کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ن ليگ جون اُلٽ بازيون

ن ليگ جون اُلٽ بازيون

عامر رياض
August 30th, 2008
5 / 5 (2 Votes)

چور کي چوي ٿو چوري ڪر

”سعد“ کي چوي ٿو تون پڪڙ

 

هي طاقت جي سياست آهي، سڀنيءَ اصولن کان وڏو اصول ڪرسي تي قبضو آهي. پوءِ اصولن لاءِ رڙيون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جيڪڏهن نواز ليگ به ق ليگ جي سطح تائين اچڻو هو ته پوءِ ڇا جي لاءِ رڙيون ڪري رهي هئي. اڄ هر ماڻهون اهو سوال پڇي رهيو آهي.

 

نواز ليگ گذريل 5 مهينن ۾ اهو پروپوگنڊه ڪيو آهي جو هو ته اصولن تي قائم آهي پر پ پ وارا بي اصولي ڪري رهيا آهن. عمران قاضي کان وٺي وڪيلن جا اڳواڻ به سندن ڳالهين تي عمل ڪندا آهن. پر جڏهن ق ليگ جي هيلپ ڪرڻ سان ڪرسي نظر آئي ته اصول اونداهه ٿي ويا، موڙها اونداهه ڪيا ويا ۽ دُڪان کان اهو بورڊ هٽايو ويو ”هتي ڪُتن ۽ ق ليگ جو اچڻ منع آهي“. هن کان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ميان صاحب وڏي جج جي مسئلي کي به وڏي ڪرسي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

 

47 کان پهريان ڪانگريس جي سياست ۾ 5 چهرا هئا. مسلمانن کي خوار ڪرڻ لاءِ آزاد، هندو دهشتگردن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پٽيل، بُکي اُگهاڙي عوام سان هوشياري ڪرڻ لاءِ گانڌي، سوشلسٽن ۽ ڪميونستن کي ٽرڪ جي لائٽ پوئيان هڻڻ لاءِ ڪرشنا مينن ۽ پي سي جوشي ۽ اولهه جي تعليم ۾ ٻُڏل ماڻهن لاءِ نهرو. جتي ضرورت پوندي هئي، اهڙي چهرن جو ماسڪ ڪانگريس تي ڏينهن گذارڻ لاءِ چاڙهيو ويندو هو. پر حقيقت ۾ ڪانگريس سيٺن ۽ مالدارن جي مفادن کي ترجيح ڏيندي هئي.

 

اهو ئي ڪارڻ هيو جو هندستان کي ٽٽڻ کان بچائڻ ۽ سيٺن جي مفادن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي ته هن ڪمزور مرڪز جو حمايتي ڪابينه پلان کي ڪوڙو چيو ۽ ٽٽل پر مضبوط مرڪز وارو ڀارت سيٽن کي پيش ڪيو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته ميان صاحب به ويجهو پهچي رهيو آهي. پاڪستان جو ڪابينه مشن ته جمهوري ميثاق ئي آهي جنهن کان ميان صاحب ڇو پوئتي ٿي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو.

 

ڪرسي لاءِ جيڪڏهن ميان نواز شريف صاحب ق ليگ سان مفاهمت ڪندو ته ججن جي مسئلي سان اهو ئي ٿيندو جيڪو سڀاش چندر بوس سان ٿيو هو. اڄڪلهه ميان نواز شريف هن پاسي ڏانهن ويٺو آهي. ميان نواز شريف جا دوست الاهي ٻوليون ڳالهائي رهيا آهن. ڪو پاڻ کي ”نثار“ سمجهي ٿو، ڪو ”رفيق“ ڳولڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهي، ڪو منصوره برانڊ ”احسن“ رستن جي ڳولاءِ ڪري رهيو آهي، ڪو پنجاب جي چوٽي جو ”شهباز“ آهي، ڪو ”جهيڙا“ طئي ڪري ويٺو آهي. پر ميان نواز شريف صاحب ائين ڪونه ٿيڻ ڏنو، ڇو؟

 

۽ هاڻي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف لنڊن اي پي سي ۾ رڙيون ڪندڙ به ”چورنگي“ تي اچي بيٺا آهن. جيڪڏهن اهو ڪم پ پ ڪري ته هو ”چور“ عوام جي دشمن ۽ غدار، ۽ جيڪڏهن نواز ليگ ڪري ته هو سعد. پي سي او ججن کي دبئي ۾ تسليم ڪرڻ کان 29 ججن جي تجويز ڏيڻ ۽ منظوري ڪرائڻ ۾ شامل نواز ليگ هوريان هوريان ”هپ هپ“ ڪندي نظر اچي رهي آهي. سياست ۾ وڪيل به ڇا ڪندا؟ سياڻا ته آهن پر جيڪڏهن نواز ليگ تي به ڌوڪو ڏيڻ جو الزام مڙهندا ته پوءِ هنن جي ڌمڪيون ڏيڻ جي طاقت تمام گهٽجي ويندي. صرف انهيءَ خوف کان هنن نواز شريف کي في الحال ”معاف“ ڪيو آهي.

 

هاڻي صرف انتظار انهيءَ خبر جو آهي ته ق ليگ کي ڪهڙو رام ڪندو. هونئن نواز ليگ وارا ق ليگ سان رابطن کان اهڙي طرح انڪار ڪري رهيا آهن جهڙي ريت هو مشرف دور ۾ ”شهباز جي نياز مندين“ کي ذاتي رابطو چوندا هئا. جيڪڏهن آصف پلس نواز، بينظير جي ڳالهه تي عمل ڪري جمهوري ميثاق کي تسليم ڪري ها ۽ سموري پي سي او ججز کي هٽائي ڇڏي ها ته پوءِ اهو مسئلو ڪڏهن به پيدا ڪونه ٿئي ها. سامهون ڪرسي ڏسي ڪري منهن ۾ پاڻي اچي ويندو آهي.

 

   

 


 

 

Powered by: PHPCow.com