کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > سياسي پارٽيون تعليمي ادارن کان نڪري وڃن: بدر

سياسي پارٽيون تعليمي ادارن کان نڪري وڃن: بدر

عامر رياض
September 13th, 2008

شاگردن جي باري نئين تحقيق جي افتتاحي تقريب

 

10 سيپٽمبر تي لاهور جي مشهور ڪاليج نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ نوجوانن ۾ شامل ٿي ڪري ڪم ڪندڙ گوجرانواله جي تنظيم برگد باري هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو.

 

اجلس ۾ هڪ سروي رپورٽ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪرڻ جو انتظام پڻ ڪيو ويو هو. اهڙو پروگرام ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ به منعقد ڪيو ويو هو. هن سروي رپورٽ جي ليکڪ جو نالو اقبال حيدر بٽ آهي جيڪو اسانجي عمر جي پنجابين مان عزتدار آهي. هو اهڙيون ڳالهيون ڪندو جنهن باري اسين سوچي نه سگهيا سين.

 

طويل عرصي کانپوءِ لاهور شهر ۾ اهڙو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شامل ٿيندڙ 95 سيڪڙو نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا. نه ته اڪثر اهڙي پروگرامن ۾ اسان جهڙي ماڻهن کان علاوه، ترقي پسند پوڙها هوندا آهن يا وري نئين اين جي او ٽريڊ مارڪ (ورڪشاپ وارا). اسلامه ڪاليج چونا منڊي، پنجاب يونيورسٽي، لاهور ڪاليج، گورنمنٽ ڪاليج، ورچوئل يونيورسٽي، ايف سي ڪاليج ۽ ڪنيئرڊ ڪاليج سميت ڪيترن ئي ادارن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن جلسي ۾ موجود هيون. پروفيسر شاهد گل ۽ پروفيسر ساجد جهڙا استاد پڻ موجود هئا.

 

پنهنجي هن تحرير ۾ محقق اقبال حيدر بٽ هي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اڄ شاگردن جي اسٽوڊنٽس پاليٽيڪس باري ڇا راء آهي ۽ هو تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي چونڊن کي ڪيئن ڏسندا آهن. A-4 سائيز جي 54 ورقعن تي ڦهليل اها رپورٽ ٽيبلن تي چارٽن وانگر آهي. هن تحقيق لاءِ ملڪ پاڪستان جي سموري جنرل ايجوڪيشن جون پبلڪ يونيورسٽين جو سروي ڪيو ويو. جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته 1966ع جي حمود الرحمان ڪميشن کانپوءِ پهرين دفعي ڪنهن کي اها توفيق ٿئي ته شاگردن کان به سندن راء ورتي وڃي، ۽ اها رپورٽ پهريون مثال آهي. رپورٽ جو ٻيهر جائزو وٺندا سين پر توهان حيران ٿي ويندا ته هن پروگرام ۾ شاگرد جي پراڻي اڳواڻ جهانگير بدر به مختلف قسم جي ڳالهه ڪئي.

 

جهانگير بدر صاحب هن پروگرام جو مهمان خصوصي هيو. هونئن مهمان خصوصي ٿيڻ جي عمر ته ناهي پر بُرو وقت ۽ طوفان ٻڌائي ڪونه ايندا آهن. پر جهانگير بدر صاحب جو بُرو وقت ڪونه هيو ڇاڪاڻ ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته کيس سياسي شڪست کانپوءِ ڌٻڻ مان نڪرڻ جو طريقو سمجهه ۾ اچي ويو آهي.

 

سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي تعليمي ادارن مان نڪرڻ گهرجي. جهانگير بدر صاحب 1970 کان پنجاب يونيورسٽي ۾ شاگردن جي سياست ڪري رهيو آهي. اين ايس او کان پي ايس ايف جي ذريعي هو وڏي سياستن ڏانهن ويو هو. جيڪڏهن هو عام شاگرد نه هجي ها ته اڄ کيس الائي ڪيترا ماڻهون سڃاڻيندا هجن ها؟ هن اڄ تائين جيڪو ڪجهه به کڻيو آهي هو سياستن جو ئي ڪمال آهي. پر هن کانپوءِ سندس اهو چوڻ، ائين محسوس ٿئي ٿو ته جج حمود الرحمان وانگر هن کي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي.

 

هونئن جيڪا مار ڪُٽ، تشدد، اسلحو، منشيات اسانجي تعليمي ادارن ۾ سمائجي وئي آهي هن کي ڏسي هر ڪو چئي رهيو آهي ته هن جو علاج ضرور ٿيڻ گهرجي. جڏهن هڪ شاگرد روڊ بلاڪ ڪندو آهي ته کيس پنهنجي طاقت جو اندازو هوندو آهي. پوءِ هو شاگرد هن طاقت سان منٿلي ڇو نه وٺي، پلاٽن تي قبضو ڇو نه ڪرائي؟ هي سڀ ڳالهيون جج حمود الرحمان 1966ع ۾ لکيون هيون. پر سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هن ڳالهه جو اندازو ئي ناهي. هونئن تعليمي ادارن جو ڪم تمام ڪرڻ ۾ هر ڪنهن حصو ورتو. جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ ايم ايس ايف جي نالن کان هر ڪو واقف آهي پر نه وسارڻ گهرجي ته بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، پختون اسٽوڊنٽ فيڊريشن، جيئي سنڌ ترقي پسند ۽ سپاف سميت ڪنهن به گهٽ ناهي ڪئي.

 

جهانگير بدر صاحب ڪلاڪ ڏيڍ تائين سوالن جا جواب ڏيڻ سان گڏ تقرير به ڪندو رهيو. نوجوان شاگردن پنهنجو ڪم جاري رکندي پيچيده سوالن سان حملا به ڪندا رهيا. جڏهن جهانگير بدر صاحب مڊل ڪلاس طبقي کي سياست ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ چيو ته شاگردن جهانگير بدر صاحب جو ڌيان سندس پارٽي ڏانهن ڪرايو. هڪ شاگرد سوال پڇيو ته توهانڊي پنهنجي پارٽي جو چيئرمين هڪ شاگرد آهي ته پوءِ توهان اها ڳالهه ڪيئن ڪري سگهو ٿا. پر بدر صاحب وڏي دانشورن وانگر جواب ڏئي سڀ کي حيران ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي تعليمي ادارن کان علاوه نوجوانن جا ونگ ٺاهڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارن ۾ سياسي پارٽين سبب جهيڙا ٿيندا آهن.

 

برگد جي رنگ ليڊر صبيحه شاهين ڇوڪرين لاءِ 50 سيڪڙو ڪوٽا جو مطالبو ڪيو. جيڪڏهن مونکي پروفيسر ساجد سان اسٽيج تي ويهڻو نه پوي ها ته آئون به ضرور سوال ڪريان ها. هاڻي اسانکي انتظار آهي ته جهانگير بدر صاحب ڪڏهن هن مسئلي باري سياسي پارٽين جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪندا.

  

 


 

 

Powered by: PHPCow.com