اهو ڏينهن هر سال ايندو آهي. هن ڏينهن ڇا ٿيو هو؟ منهنجي شادي ٿي هئي. شادي جو ڏينهن هڪ اڻ کٽ ويڙهه جي شروع ٿيڻ جو ڏينهن هوندو آهي. اها ويڙهه سموري حياتي هلندي آهي ۽ ڪڏهن به فائر بندي جو وقت ڪونه ايندو آهي. سائين لُچي جو چوڻ آهي ته ماءُ پيءُ ڇوڪري کي جوان ڏسي ڪري برداشت نه ڪري سگهندا آهن ۽ کيس گولي هڻڻ بدران ڇوڪري هڻي ماري ڇڏيندا آهن. ڇوڪري جي حياتي ختم ٿي ويندي آهي ۽ باقي هڪ لاش رهجي ويندي آهي جيڪا سموري حياتي ماءُ پيءُ جي خواهشن جو جلوس کڻي گهر ۽ ٻارن جي چڪي ۾ ڍور بڻجي ڪري پيڙهجندو رهي ٿو. هن ڍور جي سڀ کان وڏي ٽريجيڊي اها هوندي آهي ته هو سمورو ڏينهن ڪيتري سوين ڪلوميٽر جو پنڌ طئي ڪري به هتي جو هتي ئي رهندو آهي. ذال کيس اڳتي وڃڻ ڪونه ڏيندي آهي. ذال هڪ وڻ هوندي آهي ۽ مڙس هڪ گڏهه هوندو آهي ۽ گڏهه گهمي ڦري ڪري هتي ئي اچي بيهندو آهي.
پر هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن آئون شادي جي گولي جو شڪار ڪونه ٿيو هوس ۽ آئون ڪراچي جي روڊن تي گهمندو وتندو هوس ۽ سدائين مزو ماڻيندو هوس. هي 1965 جي ڳالهه آهي. ساڳيو ئي مهينو ۽ ڏينهن هئا. 6 ستمبر. آئون برنس روڊ تي لسي پيڻ ويو هوس جڏهن آئون ايوب خان جي تقرير ٻُڌي هئي. هن ڪلمو پڙهي چيو ته کيس ڪنهن دشمن مقابلو ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيو آهي، ۽ اها للڪار سموري قوم لاءِ چئلينج آهي. مون سان گڏجي ڪري هن ويڙهه جو جواب ڏيندا. آئون سوچيو ته صدر سندس سواني سان وڙهي رهيو آهي ۽ جڏهن ڏٺو ته جوپورو بوج به فيلڊ مارشل سان گڏجي ڪري گهر جو مورچو فتح ڪونه ڪري سگهي ته ويچارو قوم کي به وڙهڻ جو سڏ ڏئي رهيو هو.
تڏهن ريڊيو تي هڪ گانو هلي رهيو هو. هو گانو هيو:
مهاراج اها راند ترار جي آهي جنگ راند ناهي عورتن جي
تڏهن مونکي يقين ٿيو ته اهو صدر ايوب خان جي گهر جي ويڙهه آهي پر مظلوم قوم سمجهي ٿي ته حقيقت ۾ ڪو اسانکي للڪاري رهيو آهي ۽ جنگ شروع ٿي وئي. ماڻهن وٽ ترارون ته ڪونه هيون. هنن شهري محافظن جي وردي پائي ۽ گهرن جون بتيون بند ڪري روڊن تي نڪري آيا. تڏهن فيض صاحب هڪ اردو نظم لکي هئي. اها نظم هئي.
جب سي بي نور هوئي هين شامين
کوگئي هين ميري دونون آنکين
هن ويڙهه ۾ سپاهين کان وڌيڪ ليکڪ ۽ ريڊيو ٽي وي جا ترجمان وڙهيا هئا. شاعر وڙهيا. ڪالمسٽ وڙهيا. خبرون ٻُڌائڻ وارا وڙهيا ۽ اخبار نويس وڙهيا پر سڀ کان وڏي بٽالين شاعرن جي هئي. ڪنهن ماڻهون فيض صاحب کان پڇيو ته ” سائين“ سمورا شاعر جنگ ۽ قلم جي وڏي ريسرچ ڪري رهيا آهن پر توهان خاموش ويهي ڪري چپ جو ڏُڌ ولوڙي رهيا آهيو؟“
سائين جن چيو، ”اڙي ادا، ويڙهه ۾ مورچي تي ويهي گولي کائڻ ۽ صوفي تي ويهي ڪري ترانو لکڻ ٻه ڌار ڌار ڪم آهن. قلم سان وڙهڻ تمام سولو آهي پر گولي کائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.“
هن جنگ جو نتيجو ڇا نڪتو؟
جالب چيو:
اعلان تاشقند ڪيي جارها هون مين
جو بولتا هي بند ڪئي جارها هون مين
1965 جي جنگ ۾ اسانکي ڇا مليو؟
ڇا ملڻو هو:
کدڙي سان کدڙو سمهيو
نه ڪجهه ورتو نه ڪجهه ڏنو
بارود وڃايو سين. ٽئنڪن جي وڏي جنگ ٿئي. ڪشمير هتي جو هتي رهيو. ٻن پاڙيسيرين جي دشمني وڌي وئي. ٺاهه ڪرائڻ واريون پارٽيون آيون ۽ ٺاهه ڪرائي هليون ويون پر ٻئي ويڙهاڪ ڪُڪڙ اڄ به رتورت منڍين سان هڪ ٻي ڏانهن بُري نظرن سان ڏسي رهيا آهن.
1971ع ۾ کين هڪ دفعو وري وڙهڻ جو دورو پئجي ويو ۽ ٻنهيءَ مار پڻ کاڌي هئي پر ويڙهه جو نشو ايترو بُرو آهي جو سدائين رهندو آهي. جڏهن اسانکي بُک جي طلب هجي ته ايٽم ڀوري ننڍا ننڍا ٽُڪرا کائيندا آهيون. جڏهن لوڊ شيڊنگ ٿئي ته بُلبن ۾ ايٽم ٻاريندا آهيون. اسين دنيا جي ائٽمي طاقت آهيون. دنيا جي واحد اسلامي بم جا مالڪ آهيون. پر سائين اچو 6 ستمبر جي ياد ۾ هڪ عاشق ۽ شاعر جي اردو نظم جون ٻه سٽون ياد ڪندا سين:
ڪهو، ڪه آج گر هم سڀي خاموش رهي
تو اس دهڪتي هوئي خاڪدان ڪي خير نهين
جنهون ڪي ڍالي هوئي ايٽمي بلاؤن سي
زمين ڪي خير نهين آسمان ڪي خير نهين
گزشته جنگ ۾ گهر بار هي جلي، اس بار
عجب نهين ڪه يه تنهائيان ڀي جل جائين
گزشته جنگ ۾ پيڪر جلي مگر اس بار
عجب نهين ڪي يه پرڇائيان ڀي جل جائين