاهيو آهي واجد علي شاهه جي اوده جو نقشو. هندستان ۽ مسلمانن جي هڪ صدي جي کٽ صديون پهريان کڄي وئي ۽ جاگيرداري ۽ واسطيداري ڪڏهن کان ختم ٿي ويون هيون پر سندن دور جي شان ۽ ڪرندڙ مسلم جاگيردار معاشري جي باقيات لغڙ ۽ مشاعري جي نشاني جي صورت ۾ اڄ به ريايتن جي طور تي زنده آهي. مشاعره هنن ئي عظيم ڏينهن جي سچي ڪوڙي قصيدن ۽ وري اڄ تائين انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ تي نوحه گري ۽ تماشو ڏسڻ جو نالو آهي جنهن کي شاعرن کي ڪوڙي سچي داد ۽ واه واه ۽ دربار طرفان چڱي بُري شعرن تي اشرفين ۽ انعام و اڪرام سان نوازيو ويندو هو. سُٺي شعر جي تعريف ڪرڻ يا سُٺا شعر پڙهڻ ٻي ڳالهه هئي پر هڪ ٽوڪبازي هئي ۽ هڪ مسخري هئي جيڪا مشاعرن ۾ ڪئي ويندي هئي. ماڻهن موجب مشاعره گاهن جي ڇت ڪريل رهندي هئي. غالب جهڙو عظيم شاعر به بادشاهن جي اعزازن ۽ انعام جو شوقين ۽ ضرورت مند هيو.

 

باهي شهه ڪا مصاحب ڦري هي اترائي

ورنه شهر ۾ غالب ڪي آبرو ڪيا هي

 

 

انهيءَ ڪري ڪنهن چيو هو ته ”غالب جو گناهه شراپ پيئڻ نه بلڪ بادشاهن جي قصيده خواني ڪرڻ هيو، نه ته مير ۽ غالب ته اردو جا مهان شاهر هئا جيئن گلزار سندس ڊرامي غالب ۾ چيو آهي ته عظيم شاعر هو آهي جنهن جو ڪلام فقير گهٽين ۾ ۽ طوائفون ڪوٺن ۾ ڳائينديون آهن. مير ۽ غالب يا اقبال ۽ فيض کي مشاعرن جي ڪهڙي ضرورت پر مشاعرو دربار کان نڪري گهٽين ۽ ڪوٺن، ادب ۽ ثقافت جو حصو بڻجي ويو. شاعري ڪافي دانن تائين محدود نه رهي سگهندي هئي پر مشاعره عوامي، سياسي ۽ سماجي رنگ اختيار ڪيو پر هنن جي ثقافت هڪ درباري ۽ بازاري قسم جهڙي رهي تڏهن ته جوش مليح آبادي جهڙي عظيم شاعر کي سندس ڪلام پڙهندي مهل ٻُڌندڙن تي ڪاوڙ ايندي هئي ته ”بخيلو تعريف ڇو نه ڪندا آهيو“ ايوب خان جي طور کان ڊپٽي ڪمشنرز مشاعرن جي صدارت ڪئي آهي ۽ حبيب جالب جهڙي شاعر چيو هو ته ڪمشنر شاعري فرمائي رهيو آهي.

 

1857ع جي جنگ آزدي غدر ۾ به قلعو معلي ۾ مشاعره ٿي رهيا هئا جڏهن انگريز آيا هئا. هندستان ۾ پرڏيهي حڪمران ۽ آفيسر ۽ سندن ذالون هيون جيڪي اُردو جا شاعر هئا ۽ مشاعره ڪندا هئا. صاحب نشاط وارن مان ڪيترا ئي پاڻ بياض جا صاحب هئا جيڪي سُر سان مشاعرو پڙهڻ ۾ ٻين شاعرن کي پوئتي ڇڏي ويندا هئا ۽ اڃان تائين جي شاعرن ۾ به ترنم جو تڙڪو هتان ئي آيو آهي. ويرٺ کان وٺي ملتان تائين سموري ڇانوڻين سان اهل نشاط وارن جا چڪلا ۽ پارسين (عيسائي) جي شراب خانن ۾ آباد هيون. شاعر فرض ۽ انعام جي شراب پيئندا رهيا ۽ خدا جي باقي مخلوق مشاعرن، تتر ۽ شايد ڪهڙن ڪمن ۾ رڌل هنن زمانن کان وٺي اڄ به هڪ ٻي کي نواب صاحب چئي سڏ ڪندا آهن.

 

برصغير ۾ اردو جي پهرين غزل جو باني ۽ عظيم صوفي امير خسرو جي ايجاد ڪيل قوالي تي ڇا مڪراڻين، نوابن ۽ شاهن جي ڇانو ۾ شعر ۽ سماع ۽ اُهو ظاهري مرتبو حاصل ڪونه ڪري سگهيا جيڪو مشاعرو ڪندڙن کي نصيب ٿيو ۽ سموري اردو شاعري هڪ پاسي ۽ امير خسرو جي ”گوري سوئي سيج پر مک پر ڍاري کيس“ هڪ پاسي.

 

مشاعرن يا مشاعره باز قوم جيڪا بي قدري ۽ بي حسي غالب جهڙي عظيم شاعر سان سندس زندگي ۾ استعمال ڪئي هئي هن جي ڪجهه صحيح تصوير ڪشي غالب تي ٺهيل ڊرامي ۾ گلزار جي اسڪرپٽ ۽ نصير الدين شاهه جي ايڪٽنگ ۾ ڪئي وئي آهي. غالب ڪڏهن جوا ۾ ته ڪڏهن قرض نه ڏيندي پڪڙبو هو. آئون اهو ڊرامو سنڌي، مهاجر قتلام ۾ ڪرفيو جي ڏينهن ۽ راتن ۾ ڏٺو هو. مونکي ياد آهي ته هي اُهو ڏينهن هيو جڏهن ڪجهه نوجوان فساد زده علائقن ۾ ماڻهن کي هڪ ٻي ڊرامو ”تمس“ ڏيکارڻ چاهيندا هئا ته ماڻهن کي فسادن جي پٺيان موجود اصلي هٿ نظر اچن. ڪجهه سنڌي ۽ اُردو ڳالهائيندڙ نوجوان فسادي ڳالهين ۾ امن جا سفيد بينر کڻي مارچ ڪندي پريس ڪلب جي ٻاهر فسادن جي خلاف بُک هڙتال ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جوش پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ چيو هو ته جيڪ اقوم پنهنجي منهن تي گلوري پان وٺي ڪري هڪ ٻي کي ست ست دفعو تسليم پيش ڪندي هئي اڄ هو هڪ ٻي جون سسيون وڍي رهيا آهن. اهڙي حالتن جا ذميوار ٽولا بلوائي ذهنيت ضياء شاهي ۽ سنڌي پنجابي پختون اقتداري مافيا هئي هتي اُهي وڏي نالن وارا ترقي پسند دانشور به هئا جيڪي سندن ذات جي خوف ۽ مفاد لاءِ ظلم کي ظلم ۽ دهشتگردي کي دهشتگردي نه چوندا هئا بلڪ ڪجهه ٻيو چوندا هئا. معني سينيٽ ۽ اسيمبلين جي ”ون وي ٽڪيٽ“.

 

هنن لاءِ احمد فراز چيو آهي

 

تم اهل حرد ڪه پندار ڪي نا گر ٿي

وه آسمان هنر ڪي هجوم سامني هين

بس اس قدر ٿا ڪه دربار سي بلاوا ٿا

گدا گران سخن ڪي هجوم سامني هين

 

آئون ڪجهه ڏينهن پهريان ساڳيو ئي مشاعرو نيويارڪ ۾ ڏٺو هو. اُهو گهواره ادب جو مشاعرو هيو جيڪو چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ادبي محاذ آهي هن مشاعري جي صدارت به ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي ڪري رهيو هو.

 

مونکي مرزا فرحت الله بيگ جي ڪتاب ”دهلي ڪا آخري مشاعره“ کان وٺي عزيز آباد جو اُهو مشاعرو به ياد آيو جنهن ۾ فقير منس خاعر جون ايليا سان بُرو سلوڪ ڪيو ويو هو. نيويارڪ جي هن مشاعري ۾ به ٻُڌندڙ خوفزده ويٺا هئا بالڪل ائين جيئن ڪنهن ماڻهون موجب نازي جرمني هٽلر جي سالگره جي جلسي ۾ يهودي ويهندا هئا. باقي راحت اندروهي ۽ اسان ۽ توهان مان جن نصير الدين اجتهادي کي ٻُڌو هوندو کين راحت اندروني گهٽ ئي متاثر ڪندو. اُتر هندستان ۾ اردو شاعري آهي ڇا زوال پزير مسلمان معاشره پنهنجي مشڪوڪ وفاداري تي ماتم، روڄ راڙو ڪندا آهن. پاڪستان ۾ اردو شاعري وڌيڪ زمين کان مختلف هجڻ جو غم ۽ هجر ۽ اوپري پن جو اظهار آهي! ڊوميسائل نه ٺهڻ جو افسوس يا فلسفو، انڪار وطن.

 

شڪم ڪي آگ لئي پهرتي هين شهر به شهر

سگ زمانه هين هم اور هماري هجرب ڀي

 

افتخار عارف چيو هو ته.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com