پاڪستاني سياست ۾ ايترو گوڙ ۽ اُتاولو پن ڪونه آهي جيترو انٽرنيٽ تي ظاهر ڪيو وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه ڄاڻي توهان اچرج ۾ پئجي ويندا ته ڪنهن لاءِ به هن کان به وڌيڪ سٺو ڇا هوندو ته هو پاڪستان جي موجوده صورتحال باري يا ڪنهن به صوبي ۾ ڪنهن به ڪنڍ ڪڙڇ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي يا ڇا نه ٿي رهيو آهي اُها ڳالهيون انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪري سگهي.
ائين ته قسمت سان ئي ٿيندو آهي جو انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪيل مواد يا شئيون مزاحيه هجن. جيڪڏهن هن مواد کي مزاحيه ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪئي وڃي ته نتيجو صفر ئي نڪرندو آهي ۽ جيڪو مزاح به پيش ڪيو وڃي ٿو هو تمام بيڪار معيار جو هوندو آهي، اڄڪلهه انٽرنيٽ تان ايس ايم ايس وسيلي پاڪستان جي قومي تراني جي پيروڏي به ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي. بي وزن هجڻ سبب آئون ٻه ٽي لائنن کان وڌيڪ نه پڙهي سگهيس. توڙي اسانجي قومي تراني ۾ ٽي چار کان وڌيڪ اُردو جا لفظ نه آهن پر پوري تراني ۾ وزن آهي.
پيروڏي تراني ۾ تمام منفرد قسم جا ڪردار پيش ڪيا ويا آهن. هڪ شايد بوسٽن وغيره جو رهواسي آهي جيڪو پاڻ کي ”بين الاقوامي پروفيسر“ يا خدائي فوجدار سمجهندو آهي. هو ظالم ماڻهون آهي جيڪو اينٽي لبرل، اينٽي آمريڪا ۽ القاعده جي حمايت ۾ سندس جذبن جو اظهار ڪندو آهي. هو مين اسٽريم آمريڪي سياست ۽ صحافت ۾ به تنقيد ڪندو رهندو آهي.
ڪيترا ڀيرا سندس تنقيد حد کان وڌيڪ سخت هوندي آهي ڇاڪاڻ ته سندس کوڙ ساريون تحريرون اهڙي ماڻهن جي خلاف غصو ڏيارائينديون آهن جن باري پنهنجي راء جو اظهار ڪندا رهن ٿا. آمريڪا ۾ اهڙي قسم جي شئين سبب توهانکي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. هوم لينڊ سيڪورٽي جاچ ڪري سگهي ٿي جن تي هو تنقيد ڪندا آهن هنن مان ڪجهه ماڻهن کيس چيو آهي ته پنهنجي تحريرن جي ساک لاءِ هو سندس سڃاڻ ظاهر ڪري پر هو ته وڏو بزدل ماڻهون آهي. هو ڪير به آهي جٿي به آهي ڪند زهر کان به گهڻو خطرناڪ آهي.
تراني جو هڪ ڪردار شفيق خان آهي جنهن سندس ايڊريس ڪئناڊا ٻڌايو آهي ۽ ڪيترا ڀيرا پاڪستاني سياست ۽ سياستدانن جي خلاف انٽرنيٽ تي پيغام اپلوڊ ڪندو آهي، هو جنهن نالي سان ڪم ڪري رهيو آ هو يقيني طور تي نقلي هوندو. آئون اڪيلو ماڻهون ڪونه آهيان جنهن سندس نالو لسٽ کان خارج ڪرڻ لاءِ چيو آهي، آئون کيس ”بلاڪ سينڊرز لسٽ“ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هڪ ٻيو اهم ڪردار لاهور جي عورت هئي جنهن جو نالو ياسمين علي ظاهر ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن ڪٿي ”مس نيسٽي“ جو مقابلو ٿيندو ته هن عورتن کي ضرور اهو تاج پارايو ويندو پر ڇاڪاڻ ته جيڪا ڳالهه صحيح هوندي آهي اُها بلڪل صحيح ۽ حقيقت آهي ته عورت جي انگريزي خراب نه آهي پر جيڪو ڪجهه به لکندي آهي اهو هضم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هڪ ماڻهون سيد جمال الدين جي نالي کان مواد لوڊ ڪندو آهي ۽ پنهنجو تعلق فرانس سان ٻڌائيندو آهي ۽ پاڪستان جي ورهاست جو خواهشمند آهي، هو جنهن ويب سائٽ جو ايڊريس استعمال ڪندو آهي هن مان هڪ هي آهي ”dividepakistan.com“ هن ۽ هن جي پيروڪارن جي سڃاڻ مختلف نه آهي انڪري آئون هنن جي پرواهه نه ڪندو آهيان.
هن کان علاوه به ڪيترا ئي ماڻهون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ مونکي موصول ٿيل اي ميلز مان هڪ اي ميل تمام ”باخبر ذريعن موجب“ جينوئن هئي ته ”جنرل اشفاق پرويز ڪياني جلدي قوم کي خطاب ڪندو.“ سندس تقرير ائين شروع ٿي سگهي ٿي، منهنجا عزيز هم وطنو پاڪستان ۾ انتهائي مايوسي جي صورتحال جي ڪارڻ آئون اهو قدم کنيو آهي.
هڪ اي ميل موڪلڻ وارو انڊين آهي جيڪو لنڊن جو رهواسي آهي. هو ڪيترا ڀيرا پاڪستان کي صلاح ڏيندو رهيو آهي ۽ سدائين هن ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته پاڪستان جو انڊيا سان مقابلو ناهي. اسين ان ڪري هن کي پنهنجي ڪمتر پوزيشن کي چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ۽ وڌيڪ ڳالهائڻ يا عمل ڪرڻ کان لهرائڻ گهرجي معني چادر ڏسي پير ڦهلائڻ گهرجن ۽ هڪ ٻي اي ميلر پاڻ کي جي بواس ظاهر ڪندو آهي هو اسلام کان ڏاڍي نفرت ڪندو آهي هن کي ملا عمر جي سپرد ڪرڻ گهرجي. چائينيز تعليم ۾ هن کي ازسرنو تعليم چئبو آهي.
اهڙيون بي شمار، فضول ۽ نفرت واريون اي ميل انٽرنيٽ تي گهمي رهيون آهن. هي اي ميلز ڊيليٽ ڪرڻ ئي بهتر هوندو. اهڙيون اي ميلز بلاڪ سينڊرز لسٽ ۾ اُڇلائڻ گهرجن ته جيئن هنن کان ايندڙ ڪو به اي ميل پاڻ ڊيليٽ ميل باڪس ۾ هلي وڃي. توهان ڪنهن ڏهه سال جي ٻار کان پڇي سگهو ٿا ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، انٽرنيٽ کي سموري فراڊين جو هيڊ ڪوارٽر به چئبو آهي. لکين ماڻهون لالچ يا نجس يا ٻنهيءَ ڪارڻ هن جو شڪار ٿيندا آهن. ايف بي آءِ وٽ هڪ اهڙو سيڪشن آهي جنهن جي ذريعي ماڻهن کي انٽرنيٽ جي خطري کان خبردار ڪيو ويندو آهي.
ايف بي آءِ موجب هلندڙ هفتي هن انٽرنيٽ ڪرائم ڪمپلينٽ سينٽر جنهن کي IC3 به چئبو آهي کي Hit man جي حوالي سان هزارين رپورٽون مليون آهن. 2006ع جي آخر کان انٽرنيٽ تي اهڙا پيغام اپلوڊ ٿي رهيا آهن. پيغام ۾ دعوي ڪئي وئي آهي ته سينڊر جنهن کي اي ميل موڪلي آهي کيس ڪنهن کي قتل ڪرڻ لاءِ هائر ڪيو ويو آهي. ايف بي آءِ اي ميل ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي خاص هدايت ڪئي آهي ته هنن سائبر ڪرمنلز کان هوشيار رهن جيڪي توهانکي ڦُري سگهن ٿا.
ايف بي آءِ Hit man طرفان اي ميل ملڻ تي اداري کي اطلاع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيورو اها به هدايت ڪئي آهي ته اهڙي اي ميلز جو جواب نه ڏنو وڃي، اڻ ڄاتل يا مشڪوڪ ماڻهن طرفان ملندڙ اي ميلز کي نظر انداز ڪيو وڃي. ماڻهن کي گهرجي ته اي ميل ۾ موڪليل صرف ان اٽيچمنٽ کي اوپن نه ڪيو وڃي جيڪا ڪنهن مجاز تنظيم يا اهڙي ماڻهون طرفان موڪلي وئي هجي ڇاڪاڻ ته گمنام اي ميل جي ذريعي موڪليل Attachments ۾ وائرس ٿي سگهن ٿا.