صدر پرويز مشرف سندس آخري تقرير ۾ گهڻو دٻاءُ هن ڳالهه تي وجهي رهيو هو ته سندس دور ۾ معاشي ترقي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن. پر سندس خطاب مان ڪجهه بنيادي ڳالهيون غائب هيون. مثال طور گذريل سال 9 مارچ کانپوءِ عدليه جي سلسلي ۾ کيس وڏي پيماني تي فيصلا ڇو ڪرڻا پئجي ويا ۽ نومبر ۾ ايمرجنسي لاگو ڪرڻ جو ڇا مقصد هيو. هن باري سندس تقرير ۾ هڪ به اکر ڪونه هيو. حالانڪ هي ٻه وڏا فيصلا هئا جيڪي سندس زوال جا ڪارڻ بڻجي ويا.
هونئن مشرف حڪومت 9 ورهين تائين اهو ڪريڊٽ ماڻيندي رهي ته هي دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ هڪ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر مشرف هن بنيادي ڪردار جو ڪو حوالو پيش ڪيو نه وري هن ڪرداري جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ خاص طور تي قبائلي علائقن ۾ طالبان تحريڪ جي وڌڻ يا دهشتگردي جي لاڳيتو لهر جي روڪٿام لاءِ سندس ڪاميابي يا ناڪامي باري ڳالهه ڪئي. فقط ايترو چيائين ته نائين اليون کانپوءِ دهشتگردي هڪ نئون رُخ اختيار ڪيو جنهن کي روڪڻ لاءِ عوام کي عسڪري ادارن سان تعاون ڪرڻ گهرجي.
لال مسيت جي ڪاروائي تي مشرف حڪومت اڃان تائين آڱريون کڻي رهي آهي. ۽ هن ڪاروائي کاپوءِ دهشتگردي وڌيڪ پکڙجي وئي آهي. پر هڪ ڪلاڪ جي خطاب ۾ هن باري ڪو به حوالو پيش نه ڪيو ويو.
گذريل هفتي صدر مشرف مٿان آصف علي زرداري الزام هنيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ جي سلسلي ۾ هن پاڪستان کي اربين ڊالرن جي جيڪا امداد ملي آهي هن مان الاهي رقم جو ڪو حساب نه ملي سگهيو جڏهن ته فوج کي هن امداد مان پاڪستاني فوج کي رڳو پنجاهه ڪروڙ رپي جي ويجهو رقم ملي هئي. ائين زلزلي جو شڪار ٿيل ماڻهن جي امداد لاءِ جيڪي ڇهه ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم ملي هن جي خرچ باري به وقت بوقت آڱريون کڄنديون رهيون آهن. صدر اها ڳالهه واضع ڪري سگهندو هيو پر هن موضوع تي ڪونه ڳالهايو ويو.
جڏهن پرويز مشرف اقتدار ۾ آيو ته سندس نعرو هيو ته هو صوبائي فلاح لاءِ فيڊريشن جي استحڪام لاءِ ترجيحاتي ڪوششون ڪندو. پر وفاق جو هڪ يونٽ بلوچستان سندس مڪمل دور ۾ بدامني جو شڪار رهيو ۽ اڪبر بگٽي جي موت جو واقعو پيش آيو.
سوين ماڻهون گم ٿيا ۽ هزارين لڏپلاڻ ڪري ويا. پر صدر پرويز مشرف سندس آخري تقرير ۾ بلوچستان جي تعلق سان صرف اهو جملو چيائين ته اسين ڪراچي کان گوادر تائين ڪوسٽل هاءِ وي ٺهرايو آهي. ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير ۽ سندس نيٽورڪ باري صدر مشرف ڪيترا ڀيرا هي چوندو هو ته هن نيٽورڪ جي خلاف ڪاروائي ڪري هن پاڪستان کي عالمي دٻاءُ کان بچايو هو. پر صدر صاحب سندس آخري تقرير ۾ هن ڪاميابي جو ڪو ذڪر نه ڪيو.
صدر مشرف سندس سموري دور ۾ لاڳيتو ڪريڊٽ حاصل ڪندو رهيو ته پاڪ ڀارت تعلق سندس دور ۾ جيترا صحيح ٿيا گذريل ڪنهن به دور ۾ هن جو مثال ڳولڻ سان به ڪونه ملندو. پر صدر صاحب سندس هن ڪاميابي جو ذڪر به نه ڪيو ۽ صرف اهو چيائين ته 2001ع ۾ هن اُهو بحران ڪاميابي سان ٽاري ڇڏيو جيڪو سرحدن تي هندستاني فوج جي 10 مهيني جي جلسي سبب پيدا ٿيو هو.
هن بلدياتي نظام جي تجربي جو ڪريڊٽ حاصل ڪيو ۽ اهو پڻ چيائين ته جيڪو به هن نظام کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪندو اصل ۾ هو ملڪ کي ڇيهو رسائڻ جي برابر هوندو پر هن شوڪت عزيز سميت سندس ڪنهن به وزير اعظم کي ڪو ڪريڊٽ ڪونه ڏنو نه وري صدارتي ريفرنڊم يا 2002ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جهيڙي واري جمهوري ڍانچي جو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ماضي ۾ هر تقرير يا پريس ڪانفرنس جي اُٻتڙ اهو حوالو پيش ڪونه ڪيو ويو ته هو هڪ اهڙو صدر آهي جنهن کي اڳوڻي پارليامينٽ وري پنج ورهين جي مُدي لاءِ چونڊيو هو.
ڪرپشن ۾ گهٽتائي جو هن ڪمزور نالو ورتو پر اين آر او جي حق ۾ يا خلاف هڪ به ڳالهه ڪونه ڪئي بلڪ هو نئين حڪمرانن کي اها دُعا ڏئي ويو ته هو ملڪ جي ٻُڏندڙ ٻيڙو پار ڪرائي سگهن.