سال 20003
30 مارچ تي ڊاڪٽر عافيه صديقي اسلام آباد وڃڻ لاءِ سندس ٽن ٻارن سان ميٽرو ڪيب ۾ ويهي ڪري سندس ماءُ عصمت صديقي جي گهران ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاءِ وڃي رهي هئي. ڊاڪٽر عافيه جي وڏي پُٽ جي عمر چار سال ۽ سڀ کان ننڍي جي عمر هڪ منيهو هئي. پر هو ايئرپورٽ ڪونه پهچي سگهي ۽ رستي مان ئي غائب ٿي وئي.
ٻي ڏينهن آمريڪي نيٽورڪ اين بي سي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عافيه کي اسامه بن لادن لاءِ فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ جي مامري ۾ پاڪستان مان گرفتار ڪيو ويو آهي. هن ڏينهن پاڪستان جي گهرو وزير فيصل صالح حيات انڪار ڪيو ته عافيه ڪنهن سرڪاري اداري جي قيد ۾ آهي. 2 اپريل تي انهيءَ صالح حيات جو چوڻ هو ته عافيه کي گرفتار ڪونه ڪيو ويو آهي بلڪ هو فرار آهي. 30 ڊسڪبر تي انهيءِ فيصل حيات، اعجاز الحق سان ملاقات ڪرڻ آيل عافيه جي ڀيڻ فوزيه صديقي کي چيو ويو ته عافيه کي رها ڪيو ويو آهي. توهان گهر وڃي ڪري سندس ڪال جو انتظار ڪيو.
13 آگسٽ 2008
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس آمريڪي حڪومت کان ڊاڪٽر عافيه جي ٽنهيءَ ٻارن جي نظربندي تي ناراضگي جو اظهار ڪندي سندن وطن واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. ۽ آمريڪا کي اهو به چيو ويو آهي ته هو نيويارڪ جي هڪ عدالت ۾ ڪيس جو سامڻو ڪندڙ قيدي صديقي جي حقن جو احترام ڪري.
سبحان الله......... سبحان الله......... سبحان الله
غيرت هي جس ڪا نام هم هي جانتي هين داغ
ساري جهان مين ڌوم هماري زبان ڪي هي
(استاد داغ دهلوي کان معذرت ڪندا سين)