اڄ آئون توهانکي ٻه چار نئيون ڪهاڻيون ٻڌائيندس. توهان هنن ڪهاڻين کي افسانا يا ناول به چئي سگهو ٿا. هي ناول پڙهڻ کانپوءِ توهانکي محسوس ٿيندو ته جنهن ملڪ جي ماضي ۾ هي ناول لکيا ويا آهن هو آهي ته پاڪستان پر هي پاڪستان اسانجو پاڪستان ناهي ڪو ٻيو پاڪستان آهي. نئون پاڪستان آهي. هاڻي توهان مختصر ڪهاڻيون ٻُڌندا.
پهرين ڪهاڻي:
اڌ رات جو وقت هيو. هڪ ذال، هڪ ڌيءَ هڪ ڀيڻ ۽ هڪ ڀاڄائي الاهي دير کان سرٻاٽ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون ۽ بار بار گهڙي ڏسي رهيون هيون. رات جي 2 بجي هو پنهنجي پنهنجي جاءِ کان اُٿيون. ڪنهن جي هٿ ۾ ڪات هيو. ڪنهن جي هٿ ۾ ڊنڊو هيو ڪنهن جي هٿ ۾ ڀاڄي ٺاهڻ واري ڪات هئي ۽ ذلا جي هٿ ۾ بندوق هئي. ڳوٺاڻو ماحول هيو، هو هوريان هوريان حُويلي مان ٻاهر نڪري آيون. احتياط سان مرداڻي مهمان خان ڏانهن وڌي رهيون هيون. هنن ٻن ۽ چار ڄنگهن واري ڪُتن کي چپ رکڻ لاءِ هڪ جهولي ۾ هڏيون وجهي ڇڏيون هيون. اوطاق تائين منهن ۾ هڏيون پوڻ کانپوءِ ڪنهن ڪُتي هنن تي ڀونڪڻ جي ضرورت محسوس ڪونه ڪئي.
جيئن عورتون بغير ڪنهن بندش جي مرداڻي اوطاق تائين پهچي ويون. اوطاق جي هڪ بيڊ روم ۾ سردار سائين ٻنهيءَ فاحشا عورتن سان موج مستي ڪري رهيو هو. ذال لت هڻي در کوليو. چار ئي عورتون بيڊ روم ۾ داخل ٿيون. ذال سردار تي بندوق تاڻي ڇڏي. سردار ۽ رنڊين پنهنجو پاڻ چادرن سان ڍڪيو. سردار رڙيون ڪندي چيو ”بدبخت ذائفون، توهان هن پاسي اچڻ جي همت ڪيئن ڪئي؟“
ذال بندوق تاڻي چيو ”اسانکي اسانجي غيرت ايستائين وٺي آئي آهي.“
”غيرت!“ سردار وري رڙيون ڪندي پڇيو ”ڪهڙي غيرت؟“
”ڪهڙي غيرت!“ ذال چيو ”هو غيرت جيڪا توکي ايندي آهي ۽ هن غيرت جي نالي تي ڪيئين ماڻهن کي ناحق قتل ڪندو آهين.“
ننهن، ڌيئرن چيو ”امڙ هن کي قتل ڪري ڇڏ“.
ذال سردار جي سيني تي ٻه چار گوليون هنيون. ننهن ڌيئرن اڳتي وڌي ڪري ڪرندڙ سردار تي ڇري ۽ ڪات سان وار ڪيا.
بعد ۾ اُهي چار ئي عورتون ٿاڻي ويون. ايس ايڇ او کي پنهنجو بيان ڏيندي عورتن چيو ”سردار عياش هيو. سندس هر رات رنڊين سان گذرندي هئي. اسين غيرت ۾ اچي ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي.“
ٻي ڪهاڻي:
ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري کي پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ ڇوڪري سان پيار ٿيو. هن پنهنجي مائٽن جي پسند سان شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، کيس ماءُ، مامي، ماسي، ناني، ڏاڏي سڀنيءَ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. هو پنهنجي ضد تي قائم هيو. هن هڪ رات پنهنجي پاڙيسيري ڇوڪري کي ڀڄائي عدالت ۾ وڃي شادي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. سندس مائٽياڻيون هر وقت هوشيار رهنديون هيون. عين هن مهل جڏهن جو رات جي اونداهه ۾ پنهنجي گهر مان نڪري ڇوڪري جي گهر وڃِ رهيو هو ته عورتن کيس پڪڙي ورتو.
ٻي ڏينهن ڇوڪري کي هڪ مختلف قسم جي جرگي سامهون پيش ڪيو ويو. هو جرگو ان ڪري مختلف هيو ڇاڪاڻ ته هن جرگي ۾ صرف عورتون هيون. سردارڻي الزام ٻڌايو ۽ گواهن سان جرح ڪئي ۽ بعد ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي سردارڻي چيو ته هن ڇوڪري کي زنده دفن ڪري ڇڏيو.
ٻي ڏينهن عورتن جي جرگي جي فيصلي تي عمل ڪيو ويو ۽ ڇوڪري کي زنده دفن ڪيو ويو.
ٽين ڪهاڻي:
ڳوٺ جي هڪ عورتن جو ڪنهن غير مرد سان چڪر هيو. هو پنهنجي مڙس کان پيڇو ڇڏائي غير مرد سان شادي ڪرڻ چاهيندي هئي. هو سمجهي نه پئي سگهي ته ڪيئن پنهنجي مڙس کان جان ڇڏائي وڃي. هن هڪ طريقو ڪڍيو. هن سوچيو پئي ته ڇو نه پنهنجي يار سان گڏجي ڪري هو پنهنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏي ۽ بعد ۾ عدت جا ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي يار سان شادي ڪري. عورت جڏهن سندس يار کي پنهنجو منصوبو ٻڌايو ته هو ڊيڄي ويو. هن ڪن پڪڙي چيو ”نه، آئون اهڙو ڦڏي وارو ڪم هرگز ڪونه ڪندس.“
عورت پنهنجي محبت ۾ بيحد مضبوط هئي. هن پنهنجي مڙس کان جان ڇڏائڻ جي نيت ڪري ورتي هئي. هن سندس مڙس کان پيڇو ڇڏائڻ جا طريقا ڳولڻ شروع ڪيا. هر مهل ڪو نه ڪو نئون طريقو سوچندي هئي. پاڻ جهڙي عورتن سان صلاح مشورو ڪندي رهي ۽ نيٺ هن پنهنجي مڙس کان جان ڇڏائڻجي هڪ بهترين ترڪيب سوچي ورتي. هن ترڪيب تي عمل ڪري هن جهڙي ڪيئين عورتن پنهنجي مڙسن کان جان ڇڏائي هئي.
هن عورت پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي سوچ جهڙي ٻه چار عورتن کي پنهنجي منصوبي ۾ شامل ڪيو. هنن کي اکين ڏٺو گواه ٺاهيو. پنهنجو ڪيس عورتن جي جرگي ۾ پيش ڪيو. ذال الزام هنيو ته هن پنهنجي مڙس کي ڪنهن ٻي عورتن سان بُري حالت ۾ ڏٺو آهي. پنهنجي الزام جي تصديق لاءِ هن چار عورتن کي اکين ڏٺي گواهه جي طور تي ذائفاڻي جرگي ۾ پيش ڪيو. هنن عورتن تصديق ڪئي جو اسين هن عورت جي مڙس کي ٻي عورت سان فصلن ۾ بُري حالت ۾ ڏٺو هو.
جرگي هن عورت ۽ سندس چار اکين ڏٺي گواهن جي گواهي ٻُڌي ڪري سندس مڙس کي موت جي سزا ٻُڌائي. ”هن ماڻهون کي چيلهه تائين زمين ۾ دفنائڻ کانپوءِ سنگسار ڪيو وڃي“.
ائين هن عورت سندس مڙس کان جان ڇڏائي ورتي ۽ پنهنجي يار سان شادي ڪئي.
چوٿين ڪهاڻي:
ڪنهن ڳوٺ جي ٻن قبيلن جي وچ ۾ ڪيئين دفعي تڪرار ٿيڻ کانپوءِ رتوڇاڻ ٿيندو هو. چڪرين ۾ ٻنهيءَ قبيلن جا ماڻهون مارجي ويندا هئا. جرگو طلب ڪيو ويندو هو. جرگو پنهنجي فيصلي ۾ ٻنهيءَ قبيلن تي جُرمانو هڻڻ کان علاوه قبيلي جي ننڍي ٻارن جي شادي ٻي قبيلي جي پوڙهن سان ڪرائيندو هو.
حالتون بدلجي ويون پر قبائلي تڪرار هلندا رهيا. هڪ دفعي تڪرار ۾ الاهي ماڻهون مارجي ويا. ڪيس عورتن جي جرگي ۾ آندو ويو ۽ ٻنهيءَ قبيلن جا بيان ٻُڌڻ کانپوءِ عورتن جي جرگي ٻنهيءَ قبيلن تي وڏو جرمانو هنيو ۽ هن کان علاوه هڪ قبيلي جي ننڍي ڇوڪرن جون شاديون ٻي قبيلي جي پوڙهي عورتن سان ڪرايون ويون.
هي ڪهاڻيون پراڻي پاڪستان جون ناهن. تڏهن مرداڻا جرگا ٿيندا هئا ۽ فيصلا به سردار ڪندا هئا. هي نئين پاڪستان جون ڪهاڻيون آهن جنهن ۾ عورتن جا جرگا ٿيندا آهن ۽ فيصلا به سردارڻيون ڪنديون آهن.