نصير الدين ٻڌايو آهي ته جڏهن 14 آگسٽ جي صبح جناح صاحب ۽ مائونٽبيٽن سينگهاريل اسيمبلي هال ڏانهن وڃي رهيا هئا ته آئون به روڊ تي بيٺل هنن هزارين ماڻهن سان بيٺو هوس جيڪي اکين ۾ لُڙڪ آڻي جناح صاحب کي ڏسي هٿ لُوڏائي رهيا هئا ۽ شڪر ادا ڪري رهيا هئا ته جناح صاحب هڪ اهڙو مُلڪ ٺاهيو جنهن جي ڇت سڀنيءَ کي خوف ۽ روز ٿيندڙ جهيڙن کان بچائيندي.
آئون هيٺ ويهي رهيس ۽ روشني ڀريل اکين سان نصير الدين کي ڏسي رهيو هوس ته جيئن سندس ڳالهيون ضايع ٿيڻ کان پهريان ئي پڪڙي سگهان.
پوءِ جنرل ايوب آيو. اسين سڀئي ماڻهون الاهي خوش هئا سين. اسين سڀئي خوش هئا سين. هن اچڻ شرط چيو ته آئون ڪڻڪ ۽ کنڊ لڪائڻ وارن کي پاڻ گولي هڻندس. ڪو به ماڻهون روڊ تي ڪند اُڇلائيندو ته اسين سندس کل لاهي ڇڏيندس. سمورو عوام ملڪ لاءِ ڪم ڪندو ۽ سڀنيءَ کي هڪ جهڙو حق ملندو.
پوءِ نصير الدين خاموش ٿي ويو.
پوءِ ڇا ٿيو؟ آئون تنگ ٿيندي پڇيو. آئون چاهيان ٿو ته هو ڳالهائيندو رهي.
نصير الدين کليو. ادا توهانکي سڀ خبر آهي. اڳتي ڇا ٻڌايان!
نصير الدين تون ڪڏهن ووٽ ڏنو آهي؟
جي ها! ستر جي ڏهاڪي ۾ پهرين ۽ آخري دفعي ڏنو هو. هتي چوسول تي سڄي رات چوٻول ٿيندا رهيا. الاهي ماڻهن جو خيال هو ته هلو دير سان ئي سهي هاڻي ڌڻي سڳوري اسانجي مُراد پوري ڪئي آهي ان ڪري ڌڻي سڳوري، ذوالفقار علي ڀٽو کي موڪليو آهي. اٽو، لٽو ۽ اجهو جي ڳڻتي ته نه هوندي.
سائين، جڏهن سندس ڪامياب ٿيڻ جي خبر ملي ته مونکي سمجهه نه اچي رهي هئي ته خوشي ۾ سامهون واري بلڊنگ تي چڙهي اُڏامڻ جي ڪوسش ڪريان، ڊوڙڻ شروع ڪيان يا رڙيون ڪريان. هتي چوسول تي ايتري مٺائي ورهائي وئي جو حلوائي منجهند جو دُڪان بند ڪري هليو ويو.
جڏهن ضياء الحق آيو تڏهن به حلوائي جي دُڪان ڦرجي وئي هئي. جڏهن بينظير ڀٽو آءِ تڏهن به دُڪان خالي ٿي وئي. مشرف ٽيم اچڻ کانپوءِ به ساڳيو ڪم ٿيو. بابو جي سمجهه نٿي اچي ته اسانجي قوم ايتري پاگل ڇو ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪو اچي تڏهن به مٺائي ورهائيندي آهي ڪو وڃي تڏهن به مٺائي ورهائيندي آهي.
پر نصير الدين تنهنجي حياتي ۾ هو ڪهڙو ڏينهن هيو جڏهن توکي ڪنهن شئي جو سڀ کان وڌيڪ شوق هيو؟
سچ ٻڌايان بابو جي! منهنجو خيال آهي ته جڏهن آئون پنهنجي ذال سان پنهنجي ٻارن جي آڱر پڪڙي 14 آگسٽ تي 8 ڏينهن اڳ ڪراچي جي ريلوي اسٽيشن تي لٿو هوس تڏهن جيئن مٺي ننڊ آئي هئي، هن کانپوءِ ڪڏهن ڪونه آئي. هڪ سيٺ مونکي پنهنجي مل ۾ ملازمت ڏني هئي، رهڻ لاءِ ڪوارٽر ڏنو هو، پگهار گهٽ هئي پر گذر بسر ٿيندو هو.
تيرهن چوڏهن سالن تائين پورهيو ڪندو رهيس، پوءِ سيٺ جو ڪم تمام ٿي ويو، ذال مري وئي. ڇوڪرو نشي جو عادي ٿي ويو. هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو. ڪڏهن ڪورنگي ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن هتي به ايندو آهي. سيٺ جو ڪم تمام ٿيڻ کانپوءِ آئون جونا مارڪيٽ ۾ ريڙهو ڪائڻ شروع ڪيو. هاڻي اٺ ورهين کان اهو ڪم به نه ٿو ڪري سگهان.
اڄ نصير الدين 82 يا 83 سالن جو ٿي ويو آهي ۽ ڪراچي جي پاڪستان چوڪ جي هڪ ننڍي گهٽي ۾ هڪ جهڳي ۾ زندگي جا ڏينهن پورا ڪري رهيو آهي. پاڙيسيري ايندا آهن ۽ خاموشي سان ڪجهه نه ڪجهه ڏئي هليا ويندا آهن.
ڳالهين ڳالهين ۾ نصير الدين کي اچانڪ خيال آيو ته آئون مهمان آهيان. هن جست جي هڪ پراڻي پليٽ کان ڪپڙو لاهي منهنجي سامهون رکي.
سائين کائو! هڪ ڇوڪرو زرداري صاحب جي خوشي ۾ مٺائي جي طور تي هي ٽي ٽُڪرا ڏئي ويو آهي.... الاءِ ٻيهر ڪڏهن مٺائي ايندي......
پوءِ نصير الدين سندس ئي ڳالهه تي کلڻ شروع ڪيو. کلندي کلندي کنگهه جو دورو پئجي ويو ۽ ويچارو کنگهندو رهيو.