کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > وسعت الله خان: آصف زرداري جو دور ڪيترو بدترين هوندو؟

وسعت الله خان: آصف زرداري جو دور ڪيترو بدترين هوندو؟

وسعت الله خان
September 5th, 2008

ٿوري دير لاءِ غور ڪندا ته جيڪڏهن صدر آصف زرداري جو دور بدترين ثابت ٿيو ته نيٺ ڪيترو بدترين هوندو؟

 

ڇا گورنر جنرل غلام محمد کان به وڌيڪ بدترين هوندو جنهن جي فالج جي شڪار ٿيل حاڪمن کي سندس انگريز سيڪيٽري کان علاوه ڪو به نٿو سمجهي سگهي. ڇا سڪندر مرزا جي دور کان به بدترين هوندو جنهن پنهنجو آئين ٽوڙي مارشل لا لاگو ڪيو. ڇا ايوب خان کان به بدترين هوندو جنهن ڌانڌلي ۽ زبردستي صدارتي چونڊ کٽڻ کانپوءِ پنهنجو ئي آئين ٽوڙي اسپيڪر جي حوالي ڪرڻ بدران ڪمانڊر ان چيف حوالي ڪري ويو. ڇا يحيي خان کان به بدترين هوندو جنهن وهسڪي ۾ ملڪ ٻوڙي ڪڍيو ۽ هو آلي پاپي وانگر ٻه ٽڪرا ٿي ويو.

 

ڇا ڀٽي جي دور کان به بدترين هوندو جنهن سمورو وقت بنيادي حقن جي معطلي ۽ اپوزيشن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي جتنن ۾ وڃائي ڇڏيو. ڇا ضياء الحق جي دور کان به بدترين هوندو جنهن سياسي ڪارڪنن جو علاج ڪوڙن ۽ ڦاهي سان ڪرڻ جو جتن ڪيو ۽ ملڪ کي ڪلاشنڪوف ۽ پائوڊر جي چتا تي رکي ڇڏيو. ڇا غلام اسحاق خان کان به بدترين هوندو جنهن سياسي حڪومتن کي پتلي تماشو بڻائي ڇڏيو.

 

ڇا احسان فراموش فاروق لغاري، معصوم ۽ تابيدار رفيق تارڊ يا پاڪستانين کي کپائي پئسا ڪمائيندڙ ٻه دفعو وردي ۾ صدر پرويز مشرف کان به بدترين هوندو آصف زرداري جو دور؟

 

جڏهن اها قوم ڊنڊي واري صدر کي ڪيترن ئي ورهين تائين سندس ڪرتوتن سميت سهي سگهي ٿي ۽ سندن ست قتل معاف ڪري سگهي ٿي ۽ ووٽ سان چونڊيل زرداري هن قوم کي وڌ کان وڌ ڪيترو نقصان رسائي سگهي ٿو. جيڪڏهن الاهي نقصان رسيو ته پوءِ ائين ٿيندو ته ڇهه مهينن کانپوءِ ٽرڪن جي پٺيان ”تنهنجي وڃڻ کانپوءِ تنهنجي ياد آئي“ مشرف جي فوٽو مٿان لکيل هوندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com