کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ايوان صدر ۾ ڌاڙيل

ايوان صدر ۾ ڌاڙيل

حسن مجتبي
September 6th, 2008

1992ع ۾ جڏهن تڏهوڪي دور جي وزير اعظم نواز شريف ڪراچي جو دورو ڪندي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ شهرين ۽ پوليس سان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ رابطو ڪيو تڏهن جن تنظيم ”سٽيزن پوليس ليز ان ڪميٽي“ يا سي پي ايل سي جي تڏهوڪي صدر جميل يوسف کان پڇيو هو ته ڪراچي ۾ ڪار چوري جون وارداتون ايتري تيزي سان ڇو وڌي رهيون آهن ۽ هي چوري ٿيل ڪاريون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن جنهن جي جواب ۾ جميل يوسف ٻڌايو هو ته ڪراچي کان چوري ٿيل ڪجهه ڪاريون ايوان صدر اسلام آباد ۾ به بيٺيون آهن. تڏهن سنڌ جو گهرو مشير تڏهوڪي صدر غلام اسحاق خان جو بدنام ڄاٽو عرفان مروت هيو ۽ ڪراچي کان چوري يا گم ٿيل جن گاڏين جو ذڪر جميل يوسف ڪيو اُهي گاڏيون ڪراچي کان فريد مروت نالي جي ماڻهون ايوان صدر اسلام آباد لاءِ بُڪ ڪري اُماڻيون هيون.

 

اها ڳالهه مونکي اڄڪلهه ملڪ جي صدارتي عهدي لاءِ اُميدوار آصف علي زرداري جي اليڪشن وڙهڻ تي اعتراض، تنقيد ۽ ٽوڪبازي ٿيڻ کانپوءِ ياد آئي آهي. حقيقت ۾ ايوان صدر ۾ سڪندر مرزا کان وٺي جنرل مشرف تائين جيترا به صدر آيا اُهي سڀئي (چوڌري فضل الاهي کان علاوه) شهرين جي زندگي، مال، آئيني ۽ سياسي حقن تي ڌاڙو هڻندا رهيا آهن.

 

ويچاري چوڌي فضل الاهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي اڳواڻن جي هوندي پاڪستاني تاريخ جي سڀ کان طاقتور وزير اعظم لاءِ ايوان صدر جي بي اختيار ڀتين تي اهو نعرو لکيل هيو ته صدر چوڌري فضل الاهي کي آزاد ڪريو. ڪالهه ويچاري سرائيڪي معاشري جو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چئي رهيو هو ته آصف علي زرداري رسمي صدر هوندو. سمورا اختيار منهنجي هٿ ۾ هوندا. جيڪڏهن حقيقت ۾ ائين ٿيندو، معني پاڪستان جي ڀتين تي لکيل اهو نعرو ڇا ڪڏهن پراڻو ڪونه ٿيندو ”ضمير جي قيدي آصف علي زرداري کي آزاد ڪريو“.

 

پاڪستان پيپلز پارٽي جي هن موروثي شريڪ چيئرپرسن کان جڏهن پڇيو ويو ته هو هڪ پارٽي جو صدر هوندي ايوان صدر ۾ ويهي ڪري رياستي صدر جو ڪردار ڪيئن ادا ڪندو ته هن ذوالفقار علي ڀٽي جو مثال ڏنو ته هن به پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين هجڻ باوجود به صدر جو عهدو سنڀاليو هو. اها به سندس هڪ غلط مثال هئي.

 

ذوالفقار علي ڀٽي سان پاڪستان جي عوام جي محبت پنهنجي جاءِ تي پر ذوالفقار علي ڀٽو به ته ناجائز ۽ سويلين آمراڻو صدر بڻجي ڪري ئي اقتدار ۾ آيو هو. پاڪستاني فوج جي هٿان بنگال کانپوءِ ٽڪرا ٿيل باقي پاڪستان ۾ هزيمت يافته فوجي جرنيلن پنهنجو گند سندس هٿن سان صاف ڪرائڻ لاءِ ڀٽي کي سويلين چيف مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر نامزد ڪيو هو.

 

سڀ کان پهريون ڪم جيڪو قائد عوام ڪيو هو هي هيو ته پنهنجي ئي پارٽي جي جيالي ۽ جمهوريت پسند ڪارڪن ۽ دوست لائلپور جي مختار رانا ۽ سندس مارشل لاء جاري رکڻ جي مخالفت سبب کيس فوجي عدالت کان سزا ڏيارائي. مختار رانا سزا ڀوڳڻ کانپوءِ جيئن ئي ڏيهه نيڪالي لاءِ برطانيا ويو ته ٻيهر شايد ئي سندس ڪو خبر آئي هوندي.

 

ذوالفقار علي ڀٽي آئين قائم ڪري پنهنجي مخالفن کي سبق سيکارڻ جو ڪم پنهنجي ئي مخالف پارٽي دوستن سان ڪيو، هن ۽ سندس انتقام پسندي جو ڪجهه ميوو حاڪم علي زرداري به چکيو جڏهن ڪيترا ئي ڀيرا ذوالفقار علي ڀٽي حاڪم علي زرداري کي خاص لغت ۽ خطابن معني سرعام گاريون ڏنيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيان ٿو ته شايد ائين ته نه آهي جو زرداري پاڪستان يپپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان سان سياسي پلاند ڪرڻ چاهي ٿو. ذوالفقار علي ڀٽي نيپ جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن سان سنڌ ۾ ايم اين اي مير علي بخش ٽالپر جيڪو فريال ٽالر جو سهرو هيو کي به جيل اُماڻيو هو. مير علي بخش ٽالپر سندس آزادي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس شمار سنڌ جي عوام جي منپسند ماڻهن ۾ ٿيندو هو.

 

ذوالفقار علي ڀٽي کان پهريان يحيي خان جهڙي رنگين جرنيل سندس ٽولي سميت ايوان صدر کان پاڪستان ۽ هن جي عوام جي خلاف بغاوت ڪندا رهيا جن کي سندس وڃڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ هنن کي غاصبن جو ٽولو چيو. ايوب خان عوام جي شهري ۽ بنيادي حقن ۽ وڏ وزارت تي قبضو ڪندڙ زماني جو بدنام ڌاڙيل هيو. هو ته نواب ڪالا باغ تاريخي طور تي حمد خان ڌاڙيل کان به وڏو ڌاڙيل هيو. ايوب خان ئي هيو جنهن ملڪ ۾ مختلف طريقي سان حڪومت ڪئي. کيس بنگالي عوام ۽ پاڪستان جي ٻين ننڍين قومن سان دشمني ۽ نفرت هئي. سندس ئي دور ۾ قومپرست سياست ۾ ”پنجابي، پٺاڻ، مهاجر مستقل مفاد“ جي اصطلاح جي ايم سيد منظر عام تي آندي هئي. جيڪڏهن ملڪ ٽٽڻ جو ڪارڻ ون يونٽ هيو ته مارشل لاء ملڪ جي خاتمي جا بنيادي اجلاس هئا.

 

ايوب خان هجي يا يحيي، ضياء الحق يا پرويز مشرف، اهي ملڪ جا صدر پاڪستاني آئين جا باغي سڀ کان وڏا جُرم ملڪ سان غداري جي جُرم ۽ عوام جي حقن جا ڌاڙيل هئا جن جو ٻيهر شريفاڻو ۽ ترميم شده ايڊيشنز ڪينه پرور ظالم بيوروڪريٽ غلام اسحاق خان، رفيق تارڊ جهڙا لطيف تارڊ جهڙا تبليغي ۽ تهجد گزار محسن مار سردار فاروق لغاري هئا.

 

جيڪڏهن طالبان جو ڪو نواز شريف ورزن آهي ته هو رفيق تارڊ ئي هيو جنهن جو انگريزي ۾ ڪيترا ئي آمريڪي تلفظ ”ٽيرر“ ادا ڪندا. ضياء الحق جي دور ۾ ساڳيو رفيق تارڊ هيو جنهن ملڪ جي پهريان ئي مظلوم اقليت احمدي جي خلاف لاهور هاء ڪورٽ ۾ ججمينٽ ڏئي ڪري ضياء الحق جي دور ۾ کيس قصائي جي مڏي تي رکي ڇڏيو هو. نواز شريف هڪ تبليغي جج کي ملڪ جو صدر ۽ ٻي تبليغي جرنيل ناصر کي آءِ ايس آءِ جو صدر چونڊرايو. هاڻي اها ٻلي ست ڪوئا کائي ست حج ڪري موٽي آئي آهي.

 

جيڪڏهن پاڪستاني آئين جا باغي ۽ عوام جي شهري ۽ آئيني حقن جا ڌاڙيل پاڪستان جا صدر بڻجي سگهن ٿا ته زرداري ڇو نه ٿو بڻجي سگهي؟ آخر هن به ته آئين کان انڪار ڪيو هو جيڪو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي جو مطالبو پڻ ڪري ٿو. زرداري کي به ڦرجندڙ پاڪستان کي وڌيڪ ڦرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌي چوندا آهن ته راڳي ۽ عضو تناسل جو پيٽ ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهي. برصغير ۾ ڪڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت هوندي هئي ۽ هاڻي زرداري اينڊ ڪمپني جي مستقل يا اسپيشل مفاد جي حڪومت آهي.

 

جيڪڏهن حالتون يا پاڪستان جي ملٽري انٽيلي جنس کيس بينظير ڀٽو جهڙي عورت جو مڙس ۽ پيپلز پارٽي جو موروثي شريڪ چيئرمين بڻائي سگهن ٿا ته صدر به نامزد ڪرائي ڇڏيندا ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا جرنل يا فوجي اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي هن جي انجام تائين پهچائي هاڻي هن جو الزام پنهنجي فور اسٽار ڪُلهن تي ڪونه لڳڻ ڏيندا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com