11 سيپٽمبر جي اُها صبح مونکي سٺي طرح ياد آهي. آئون پنهنجي ناناڻي شهر چنيوٽ ۾ هوس ۽ چنيوٽ ميونسپلٽي جو هڪ ملازم يوسف خرادي هڪ ٽانگي تي ويهي لائوڊ اسپيڪر سان اعلان ڪري رهيو هو ته ”حضرات! توهانکي اهو ٻڌي ڏک ٿيندو ته پاڪستان جو باني، بابائي ملت حضرت قائد اعظم محمد علي جناح زيارت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. انا لله وانا اليه راجعون.“
هن وقت پاڪستان جي عمر هڪ سال ۽ پنجويهه ڏينهن هئي جڏهن پاڪستان جو پيءُ گذاري ويو هو. اڃان حڪومت پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ڪونه هئي. اڃان پاڪستان جي حڪومت لياقت علي خان جي آڱر پڪڙي هلندي هئي. قائد اعظم جي لاڏاڻي کانپوءِ ائين محسوس ٿيندو هو ته جڻ ته پاڪستان آکيري مان هيٺ زمين تي ڪريل ٻوٽي معني (جهرڪي جو ٻچو) هجي جيڪو سڄي حياتي پرواز ڪونه ڪري سگهندو. ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي ڌاڙيلن جا ٽولا پاڪستان کي پالتو پکي ٺاهي پڃري ۾ قيد رکڻ جا خواهشمند هئا ۽ ڏينهن رات پنهنجو خواب پورو ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هنن ۾ فوج به شامل هئي، بابو شاهي به هئي، سمڊ پار جا وڏا شڪاري پڻ هئا جيڪي انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪڏهن هتي هن پکي جا پر ڪٽي هن کي بيوس ڪري پڃري ۾ بند ڪريون.
۽ بعد ۾ پاڪستان بيوس ٿيو ۽ اسانجو پيارو ملڪ پاڪستان پنهنجي دشمنن جو قيدي بڻجي ويو. هي طاقتون سندس پرَ قينچ ڪنديون رهيون ۽ نيٺ هن پکي جا سمورا کنڀ ڪٽجي ويا. جڻ ته ڪنهن سياسي يتيم جو حال ٿيندو آهي.
ڪجهه سال اڳ تائين 11 سيپٽمبر پاڪستانين لاءِ قائد اعظم جي لاڏاڻي جو ڏينهن هوندو هو پر هاڻي هي آمريڪا جي شهادت جو ڏينهن آهي. هن ڏينهن نيويارڪ ۾ جوڙا ٽاور شهيد ٿيا هئا. آمريڪا تي حملو ڪرڻ، واڱون جي منهن ۾ هٿ وجهڻ هيو. ۽ مسلمانن جو هٿ هن ڏينهن کان ڦاٿل آهي. ڇڏائجي ئي نه ٿو.
حقيقت ۾ هي دنيا ڀر جي مسلمانن جي خلاف هڪ وڏي سازش هئي، ته جيئن کين سموري دنيا کان ڌار ڪيو وڃي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو آمريڪي پرڏيهي سياست جي کوڙ مغزي جو منطقي نتيجو هو. طالبان جي تنظيم آمريڪين جي ضرورت هئي ۽ آمريڪين جي مرضي سان وجود ۾ آئي هئي. کين افغانستان مان ئي روسي فوجن کي ڪڍڻ لاءِ طالبان ۽ القاعده جي ڪن ڀڳلن جي ضرورت هئي. هنن اڌ پڙهيل لکيل مسلمانن کي جهاد جو سبق پڙهائي استعمال ڪيو ويو ۽ اسلام جي غلط تعبير ۽ ڊالر ڏيکاري سموري دنيا جي مسلمانن جو جذباتي استحصال ڪيو ويو. جهادي تنظيمن کي ڊالر جو چسڪو هڻي، بيروزگار ڇوڪرن کي غلط رستو ڏيکاريو ويو. عقل جا انڌا ۽ اڌ پڙهيل لکيل مولوي روس جي خلاف آمريڪي جنگ کي جهاد چوندا رهيا.
پاڪستان جو فوجي صدر مرد ناحق هن جعلي جهادي ڪلچر جي پرورش ڪرڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ آمريڪين کان به ٻه هٿ اڳتي هيو. جنرل گُل حميد ۽ شيخ رشيب ده هن ويڙهه جا پاليسي ساز هئا. اُهي ماڻهن کي ٻڌائيندا رهيا ته افغانستان سان گڏ جهادي تنظيمن کي ڪشمير جي محاذ تي استعمال ڪري 1971ع ۾ ڍاڪا جي رتوڇاڻ جو پلاند وٺي سگهجي ٿو. پر آمريڪا جا پنهنجا مفاد هئا. پنهنجو مقصد هيو. هو مال خرچ ڪري مسواڙ جا سپاهي استعمال ڪري رهيو هو ۽ نالو جهاد جو عام ڪري رهيو هو.
سڄي دنيا کي خبر آهي ته هي ويڙهه آمريڪا جي مفادن لاءِ وڙهي وئي ۽ مستقبل تائين هلندي رهندي. آمريڪا سڄي دنيا تي حڪومت ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي. سڄي دنيا جو ٿاڻيدار. هن ٿاڻيدار جو ڪم آهي قانون جي نالي تي قانون جي مٽي خوار ڪرڻ جيڪا ٿي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي.
11 سيپٽمبر هر سال اهو پيغام وٺي ايندو آهي ته هن زمين جو مالڪ آمريڪا آهي ۽ باقي سڄي دنيا کي هو پنهنجي ڪالوني سمجهندو آهي. مسلمان خاص طور تي هن جا اقتصادي غلام آهن ۽ ٻي پاسي اسلام جا ليڊر حقيقت ۾ ڊالرن جا غلام آهن.
اچو، آخر ۾ قائد اعظم لاءِ فاتح خواني جي ڪوشش ڪريون!
قائد اعظم ڏسي رهيا آهيو پنهنجو پاڪستان؟