کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > صوفي مت 2: ڳالهيون ڪاف قديم جون

صوفي مت 2: ڳالهيون ڪاف قديم جون

مسعود منور
October 3rd, 2008

(اڄ سڀ کان اڳ يارن ۽ دوستن کي سودي مسڪين، سائين لُچي مرحوم ۽ منهنجي طرفان عيد مبارڪ، سئيون ۽ حلوي جي ديڳ تيار آهي، جيڪو پهچي سگهي ٿو پهچي وڃي، سائين جي آستاني جو در چويهه ڪلاڪ کليل آهي)

 

چوڻي: ڀلمانس پنهنجي ڪردار جي ٻوٽي کي عملن جي پاڻي سان پاليندا آهن.

 

هڪ دفعو هڪ شاگرد کي سمهندڙ ڏسي سائين ڪاف فرمايو ”کاڌل ۽ سڙيل ڪاک کي گهڙي نه ٿو سگهجي، ۽ ٻُهر کي پلستر نٿو ڪري سگهجي. هاڻي آئون هن کي ڪيئن اُٿاريان؟

 

سائين ڪاف فرمايو،”اڳ ۾ آئون پنهنجي دوستن ۽ ملندڙ ماڻهن جون ڳالهيون ٻُڌي ڪري سندن ڳالهين تي اعتبار ڪندو هوس. آئون سمجهندو هوس ته هو جيڪو ڪجهه به چوندا آهن هن تي عمل به ڪندا هوندا. پر هاڻي آئون سندن ڳالهيون ٻُڌڻ سان گڏ سندن ڪرتوتن ڏانهن به ليئو پائي ڏسندو آهيان. ۽ ائين آئون سندن چالون بدلڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.“

 

سائين ڪاف فرمايو،”ڀلمانس ماڻهون سوچي سمجهي ڳالهائيندا آهن پر ڪم ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا آهن.“

 

هڪ مريد چوندو هو ته ڪنهن کي تنگ نه ڪرڻ ۽ ڏک نه ڏيڻ ڪيئن چڱا عمل نٿا ٿي سگهن؟

 

سائين ڪاف فرمايو،”فقط هنن ٻنهيءَ عملن سان ڪجهه نه ٿيندو. هي ٻه ڪم ايتري وڏي حياتي ۾ ڪافي ڪونه هوندا.“

 

ڪنهن ماڻهون سائين ڪاف کان پڇيو، ”سائين! نبين، ولين ۽ درويشن جي روحن کي ثواب ڪيئن پهچائي سگهجي ٿو؟“

 

سائين فرمايو، ”جيڪي ماڻهون رب جي مخلوق جو ڀلو نه ٿا ڪري سگهن هو نبين، ولين ۽ درويشن کي ثواب ڪيئن پهچائي سگهن ٿا؟“

 

سائين فرمايو، ”ڍئو ڪري کائڻ ۽ سڄو ڏينهن عقل استعمال نه ڪرڻ وڏي بدنصيبي آهي. يارو جيڪڏهن توهان ڪجهه ڪرڻ جي قابل نه آهيو ته راند ئي کيڏندا ڪريو. ڪجهه نه ڪرڻ کان ڪوڏي جو ميدان سڄائڻ کي بهترين عمل آهي. ڪجهه نه ڪرڻ کان ڪجهه ڪرڻ بهترين عمل آهي، توهان الله الله ڪندا رهو پر فارغ نه ويهو.“

 

ڪنهن مُريد سائين کان پڇيو، ”سائين سرڪار! سياڻا ماڻهون بهادري جي قدر ڪندا آهن يا نه؟“

 

سائين فرمايو، ”سياڻا ماڻهون سڀ کان پهريون نمبر انصاف کي ڏيندا آهن. جيڪڏهن سياڻا ماڻهون انصاف جي حد کان ٻاهر نڪري بهادري جو مظاهرو ڪن ته هو عمل بغاوت سڏائيندو آهي، ۽ جڏهن لالچي قسم جا ماڻهون بهادري جو مظاهرو ڪن ته هو غنڊه گردي ڪندا آهن. چور ڌاڙيل چوڌري جا غنڊه هوندا آهن.“

 

چوڻي: ڀلمانس زندگي مان مزو ماڻيندا آهن.

 

سائين ڪاف فرمايو، ”سياڻا ۽ باشعور ماڻهون وهندڙ پاڻي مان مزو ماڻيندا آهن ۽ فقير درويش جبلن کي ڏسي خوش ٿيندا آهن. عالم ۽ باشهور ماڻهون پورهيو ڪندا آهن ۽ فقير درويش خاموشي سان وظيفو ڪندا آهن. عالم ۽ باشعور ماڻهون خوشيون ماڻيندا آهن جڏهن ته فقير ۽ درويش ماڻهن جي حياتي طويل هوندي آهي.“

 

(جڏهن آرام جو وقت هوندو آهي ته سائين ڪاف مزي سان سرورو ۾ هوندا آهن ۽ کل ڀوڳ به ڪندا آهن.)

 

سائين ڪاف فرمايو، ”توڙي فقير جو طور طريقو سادو ۽ رهڻ جو طريقو بيحد غريباڻو ۽ سادو هوندو اهي پر فقير کي هن ۾ به ڏاڍو مزو حاصل ٿيندو آهي. ميڪو مال ناانصافي سان جڙيل هجي ۽ جيڪا ڪُرسي زبردستي سان جڙيل هجي هو اُڏامندڙ بادلن جي جادو جهڙي هوندي آهي. نيٺ هڪ نه هڪ ڏينهن کسجي ويندي آهي.“

 

هڪ دفعو ڪنهن ماڻهون سائين ڪاف جي مُريد کان سائين ڪاف جي ڪردار باري پڇيو ته مريد چپ رهيو. سائين فرمايو، ”توکي چوڻ کپندو هو ته منهنجو درويش پريم جي نشي ۾ ائين ٽُن رهندو آيه جو کائڻ پيئڻ به وساري ڇڏيندو آهي. هو ايترو خوش رهندو آهي جو هر ڏُک کان آجو هوندو آهي. هو ايترو مست هوندو آهي جو کيس پنهنجي موت به ياد نه رهندي آهي.“

 

چوڻي: ڀلمانس هر ڪم سوچي سمجهي اسڪيم ٺاهي ڪندو آهي.

ڪنهن عالم باري معلوم ٿيو جو هو ڪم ڪرڻ کان اڳ ٽي دفعي سوچندو آهي. سائين ڪاف فرمايو،”ٻه دفعي سوچڻ ئي ڪافي هوندو آهي.“

 

سائين ڪاف فرمايو، ”جيڪي ماڻهون دور انديش نه هوندا آهن، سدائين پريشانيون ۽ مصيبتون هنن جي در اڳيان موجود هونديون آهن.“

 

هڪ مُريد مثالي ماڻهن جي باري پڇيو ته سائين ڪاف فرمايو، ”مثالي ماڻهون پنهنجي لفظن کي پهريان استعمال ڪندا آهن جنهن کانپوءِ ٻين ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com