کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > هي سڀ ڪجهه ٿيندو

هي سڀ ڪجهه ٿيندو

جميل اختر
September 4th, 2008

جڏهن اصغر پهرين رنگ تي فون کنيو ته آئون ڏاڍو پريشان ٿيس ڇاڪاڻ ته هڪ ته هو تمام سست آهي ۽ ٻيو منهنجو ارادو کيس فون ڪرڻ جو نه بلڪ چوڌري مشتاق وانگر مسڊ ڪال ڏيڻ جو هيو.

 

جڏهن کان جيالن جو راج آيو آهي، چوڌري مشتاق پاڪستان ۾ پنهنجي دوستن ۽ مائٽن کي مسڊ ڪالون ڏئي رهيو آهي ۽ هر مسڊ ڪال کانپوءِ هو ٻئي هٿ کڻي ڪري زرداري کي طويل عرصي تائين صدارت ڪرڻ جون دعائون ڏيندو آهي.

 

گذريل ملاقات ۾ جڏهن چوڌري مشتاق، زرداري جي تعريف ڪندي چيو ته زرداري آمريڪين جي سڀ کان سُٺي چونڊ آهي ته آئون حيران ٿي ڪري پڇيو. ڪيئن؟

 

چيائين. جڏهن آمريڪا ۾ رهندڙ مون جهڙي هڪ عام پاڪساني کي هر مهيني ٽيليفون جي بل ۾ ڏيڍ سئو ڊالر جو فائدو ٿي رهيو آهي ته سوچيو جو آمريڪي حڪومت کي ڪيترو فائدو ٿيندو هوندو.

 

آئون چوڌري مشتاق ڏانهن حيراني سان ڏسندي چيو. پر جيالن جي حڪومت ته ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ ڪالن جا ريٽ وڌائي ڇڏيا آهن. آئون ته هن خوف سبب فون ئي ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

 

چوڌري مشتاق زور سان کلڻ شروع ڪيو. بادشاهه. فون ڇو ڪندا آهيو. مسڊ ڪالون ڏيندا ڪريو. بچت ئي بچت.

 

آئون چيو. مان تنهنجي ڳالهه سمجهي ڪونه سگهيو آهيان.

 

هن ويجهو اچي ڪريمونکي چيو. پاڪستان ۾ ڪنهن سان ڳالهائڻو هجي ته سندس نمبر ملايو. پوءِ ٻه ٽي مسڊ ڪاليون ڏئي فون بند ڪري ڇڏيو. توهانجو نمبر هن وٽ هليو ويندو.

 

چوڌري مشتاق مون ڏانهن ڏسي مُرڪڻ شروع ڪيو.

آئون چيو. پر هن سان ڳالهه ته ڪونه ٿيندي.

کلندي چيائين. ڳالهه جي ڳڻتي نه ڪجو. اُها ضرور ٿيندي. اُهو توهانکي جلدي ڪال ڪندو.

آئون نه چوندي مُنڍي لُڏائي. ڀلا اُهو ماڻهون ڪال بيڪ ڇو ڪندو.

چوڌري مشتاق مونکي ڏسي کلڻ شروع ٿيو. چيائين، چريا بادشاهه. هتي هر ڪو آمريڪا اچڻ جو خواهشمند آهي. توهان مسڊ ڪال هڻي ڏسجو.

 

آئون هڪ دفعو وري پنهنجي مُنڍي لُڏائي. آئون پنهنجي لاءِ سندن پئسا ڇو خرچ ڪرايان؟ هن مونکي سمجهائيندي چيو. ادا. پئسا ته هر حالت ۾ خرچ ٿيندا. جيڪڏهن توهانجا نه ٿيندا ته ڪنهن ٻي جا ٿيندا. ان ڪري ته زرداري پاڻ صدر جو عهدو سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

چوڌري مشتاق بينظير جي ٻي حڪومت جي دور ۾ فنڪارن جي هڪ وفد سان دُهل وڄائڻ وارو بڻجي آيو هو. آمريڪا جي هڪ آرٽ ڪائونسل هنن لاءِ نيويارڪ جي هڪ هوٽل ۾ ڪمرا بُڪ ڪرايا هئا. چوڌري مشتاق پهرين رات هوٽل کان غائب ٿي ويو هو.

جڏهن پهريون دفعو هن مونکي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ته آئون چيو هو. تون سٺو نه ڪيو.

منهنجي ڳالهه ٻُڌي ڪري مرڪي رهيو هو. توهان بالڪل چرين جهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيو. هن کان وڏي نعمت هوندي جو ماڻهون کي آمريڪا اچڻ جو چانس ملي ۽ هو واپس هليو وڃي. هي ته بهشت کان دوزخ ۾ وڃڻ جهڙي ڳالهه آهي.

 

آئون کيس ٽوڪ هڻندي چيو. توکي به ٻين فنڪارن سان گڏ واپس وڃڻ کپندو هو.

ڪجهه دير تائين مُرڪڻ کانپوءِ مونکي ڏسندو رهيو ۽ چيائين. هتان اسين پندرهن ماڻهون آيا هئا سين. ٽين ڏينهن هوٽل ۾ هڪ به باقي نه رهيو هو. اسانجي ٽيم آمريڪا ۾ هڪ به شو نه ڪيو.

آئون چيو. شو ته ڪرڻ کپندو هو.

هو وري زور سان کليو. بادشاهه سائين، ڪهڙو شو. اسانجي ٽيم ۾ هڪ به فنڪار ڪونه هيو. اسين سڀنيءَ هتي اچڻ لاءِ هڪ جيالي وزير جي سيڪيٽري کي پنج پنج لک رپيا ڏنا هئا.

 

آئون چيو. توهان سڀنيءَ ڏاڍو بُرو ڪم ڪيو آهي. توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته توهانکي ڪيترو نقصان ٿيو آهي.

چوڌري مشتاق لاپرواهي سان چيو. ادا هن ۾ نقصان جي ڳالهه ناهي. مقدر ئي خراب آي. جيڪڏهن نائين اليون وارو سانحو نه ٿيو هجي ها ته آئون ڪڏهن کان ليگل ٿي وڃان ها ۽ ڪيترا ئي پنج لک پنهنجي گهر موڪليان ها.

 

چوڌري مشتاق کي اُميد آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن سندس نصيب بدلجي ويندو ۽ هو هڪ ننڍي هوٽل جي سوڙهي ۽ خراب ڪچن جا ٿانون ڌوئڻ ۽ بصر وڍڻ بدران واشنگٽن جي روڊن تي ٽيڪسي هلائيندو.

 

چوڌري مشتاق وانگر مونکي به اُميد هئي ته اصغر سدائين وانگر فون کڻڻ کان پهران پنج ڇهه رنگيون ٿيڻ جو انتظار ڪندو. پر هن پهرين ئي رنگ تي فون کڻي منهنجي سموري اُميدن تي پاڻي وهائي ڇڏيو. سندس هيلو چوڻ جو انداز ڏاڍو طاقتور هيو.

 

آئون مريل آواز ۾ پڇيو. ڇا حال آهي؟

چيائين. وڻ جي هيٺ ويٺو آهيان. مزو ماڻي رهيو آهيان.

آئون حيران ٿي ڪري پڇيو. پر هي ته تنهنجو آفيس ٽائم آهي. ڇا اڄ تون موڪل ڪئي آهي؟

اضغر کليو. آئون ته آفيس ۾ آهيان. پر ٻاهرن جي وڻ هيٺ. سمورا آفيس وارا وڻن جي هيٺ ويهي ڪري مزو ماڻي رهيا آهن.

آئون اچرج وچان پڇيو. ڪمرن ۾ ڇو نٿا وڃو؟

چيائين. ڪمرن ۾ ساهه کڻڻ ڏکيو آهي. ٻن منٽن ۾ ايترو پگهر ايندو آهي جو پگهر سان بالٽي ڀرجي ويندي آهي.

آئون سندس ڳالهه سمجهي ڪونه سگهيس. آئون پڇيو. پر ڇو؟

چيائين. هتي بجلي ڪونهي.

آئون پڇيو. ڪڏهن ايندي؟

چيائين. جڏهن پئسا ڏيندا سين.

آئون چيو. ڇو نٿا ڏيو؟

اصغر چيو. ادا، اُهي 35 ارب رپيا گهري رهيا آهن.

آئون چيو. يار مذاق نه ڪر.

چيائين. اهو مذاق ناهي. ٿرمل پاور اسٽيشنز وارا پنهنجا 35 ارب رپيا گهري رهيا آهن.

هنن جو چوڻ آهي ته پئسا ملندا ته پاور هائوس هلندا. پر حڪومت وٽ هنن کي ڏيڻ لاءِ صرف آسرا آهن. ماڻهن لاءِ به حڪومت وٽ صرف آسرا ئي آهن.

آئون ڪجهه سوچندي چيو. پر ماڻهون ته بجلي جو بل ادا ڪندا آهن. اُهي پئسا ڪيڏانهن ويا.

هن کلندي چيو. هتي ئي ويا آهن جٿي اُهي ڏهه ارب ڊالر ويا آهن جيڪي آمريڪا دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ڏنا هئا.

 

آئون ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ چيو. ڪنهن سوچيو آهي ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي؟

اصغر چيو. ها. آئون آمريڪا وڃڻ باري سوچي ورتو آهي.

آئون چيو. ادا. هتي به تمام وڏي مشڪل آهي.

هن پڇيو. ڇا توهان وٽ لوڊ شيڊنگ ٿيندي آهي؟

آئون چيو. نه، لوڊ شيڊنگ ته ڪونه ٿيندي آهي.

 

چيائين. پوءِ ٺيڪ آهي. آئون هڪ جيالي وزير جي ماڻهون سان ڳالهايو آهي. هو 25 لک وٺي ڪري منهنجو نالو ڪنهن وفد ۾ شامل ڪري ڇڏيندو.

آئون چيو. يار ڪجهه ته عقل ڪر. 25 هزار تنهنجي پگهار نه آهي. تون مسواڙ جي گهر ۾ رهندو آهين. تنهنجي جائيداد، ڪاروبار به نه آهي. تون وٽ پنجويهه لک ڪٿان ايندا؟

 

اصغر کلندي چيو. توهان بلڪل معصوم آهيو. آئون هن جو انتظام ڪري ورتو آهي. هڪ ٻي وزير جو ماڻهون مونکي بئنڪ کان پنجاهه لک جو قرض ڏيارائي رهيو آهي. اڌ هن جو ۽ اڌ منهنجو.

 

آئون کيس سمجهائيندي چيو. اصغر جي ائين ڪونه ٿي سگهندو.

هو هڪ دفعو وري زور سان کليو. ادا، اهو سڀ ڪجهه ٿيندو. پنهنجو زرداري صاحب صدر بڻجي ويو آهي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com