ڪينٽين ۾ هڪ ڇوڪرو ٻي کي چئي رهيو هو ته منهنجي هڪ ”زبردست“ ماڻهون سان ملاقات ٿي آهي. هن ماڻهون الاءِ ڪيترا ئي قتل ڪيا آهن. هن ”زبردست ماڻهون ۽ قاتل“ لاءِ ”صحيح مرد ماڻهون“ جا لفظ به استعمال ڪيا ويا آهن. مانچسٽر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دعوت ۾ منهنجي هڪ مائٽ ٽي وي تي مباحثي ۾ شامل پنهنجي علائقي جي هڪ سياستدان کي ڏسي هن جي تعريف ڪئي. هن سياستدان کي عزتدار ۽ خانداني چيو ويو ۽ هن دليل تي بيحد زور ڏنو ويو ته هو دشمني وارو ماڻهون آهن ۽ ڪيئين دفعي سندن جهيڙو ٿيندو آهي. اهڙي ماڻهن لاءِ عام طور تي ”ڊنڊي واري ماڻهن“ جي اصطلاح استعمال ٿيندي آهي.
پنهنجي مائٽ جي هن ڳالهه سان مونکي لڳ ڀڳ ويهه سال اڳ ڪوهاٽ جي ايس ايس بي سينٽر (فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو اڏو) لاهور جي هڪ ماڻهون سان ملاقات ياد آئي. سندس خوابن ۾ به وڙهڻ جي خواهش هئي. سندس دعوي هئي ته هن وقت لاهور ۾ سنگهه وپري جي علائقي ۾ ٿيندڙ هڪ مشهور ويڙهه ۾ آئون شامل هوس ۽ سندس خيال ۾ هي تمام وڏو ڪارنامو هو. هن ويڙهه ۾ ڪنهن ايم پي اي جي پُٽ کي ماريو ويو هو. آءِ ايس بي سينٽر ۾ چار ڏينهن تائين ماڻهن بار بار ٻُڌو ”توهان هن ويڙهه جي خبر پڙهي، هن ۾ اسين به هئا سين، هو اسانجي ويڙهه هئي.“
سنگهه پوره جي ويجهو ئي لاهور انجينئرنگ يونيورسٽي آهي. ڪيترا ئي سال اڳ هتي ٻُڌل هڪ جملو به ڪيترا ئي ڀيرا ياد ايندو آهي.
اها ڳالهه لکندي مهل مونکي حافظ آباد جي هڪ ماڻهون جي ڳالهه ياد اچي ٿي ته سندس علائقي ۾ ڪنهن ”مسڪين ۽ شريف“ ماڻهون مختصر ڳالهه تي قتل ڪري ڇڏيو هو. هن قاتل پنهنجي حرڪت جو ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته هو چاهيندو هو ته علائقي ۾ سندس نالي جو رُعب ۽ داهمان هجي.“
غور ڪرڻ گهرجي ته هن ماڻهون مشهور ٿيڻ لاءِ تعليم، سير، فلاحي ڪم يا تخليق جو رستو چونڊن بدران ڪنهن ماڻهون کي قتل ڪرڻ ڇو ضروري سمجهيو. ائين ناهي جو هن علائقي ۾ ماڻهن سُٺا ڪم نه ڪيا هوندا، پر شايد داهمان ۽ چرچو قاتلن جو گهڻو ٿيندو آهي.
آخري دفعي يورپ ويس ته هتي به ساڳيو قصو ٻُڌو. قصو ائين هو ته ڪيئين خوني جهيڙن سميت خانداني تڪرار ۾ شامل هڪ نوجوان کي يورپ موڪليو ويو هو. هتي اچڻ کانپوءِ هو پهريون دفعو سيڪورٽي گارڊن کان بغير گهميو ته کيس آزادي جو احساس ٿيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن سوچيو ته پاڪستان ۾ به هو ڪهڙي قسم جي زندگي گهاري رهيو هو ۽ جهيڙن ۽ ڪيسن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان ورڻ کانپوءِ هن غور ڪيو هوندو جنهن ڳالهه کي هتان جي ماڻهن پسند نه ڪيو هوندو. هن يورپ ۾ فون تي پنهنجي ڀاءُ جي ميزبان کي مهڻا ڏنا جو توهان اسانجي ڀاءُ کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. مونکي اهو به ٻڌايو ويو هو ته سندس علائقي ۾ جنازي جي وڊيو تيار ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ يقين ڏياريو ويندو آهي ته هن ۾ الاهي بندوقن وارا ماڻهون نظر اچن ته جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته هنن جو شمار به هن اهم طبقي ۾ ٿيندو آهي جنهن جون دشمنيون آهن ۽ جيڪي جهيڙو پسند ڪندا آهن. پر ائين ڇو نه ٿئي جڏهن ملڪ جا صدر به اهڙي ٻولي استعمال ڪندا هجن جنهن ۾ رتوڇاڻ کي پسند ڪيو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته ائين محسوس ٿيندو آهي. هن جو مثال پپيلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو بيان آهي جنهن کي آئون هڪ کان وڌيڪ دفعو ٽي وي تي ٻُڌي چُڪو آهيان، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ”اسين جان ڏئي ۽ وٺي سگهون ٿا.“
هن کان علاوه هر گهر ۾ اهڙي ٻارن جي شخصيت کان گهر وارا راضي رهندا آهن جيڪو هر مهل وڙهندو هجي. ٻين ٻارن سان وڙهندو هجي ۽ هر ڳالهه تي ضد ڪندو هجي. اهڙي ٻارن ۾ مضبوط ماڻهون جو عڪس نظر ايندو آهي ۽ هنن جي حرڪت کي گهر وارا فخر سان ٻڌائيندا آهن. جهيڙا ڪرڻ بدران صلح ڪندڙ ٻارن لاءِ ڪيئين دفعو ڳڻتي ظاهر ڪئي ويندي آهي.
جيڪڏهن آئون لکندو رهندس ته اهڙا ڪيترا ئي واقعا ملندا ۽ شايد عام حالتن ۾ هن جي گهڻي اهميت نه هجي. پر پاڪستان ۾ اڄڪلهه جي حالتن ۾ هي تسلسل ذهن ۾ ايندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ته هنن حالتن جا ذميوار اسين آهيون ۽ حالتون بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ انقلاب جي ضرورت آهي.