منهنجو پراڻو دوست اڪو واحد ماڻهون اهي جنهن کي آئون ميريئٽ هوٽل جي سانحي تي غمگين ٿيندي ڪونه ڏٺو. هو اهڙو حساس، سياڻو ۽ جذباتي ماڻهون آهي جيڪو هر طرح جي انسانيت پرست تنظيمن ۾ بغير سڏ جي هليو ويندو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ايڌي فائونڊيشن ته ڇا هو ته وڻن کي ڀاڪُر پائيندڙن جي ٽولي (Tree Huggers) ۾ به شامل ٿيندو آهي. اهو ئي ڪارڻ هو جنهن سبب مونکي افسوس ٿيو جو هن کي ڇا ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙو سانحو ڏسي هو وائڙو ٿي پوندو هو. ان ڪري آئون کائنس پڇيو ”ڇا هي بلڪل ڊرامو هو، ڇا تون وٽ هن باري چوڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هو؟“
هن هوريان هوريان چيو جيئن پاڻ سان ڳالهائي رهيو هجي“ ها ڊرامو! هن ۾ ڏکويل ڊرامي جون سموريون ڳالهيون موجود هيون. هن ۾ ولن جو رول دهشتگرد ادا ڪري رهيا هئا، هن جي شاهي اسٽيج يا تخت جي ڇانو ۾ ته هڪ رات جا ٽي سئو ڊالر ڏيندڙ ملڪ ملڪ جا امير، محلاتي سازشن جا ماهر جادوگر موت ۽ مصيبتن جا ماريل هجڻ جي حلات ۾، ۽ رياست جون رسيون پڪڙي ماڻهن جي اڳواڻن جو رول ادا ڪندڙ بهترين ايڪٽر جيڪي رنگين بيان بازي سان خلقت جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندڙن جي روپ ۾ اسٽيج تي اچي وڃي رها هئا. سموري ڳالهين جو بهترين مرڪب، غمگين ۽ افسوسناڪ ڊرامو.“
هاڻي منهنجو وارو هو جنوني ٿيڻ جو ”ڇا تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي يا اڄڪلهه ڪو نشو ڪري رهيو آهين، ايترو وڏو سانحو ٿيو آهي، ايترا بيڏوهي ماڻهون مارجي ويا آهن، ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود به تون هن کي صرف ڊرامي جي طور تي ڏسي رهيو آهين؟
ٿوري دير تائين مونکي غور سان ڏسڻ کانپوءِ جذباتي آواز ۾ چيائين ”تون مونکي غلط نه سمجهه. تونکي خبر آهي ته مونکي هڪ ڪول جي مرڻ تي به ڪيترو ڏک ٿيندو آهي پر.....“ اهو چئي خاموش ٿي ويو ۽ مان جلدي طنز ڪندي چيو ”تنهنجو هي، ”پر“..... هي انگريزن جي عطا ڪيل هنر بازي ۽ اتڪل آهي جيڪڏهن ڪنهن کي چوڻو هجي ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ تنهنجي دليل گهڙيل آهي ته پهريان ها چئو ۽ بعد ۾ ”پر“ تون شروع ٿي ٻي جي نفي ڪرڻ“ آئون حقيقت ۾ ڪاوڙجي ويو هوس.
هو اچانڪ اُٿي بيهي رهيو، ۽ ڪاوڙيل انداز ۾ چيائين ”توکي خبر آهي ته توهان صحافين سان ڇا مسئلو آهي؟ توهان پنهنجو ئي اخبار ڪونه پڙهندا آهيو، سڄو ڏينهن قلم گهسائڻ کانپوءِ محفل سڄائڻ کان علاوه توهان ماڻهن کي ڪنهن ڳالهه جي خبر ناهي. جيڪڏهن توهان اخبار کي پاڻ پڙهو ها ته پوءِ توهانکي به خبر هجي ها ته آئون هن سانحي کي افسوسناڪ ڊرامو ڇو چئي رهيو آهيان.“
آئون سندس ڳالهيون ٻُڌي ٿورو گهڻو پريشان ۽ شرمندو ٿيس ڇاڪاڻ ته سندس ڳالهه بلڪل سچ هئي جو اسين صحافي پنهنجو اخبار ڪونه پڙهندا آهيون. پر آئون وري به سندس سمجهه کان ٻاهر منطق سمجهڻ چاهيندو هوس. ان ڪري آئون هن کي گهڻو تپائڻ لاءِ چيو ”توهانجو مطلب ڇا آهي جو آپگهاتي حملا اسانجي صحافين جي اخبار نه پڙهڻ سبب ٿي رهيا آهن؟ آخر تنهنجو منطق ڇا آهي؟“
”تون ڪنهن هڪ ڏينهن جو اخبار پڙهه ۽ هنن ماڻهن جو حساب ڪر جيڪي غربت جي ڪارڻ آپگهات ڪري رهيا آهن، خانداني عزت جي نالي تي قتل ٿي رهيا آهن، پوليس مقابلن ۾ مارجي رهيا آهن يا غير مناسب روڊن تي بدترين بس ۽ ويگن ۾ روڊ تي جان ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن هنن سڀنيءَ جو حساب ڪجي ته ميريئٽ هوٽل ۾ بيڏوهين جي مارجي ويل ماڻهن کان ڪيئين سيڪڙو وڌيڪ هوندو. ڪنهن به ڏينهن چيڪ ڪري ڏسجو. پر هن باري ڪو به نٿو لکي ڪو به ٽي وي چئنل تبصرو نه ٿو ڪري. سڀئي تجزيه نگار اسلام آباد جي ڪجهه گهٽين جي سياست تي ڏينهن رات ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ماڻهن جو مرڻ هڪ عام ڳالهه آهي، اڄ تائين ٿيندو رهيو آهي ۽ اڳتي به ٿيندو رهندو! هن پسمنظر ۾ جڏهن صرف سٺ ستر ماڻهن جي موت تي سموري دنيا جي ميڊيا متحرڪ ٿئي ته پوءِ آئون هن کي ڊرامائي واقعو نه چوان ته پوءِ ڇا چوان؟ هو بيحد ڪاوڙيل ۽ اذيت ۾ هيو.
”پر تون مينهن ۽ ٻڪرين جو مقابلو ڪرائي رهيو آهين. تون جيڪي واقعن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهين هو ته هر ملڪ ۾ ٿي رهيا آهن پر دهشتگردي هر ملڪ ۾ ڪونه ٿي رهي آهي. خاص طور تي پاڪستاني، افغاني بيماري آهي“ آئون سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي چيو.
”تنهنجو مطلب آهي ته هر ملڪ ۾ عورتون خانداني عزت جي نالي تي زنده دفنايون وينديون آهن ۽ هن ملڪ جا چونڊيل نمائنده اسيمبلين ۾ واضع طور تي هنن جو دفاع ڪندا آهن؟ تنهنجو مطلب آهي ته هر ملڪ ۾ خانداني عزت جي نالي تي هر سال هزارين عورتن کي قتل ڪيو ويندو آهي، ماڻهون غربت کان تنگ ٿي ڪري آپگهات ڪري رهيا آهن، پنهنجا معصوم ٻار وڪڻندا آهن. هر پاسي ڀڳل روڊ آهن جن تي ڀڳل ويگنون روزانو سوين ماڻهن جي موت جو ڪارڻ بڻجي رهيون آهن. تنهنجي خيال ۾ هي سڀ ڪجهه سموري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي ۽ هر ملڪ انهيءَ واٽ تي هلي رهيو آهي؟“
مونکي ته ڪجهه به سمجهي نه پيو سگهان ته جواب ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڇا چئجي ته ”تون مينهن ۽ ٻڪرين جو مقابلو ڪرائي رهيون آهين“.
تون سراسر غلط ڳالهائي رهيو آهين. آپگهاتي حملن جي خلاف ان ڪري به گهڻو واويلو ٿي رهيو آهي جو اسين سمجهون ٿا ته رياست اهو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي جنهن کي هو اڃان تائين حل ڪونه ڪري سگهي آهي. يا دهشتگردي کي شروع ٿيڻ کان روڪڻ ممڪن هو جنهن کي پاڻمرادو ناممڪن بڻايو ويو. تنهنجو مطلب آهي ته رياست سڀ ڪجهه ڪرڻ جي قابل هئي پر هن ڄاڻي واڻي ائين نه ڪيو“ پڇيائين، آئون هن جي جواب ۾ مُنڍي لُڏائڻ کانسواءِ ڪجهه ئي نه ڪري سگهيس.
”هاڻي تون هي ٻڌاءِ جو آئون جن مارجي ويل ماڻهن جا نالا ٻڌايا آهن هنن مان ڪو اهڙو حصو آهي جنهن کي رياست روڪي نه سگهندي هئي. تنهنجو مطلب آهي ته رياست غيرت جي نالي تي قتل ٿيندڙ يا زنده دفن ٿيندڙ عورتن جي حفاظت نه ٿي ڪري سگهي. رياست دولت جي سُٺي ورهاست جو نظام قائم ڪري غربت جي ڪارڻ ٿيندڙ هزارين آپگهات نه ٿي روڪي سگهي. بهترين روڊ ٺاهي گاڏين جي جاچ ڪرائي روزانو ٿيندڙ حادثن تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي. ۽ ساڳئي رياست دهشتگردي روڪي نه ٿي سگهي. توهان ماڻهون خوابن جي دنيا ۾ رهندا آهيو. جيڪڏهن اها رياست ايترا آسان ڪم نه ٿي ڪري سگهي ته هي منظم دهشتگردن سان به نه ٿي وڙهي سگهي.
”پر سرڪار توهان هنن علائقن ۾ فرق نه ٿا ڪريو جٿي حڪومت جي رٽ آهي ۽ جتي ناهي“ آئون آخري ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي.
منهنجي ڳالهه ٻُڌي اڪو ڪاوڙجي ويو. هن ڪاوڙيل ۽ افسوسناڪ لهجي ۾ چيو ”حڪومت جي رٽ ڪٿي آهي؟ تنهنجو خيال آهي ته عورتن کي قتل ۽ زنده دفنائيندڙ ماڻهون حڪومتي رٽ کي تسليم ڪندا آهن؟ آپگهات ڪندڙ ۽ روڊن تي مرندڙ رياستي رٽ جي سمان ۾ زندگي وڃائي رهيا آهن. ڇا تون لاهور يا ڪنهن ٻي شهر جي روڊ تي حڪومتي رٽ کي ڏٺو آهي جٿي روزانو هزارين چوريون ٿينديون آهن ۽ ڌاڙا لڳندا آهن. جيڪڏهن پنجاب جي ڌيرج وان ماڻهن هٿيار کڻي رياست جي خلاف جنگ نه ٿا ڪن ته پوءِ هن جو هي مطلب ناهي ته اُهي حڪومتي رٽ کي تسليم ڪندا آهن. پر توهانکي ڪڏهن به هي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي.“
هو جلدي اُٿيو ۽ دروازي ڏانهن وڌيو. پوئتي ڦرندي چيائين ”پر توهان دلجاءِ رکجو. جيڪڏهن حالات ائين رهندا ته پوءِ پنجاب ۾ به عنقريب رياست جي خلاف هٿيار بند جنگ جو آغاز ٿيندو.“