پاڪستان جي سياست ۾ پنجاب جي ڪردار کان هر ڪو واقف آهي. صدارتي چونڊن کي پنجاب مخالفن ٻن منهن واري هٿيار وانگر استعمال ڪرڻ جو جتن ڪيو. اهو تاثر ڏنو ويو ته پنجاب زرداري جي خلاف آهي ۽ زرداري صاحب غير پنجابين جي طاقت سان صدر بڻجي ويو آهي. هن تاثر جو حقيقت سان ڪهڙو تعلق آهي ان ڪري توهان صدارتي چونڊن جا رزلٽ ڏسو سگهو ٿا.
سينٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ڪُل 442 ووٽن مان 426 ووٽ مليا آهن. پارليامينٽ، سينٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پنجاب جا 200 کان وڌيڪ ووٽ آهن. جيڪڏهن زرداري صاحب کي پنجابي جو هڪ ووٽ به نه ملي ها ته کيس 281 ووٽ ڪونه ملي سگهندا هئا. جيڪڏهن توهان پنجاب جو جائزو وٺندا ته صدارتي چونڊن ۾ زرداري صاحب کي نواز ليگ جي مقابلي ۾ 14 ووٽ گهٽ مليا آهن. نواز ليگ کي 65 مان صرف 35 ووٽ مليا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته پنجاب ۾ نواز ليگ پوري طرح ڇايل نه آهي. پر زرداري صاحب جي ٽيم ۾ موجود پنج مخالفن اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪسر ڪونه ڇڏي آهي ته پنجاب زرداري جي خلاف آهي ۽ زرداري پنجاب جو دشمن آهي.
هن ۾ سدائين زرداري صاحب جا اُردو ڳالهائڻ وارا دوست سڀ کان اڳتي هئا. جيڪڏهن يقين نه هجي ته فوزيه وهاب ۽ اصفهاني جي پوٽي سميت ٻين جي مضمون يا بيان پڙهو. اصفهاني جي گهران ته ڪڏهن خير جي آواز ڪونه آئي آهي. اصفهاني اهو ماڻهون آهي جنهن قائد اعظم جي خلاف 1938ع ۾ پمفلٽ لکيو هو جڏهن قائد اعظم پنجاب جي وزير اعظم سان گڏجي ڪري جناح سڪندر پيڪٽ ڪيو هو.
واضع رهي، هن پيڪٽ جي خلاف ٺهيل ميان ۽ اصفهاني پمفلٽ لکيا هئا. گذريل مهيني جڏهن آئون تسنيم صديقي صاحب جو انٽرويو ”ڊويلپمنٽ ويزن“ لاءِ ڪيو ۽ هن ٻڌايو اصفهاني ته هو ماڻهون هيو جيڪو غلام محمد جي چوڻ تي وزير اعظم محمد علي بوگره کي گن پوائنٽ تي پاڪستان واپس وٺي آيو هو. هي اُهو وقت هيو جڏهن بوگري اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار گورنر جنرل کان واپس ورتو هو. هاڻي حسين حقاني جي ذال ۽ اصفهاني جي پوٽي اهو چئي رهيون آهن ته زرداري پنجاب کان بچي.
ٽن ۽ هڪ صوبي جي ورهاست ڪندڙ حقيقت ۾ اُهي آهن جيڪي مرڪز کي بچائڻ چاهن ٿا. پاڪستان جي عوام کي پنهنجي حقن کان پري رکڻ لاءِ سدائين مضبوط مرڪز، اُردو ۽ پاسي جو اسلام جو گوڙ ڪيو ويو آهي. جڏهن به مرڪز کي پنهنجي طاقت ڪمزور ٿيندي محسوس ٿيندي آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن صوبي ڏانهن هوا جو رُخ ڦيرائيندو آهي.
18 فيبروري جي چونڊن ۾ ڪمزور حالتن باوجود پ پ کي وڏي انگ ۾ ووٽ مليا هئا. ذوالفقار علي ڀٽي کي به ته پنجاب ئي ووٽ ڏنا هئا ۽ 1970ع ۾ هو مرڪز تائين صرف پنجابين جي وسيلي پهچي سگهيو هو.
پر اُردو ڳالهائڻ وارا جيڪو ڪم الطاف حسين کان ڪونه وٺي سگهيا هو زرداري کان وٺڻ جو پروگرام تيار ڪري ويٺا آهن. هڪ تير ۾ ٻه شڪار واري پاليسي جو هنن کي ٻن پاسن جو فائدو آهي. صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ زرداري صاحب ڇا سوچي رهيو آهي هن جو فيصلو جلدي ٿيندو. شهباز شريف جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ سندس پهريون امتحان آهي.
جيڪڏهن نواز ليگ کي ڀت سان هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو جمهوري ميثاق ۽ پيپلز پارٽي جي خلاف به هوندو. صدارتي چونڊن کانپوءِ بال هاڻي زرداري جي ڪورٽ ۾ آهي. صدارتي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ مزو تڏهن آيو جڏهن زرداري کي بدعنوان چوڻ وارن به کيس ووٽ ڏنو. هن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ فضل الرحمان سڀ کان اڳتي هئا. زرداري سندس دشمنن کان جنهن طرح ووٽ ورتا آهن هي پيپلز پارٽي جي فتح آهي.
زرداري جي خلاف هن ڏينهن کان ڪم شروع ٿيو هو جڏهن سندس شادي جي خبر آئي هئي. 20 سال جي پروپوگنڊه کانپوءِ جنهن دل سان هنن ”دشمنن“ ادا کي ووٽ ڏنا هوندا هو پاڪستان جي تاريخ جو مختلف باب آهي. اڄ ته خانگي ميڊيا به پيپلز پارٽي مخالفن کان پري بيٺي آهي. پر هي سڀ پنهنجون ڪاتيون تکيون ڪري رهيا آهن ته جيئن ٻلي حج ڪري سگهي.
Newline2100@yahoo.co.uk