کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > اڙي چوزا

اڙي چوزا

وسعت الله خان
September 15th, 2008

10 سيپٽمبر تي براعظم ڏکڻ آمريڪا جي تمام غريب ملڪ بوليويا جي صدر ايوو موراليس آمريڪي سفير فلپ گولڊ برگ کي اهو چوندي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو ته هو حزب اختلاف کي حڪومت جي خلاف ڪري رهيو آهي. آمريڪا جوابي ڪاروائي ڪندي بوليويائي سفير کي واشنگٽن ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.

 

11 سيپٽمبر تي وينزويلا جي صدر هوگو شاويز سندس هزارين حمايتين جي سامهون چيو ته ”دوزخ ۾ وڃو غليظ اسين خودار ماڻهون آهيون.“ آمريڪي سفير پيٽرڪ ڊوڊي کي وينزويلا کان نڪرڻ ۽ واشنگٽن کان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو حڪم جاري ڪيو. شاويز چيو جڏهن نئين آمريڪي انتظاميا ايندي ته اسين به پنهنجو سفير اُماڻي ڇڏيندا سين. نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا وينزويلا جو سڀ کان وڏو تجارتي ڀائيوار آهي ۽ وينزويلا کان ساليانو چاليهه بلين ڊالر جو تيل خريد ڪندو آهي.

 

12 سيپٽمبر تي وسطي آمريڪا جي ملڪ هنڊوراس جي صدر مينوئيل زي لايا بوليويا ۽ وينزويلا سان اظهار يڪهجتي ڪندي نئين آمريڪي سفير کان اسناد سفارت وٺڻ کان انڪار ڪري ڏيو. بوليويا، وينزويلا ۽ هنڊوراس هن خطي ۾ آهن جنهن کي آمريڪا هميشه کان پنهنجو حلقو سمجهندو آهي. ٽنهيءَ مان ڪو به ائٽمي طاقت ناهي ۽ ٽيئي هڪ هفتي تائين آمريڪي فوج جو مقابلو به نه ٿا ڪري سگهن. ٽيئي ملڪ نه ته آمريڪا جا ويجها اتحادي آهن نه وري دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ جي هر اول آمريڪي ٽولي ۾ شامل آهن.

 

هي لقب ته آمريڪا سورهن هزار ڪلوميٽر پري پاڪستان لاءِ رکيو آهي جنهن مٿان 3 سيپٽمبر کان لاڳيتو ٻه ٽي ڏينهن کانپوءِ زميني يا هوائي حملا ٿي رهيا آهن. ۽ اُهي حملا به صدر بُش جي هن ٻه مهيني پراڻي خفيه اجازت نامي جي تحت ٿي رهيا آهن جنهن جي ڄاڻ صدر بش سان ملاقات ڪندڙ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي به ڪونه هئي.

 

اُهي حملا هن وفادار ملڪ تي ٿي رهيا آهن جنهن آمريڪا موجب القاعده جا سڀ کان وڌيڪ ماڻهون گرفتار ڪري هن جي حوالي ڪيا آهن. جنهن جا سوين فوجي طالبان ۽ القاعده وارن سان وڙهندي مارجي ويا آهن ۽ جيترا آمريڪي شهري يارهن سيپٽمبر 2001ع تي نيويارڪ ۾ مري ويا هئا هنن کان الاهي پاڪستاني شهري خودڪش بم ڌماڪن جا شڪار بڻجي ويا آهن.

 

هن پسمنظر ۾ پاڪستاني فوج ۽ حڪومت ڇا ڪنهن گهرو ۽ عسڪري حڪمت عملي تي قائم آهن؟ هر ڪو اهو سوال پڇي رهيو آهي.

 

زميني فوج جي صدر جنرل اشفاق پرويز ڪياني جو چوڻ آهي ته اسين ڪنهن به حملي جو ٺوس جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته اسين آمريڪا ۽ برطانيا کي پاڪستان جي خوش نيتي تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين. صدر آصف علي زرداري لنڊن وڃي ڪري بُش جي حمايتي وزير اعظم گورڊن برائون سان ملاقات ڪري رهيو آهي. پر سندس برسلز جي ناٽو هيڊ ڪوارٽرز وڃڻ جو ڪو پروگرام ناهي جنهن پاڻ ئي آمريڪي ڪارواين سان لاتعلق هجڻ جو اظهار ڪيو آهي.

 

سڀ کان بهترين بيان وزير دفاع چوڌري احمد مختار جو هيو. سندس موجب پاڪستان پنهنجي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو پر ضروري ناهي ته دفاع ترار سان ئي ڪيو وڃي. جيڪڏهن عدم تشدد جو ميسنجر گانڌي زنده هجي ها ته احمد مختار کي چُمي ڪري ها.

 

هڪ ڀيرو وچ بازار ۾ هڪ زوال شده نواب صاحب کي سندس قرض خواه ڳچي کان پڪڙي ورتو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيائين. نواب صاحب چيو، سائين مونکي اُگهاڙيون گاريون نه ڪڍ نه ته آئون به توهانکي گاريون ڪڍندس جو توهانجون ايندڙ نسلون به ياد رکنديون. هن غنڊي چيو ته نواب جا پُٽ جيڪڏهن جرات آهي ته پوءِ گار ڪڍ!

 

نواب صاحب جي اکين ۾ رت ڀرجي آيو ۽ رڙيون ڪندي چيائين اڙي چوزا منهنجو گريبان ڇڏ!

 


 

 

Powered by: PHPCow.com