کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ماڻهن کي ماڻهن جي گگڙ کي ڄئور جي

ماڻهن کي ماڻهن جي گگڙ کي ڄئور جي

ويچار ڊيسڪ
October 11th, 2008

ڪجهه سال اڳ مشهور هو ته پاڪستان کان ويهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آباد اسلام آباد رقبي ۾ واشنگٽن جي آرلنگٽن قبرستان کان اڌ آهي پر چپ چان ڊبل آهي.

 

اخباري اطلاعن موجب ميريئٽ بم ڌماڪي کانپوءِ ساڳئي اسلام آباد جي ترقياتي اداري ڪيپيٽل ڊويلپمنٽ اٿارٽي پارليامينٽ هائوس، ايوان صدر ۽ وزير اعظم، سپريم ڪورٽ سيڪيٽريٽ بلاڪ. وزيرن جي ڪالوني، ججن جي ڪالوني ۽ سفارتڪارن جي گهرن جي حفاظت لاءِ اٺ ارب رپيا خرچ ڪري ڪنڪريٽ جي ٽي فُٽ بُلند ۽ پنڌرهن ڪلوميٽر طويل چار ديواري ٺاهڻ جو رٿ پيش ڪئي آهي ته جيئن اسلام آباد جي حڪومتي گڙهه کي بغداد جي گرين زون وانگر آپگهاتي حملن کان بچائي سگهجي. هن چار ديواري ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ اٺ دروازه رکيا ويندا. هي چار ديواري اُهي ماڻهون ٺهرائي رهيا آهن جيڪي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ عالمي ريڊ ڪراس جي هن بيان کانپوءِ پريشان آهن ته ريڊ ڪراس پاڪستان (خاص طور تي سرحد صوبي) کي ”وار زون“ جي خاني ۾ ڇو شامل ڪيو آهي.

 

عرض اها آهي ته 2000ع کان اڃان تائين اسلام آباد جي ”ريڊ زون“ ۾ صرف ٻه بم ڌماڪا ٿيا آهن ۽ هو به ميريئٽ هوٽل ۽ باقي تي. باقي هڪ سئو پنڌرهن آپگهاتي ڌماڪن جھ ميڪي سورهن سئو ڄڻا مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ چار هزار جي ويجهو زخمي ٿيا هو سڀئي هن ڪنڪريٽ جي چار ديواري کان ٻاهر ئي ٿيا.

 

جيڪڏهن بُلٽ پروف گاڏيون، سنگل جامر، خفيه اچڻ وڃڻ، ٽي حفاظتي چار ديواريون ۽ پنڌرهن کان وڌيڪ فوجي ۽ اڌ فوجي کوجي ادارن جي هوندي پنڌرهن ڪلوميٽر جي علائقي جي حفاظت ڪنڪريٽ جي چار ديواري کان بغير نه ٿي ٿئي سگهي ته پوءِ اسانجي ٽي لک ميل جي ايراضي واري علائقي ۾ آباد سورهن ڪروڙ ماڻهون پنهنجي چادر ۽ چار ديواري جي حفاظت لاءِ ڇا ڪندا؟........ ڪنهن جي اڳيان دانهن فرياد ڪندا....... ڪنهن کي چون ۽ ڇا چون؟

 

جيڪا سوچ اسلام آباد ۾ ڀت جو اڏاوتي ڪم شروع ڪرائي رهي آهي ڇا سورهن سيڪڙو اها سوچ نه هئي جنهن بابل، بغداد، دمشق، يروشلم، دهلي، آگره، ملتان، پشاور جي ڀتين، چين جي ڀت، برلن جي ڀت ۽ اولهه اُردن جي ڀت ٺهرائي هئي.

 

اها سوچ ڇا هئي ۽ آهي؟ آئون، منهنجي جان، منهنجو مال، منهنجو اقتدار باقي رهي. باقي پنهنجو بندوبست پاڻ ڪندا.........

 

پر هن سوچ جو نتيجو ڇا نڪتو...... هاڻي هنن سمورين ڀتين جا آثار اڄ گهمڻ ڦرڻ لاءِ سياحن جا مرڪز آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com