ڊائناسورس جي باري چيو ويندو آهي ته هو تمام سخت جان ۽ طاقتور جانور هوندا هئا. هنن جي نسل اڄ کان 32 ڪروڙ سال کان وٺي 61 ڪروڙ سال اڳ دنيا تي راج ڪندي هئي. گذريل پنجاه سال پهريان کان سائنسدان هنن تي ريسرچ ڪري رهيا آهن ۽ اسين ٻڌي رهيا آهيون ته ڊائناسورس جون هڏيون دنيا جي مختلف هنڌن کان ملي رهيون آهن جيڪي هاڻي دنيا جي عجائب گهرن ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن. سائنسدانن جو خيال هو ته ڊائناسورس سست ۽ گڏهه وانگر بيوقوف هوندا هئا. پر 1970 جي ڏهاڪي کانپوءِ ٿيندڙ تجربن کان معلوم ٿيو آهي ته ڊائناسور تمام تيز جانور هئا ۽ هر هنڌ ۽ هر ماحول ۾ سمائجي ويندا هئا.
جڏهن کان ڊائناسورس جون هڏيون ملڻ شروع ٿيون آهن، ٻارن، نوجوانن سميت پوڙهن ۾ به هن جانور باري ڏاڍي دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي آهي. 1993ع ۾ فلم ڊائيريڪٽر اسٽيون اسپيل برگ جڏهن مائڪل ڪرچٽن جي سائنس فڪشن ناول ”جراسڪ پارڪ“ تي فلم ٺاهي ته ڊائناسور باري ماڻهن جي دلچسپي ڏاڍي وڌي وئي.
هن جانور باري ڊانئاسورس جو لفظ پهريون ڀيرو سر رچرڊ اوون 1842 ۾ استعمال ڪيو. هي يوناني ٻولي جو لفظ آهي ۽ هن ٻولي ۾ هن لفظ جي معني آهي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ طاقتور. سائنسدانن پنهنجي ريسرچ کان معلوم ڪيو ته ڊائناسور اڄڪلهه دنيا جي سڀ کان وڏي وهيل مڇي کان به وڏا هوندا هئا.
هاڻي هي سوال پيدا ٿيو آهي ته ايتري وڏي ۽ طاقتور جانورن جي نسل ڪيئن ختم ٿي. هن باري سائنسدانن جي تجويز سڀ کان منفرد آهي. پر الاهي سائنسدان تسليم ڪندا آهن ته اڄ کان ساڍا ڇهه ڪروڙ سال پهريان هڪ 3 کان 9 ميل ويڪرو اسٽيرائيڊ زمين سان ٽڪرائجي ويو هو جنهن سبب ڌرتي تي 110 ميل ويڪرو کڏو بڻجي ويو هو ۽ سمڊ زمين کي لوڙهائي ويو. هونئن ڊائناسور سميت سموري مخلوق لُرهي وئي هئي.
هن باري هڪ ٻي ريسرچ کي مڃڻ وارا ”دڪن ٽريپ“ جو نالو کڻڻدا آهن. هن ۾ اڄ کان ساڍا ڇهه ڪروڙ سال پهريان سيلاب اچڻ سبب ڌرتي جي درجه حرارت ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ٿيڻ شروع ٿي. هن سان ئي ٻرندڙ جبلن مان باهه نڪرڻ شروع ٿي جنهن سبب هوا ۾ سلفيورڪ ايسڊ ۽ ٻيون خطرناڪ شئيون شامل ٿيڻ شروع ٿيون ۽ هنن سڄ کان ايندڙ اُس کي روڪي ڇڏيو. ائين وڻن جو فوٽو سنٿسز جو عمل بند ٿي ويو ۽ حياتي ختم ٿيڻ شروع ٿئي.
پوءِ توهان سوچي سگهو ٿا ته اڄ کان ساڍا ڇهه ڪروڙ سال پهريان ڊائناسورن جي قسمت ڏاڍي خراب هئي جو هنن سان هي سڀ ڪجهه ٿيو. هن کان پهريان ڪروڙين سالن تائين هنن جي حياتي تمام آسان هئي. سائنسدانن جي هڪ نئين ريسرچ موجب جڏهن ڊائناسور اسانجي 13 ڪروڙ سالن تائين دنيا ۾ راج ڪندا رهيا ته هن جو مطلب هي ناهي ته هو ٻين سڀنيءَ جانورن کان وڌيڪ طاقتور ۽ هوشيار هئا بڪ هن جو ڪارڻ هي هيو ته هنن جي قسمت هن وقت چڱي هئي.
انگلينڊ جي برسٽل يونيورسٽي جي پروفيسر مائيڪ بينٽن، ڪولمبيا يونيورسٽي جي پروفيسر اسٽيفن بروسيٽ ۽ سندس دوستن ڊائناسورس ۽ هنن جي مقابلي ۾ ٻين جانورن ڪروروٽارسن تي ريسرچ ڪئي آهي. هنن جي اها نئين ريسرچ ميگزين ”سائنس“ ۾ شايع ٿي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته ڪروروٽارسن ۽ ڊائناسورس ٻئي اڄ کان ساڍا 22 ڪروڙ سال پهريان هڪ وڏي سيلاب کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. بعد ۾ جڏهن اڄ کان 20 ڪروڙ سال پهريان هڪ ٻيو وڏو سيلاب آيو جنهن سان هن وقت گلوبل وارمنگ ۾ اضافو ٿيو. ڪروروٽارسن جي نسل اها تبديلي برداشت ڪونه ڪري سگهي ۽ هن جو خاتمو ٿي ويو پر ڊائناسورس بچي ويا هئا.
ڊائناسورس جي مقابلي جي ٻين وڏن جانورن جي نسل ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊائناسورس ساڍا 13 ڪروڙ سالن تائين دنيا ۾ اڪيلا راج ڪندا رهيا جڏهن هڪ ٻي مصيبت آئي ته ايسٽيرائيڊ جي زمين سان ٽڪرائڻ سبب هنن جي نسل به ختم ٿي وئي.
پر طويل عرصي تائين سائنسدان سمجهندا رهيا ته ڊائناسورس ان ڪري بچڻ ۾ ڪامياب ٿيا جو هو ڪروروٽارسن کان وڌيڪ هوشيار هئا. پر نئين ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته هي سچ ناهي. سائنسدانن اڃان تائين ملندڙ ڊائناسورس ۽ ڪروروٽاروسن جي 64 قسمن جي 500 هڏين تي ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڊيٽابيس تيار ڪيو آهي ۽ مختلف وقت ۾ هنن جي حياتي جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر بينٽن جو چوڻ آهي ته ڪروروٽارسن جي نسلن ۾ زندگي گذارڻ جي طريقن، ماني ٽڪر ۽ ماحول ۾ ڊائناسورس جي مقابلي وڌيڪ فرق ۽ ورائٽي هئي. هن سبب ڪروروٽارسن ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلي کان آساني سان بچي ويندا هئا. پر ڊائناسورس ۾ هنن وانگر پنهنجي زندگي گذارڻ جي ورائٽي ڪونه هئي.
پر 20 ڪروڙ سال پهريان ڪروروٽارسن جي نسل ختم ٿي وئي پر ڊائناسورس پنهنجي نسل بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڊاڪٽر بينٽن جو چوڻ آهي ته اهو ائين ٿيو جو ڊائناسورس جي قسمت هن وقت چڱي هئي. سندس چوڻ آهي ته ڊائناسورس جي نسل جو ڪجهه حصو ته انهيءَ وقت ختم ٿي ويو هو پر ٻيو حصو حالتن جو مقابلو ڪرڻ سبب بچي ويو. ڊاڪٽر بينٽن ۽ سندس دوست هن کي قسمت چوڻ يا ڪجهه ٻيو، پر سڀ ڪجهه رب جي مرضي سان ٿيندو آهي.