کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > ڪالم ۽ ڪالمسٽ > ڪجهه وڌيڪ جاسوسيون

ڪجهه وڌيڪ جاسوسيون

امر جليل
October 12th, 2008

جاسوسي جا جراثيم جڏهن به جاڳندا آهن تڏهن هر خبر، هر واقعي ۽ هر واردات کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا آهن. جيڪڏهن ديڳڙي ۾ پڪجندڙ دال جو ڍڪ لاهي ڏسندا ته هنن کي دال ۾ به ڪجهه ڪارو نظر ايندو آهي. منهنجي وجود ۾ به اڄڪلهه جاسوسي جا جراثيم سڄاڳ ٿي رهيا آهن. ننڊ جون ٽڪيون کائڻ کانپوءِ به آئون هنن جراثيمن کي سمهارڻ ۾ ناڪام ٿيندو آهيان. بدبخت هڪ دفعو جاڳڻ کانپوءِ سمهڻ جو نالو ئي ڪونه کڻندا آهن، پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا.

 

گذريل هفتي اسفند يار ولي ۽ سندس ڳوٺ ۾ ڪنهن آپگهاتي حملو ڪندڙ حملو ڪيو هو. حملي ۾ اسفند يار ولي مشڪل سان بچيو هو. کيس جلدي هيلي ڪاپٽر ۾ ويهاري اسلام آباد جهڙي محفوظ شهر پهچايو ويو هو جٿي بارود سان ڀريل هڪ ٽرڪ بغير ڪنهن رنڊڪ جي ممنوعه علائقن ۾ گهمي سگهي ٿو. اسفند يار ولي تي حملي جي خبر ملڪي اخبارن جي سُرخي بڻجي وئي. توهان به ضرور پڙهي هوندي. آئون نه ٿو ڄاڻيان ته هن وقت توهانجي اندر نشونما حاصل ڪندڙ جراثيم سڄاڳ هئا يا سمهي رهيا هئا. منهنجي وجود ۾ نشونما حاصل ڪندڙ جاسوسي جا جراثيم تڏهن سڄاڳ ٿي رهيا هئا. خبر پڙهڻ کانپوءِ مونکي اچانڪ ڪجهه ٿيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون هن خبر کي مزيدار لکيو آهي. اچو ته اسين گڏجي ڪري ٻيهر ساڳئي خبر پڙهندا سين.

 

”اسفند يار ولي پنهنجي رهائشگاهه ۾ ماڻهن سان عيد ملي رهيو هو، گهڻي دير کان ٻاهر ويٺل حملا آور رهائشگاهه ڏانهن وڌيو، تڏهن اسفند يار ولي جي باڊي گارڊن کي شڪ ٿيو. هنن حملا آور کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اوستائين هو رهائشگاهه ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪو هو. ڏهه پنڌرهن گز جي مفاصلي کان حملا آور ڊوڙڻ شروع ڪيو. نيٺ هڪ محافظ حملا آور جي مٿي تي گولي هنئي جنهن سبب هو زمين تي ڪريو. زمين تي ڪرڻ کانپوءِ آپگهاتي حملا آور پنهنجي جسم سان ويڙهيل بمن جو فيوز کولي ڇڏيو جنهن کانپوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو. چار ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا پر اسفند يار ولي بچي ويو. (هن کي چئبو آهي ته جنهن کي رب رکي کيس ڪير چکي)

 

هي خبر مونکي مزيدار محسوس ٿئي پر ڪنهن ڪارڻ؟

 

آپگهاتي حملو آور جي جسم سان بارودي مواد ويڙهيل هو، اسفند يار ولي جي محافظن کيس ڪيتريون ئي گوليون هنيون. هو چڪرائجي زمين تي ڪريو. زمين تي ڪرڻ کانپوءِ کيس ايتري هوش هئي جو هن پنهنجي جسم سان ٻڌل ڌماڪو خيز مواد جا فيوز کولي ڇڏيا جنهن کانپوءِ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ حملا آور پاڻ کي بم سان تباهه ڪري ڇڏيو، سندس ٻئي ڪن ڌماڪي واري هنڌ کان ٻه سئو گز پري هٿ آيا. خبر ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته آپگهاتي حملا آور جون ٻانهون ڪيڏانهن ويون؟ سندس مٿو ڪيڏانهن ويو؟ هي پنهنجي قسم جو هڪ وڏو واقعو هو جنهن ۾ حملا آور کي ڪلاشنڪوف جون اٺ گوليون لڳڻ کانپوءِ به سندس جسم سان ٻڌل مواد نه ڦاٽو ۽ ٻيو هي ته مٿي تي گولي لڳڻ جي باوجود به سندس مغز ٻاهر ڪونه نڪتو ۽ حملا آور کي ايتري هوش هئي جو هن سندس جسم سان ٻڌل بمن جو فيوز کولي ڇڏيا. هي اهڙيون ڳالهيون آهن جن جو ناممڪن جي حدن کان نڪري امڪان جي حد ۾ داخل ٿيڻ بيحد اڻائو آهي. دراصل قصو ائين ناهي جيئن ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. آئون ديڳڙي جو ڍڪ کڻي ڏٺو سين ته مونکي دال ۾ ڪجهه ڪارو نظر آيو.

 

جاسوسي جا جراثيم اڃان تائين پڇندا رهيا آهن ته بينظير ڀٽو سندس وصيت ۾ ماضي ۾ ڇو لکي هئي. مونکي اعزاز آهي ته آئون توهانجي ليڊر هوس. هن لفظ ”هوس“ ڇو لکيو هو؟ تڏهن هو زنده هئي ان ڪري کلندي ”مونکي اعزاز آهي ته آئون توهانجي ليڊر آهيان.“

 

گذريل مهيني ميريئٽ هوٽل اسلام آباد جي ٻاهرين گيٽ وٽ تمام مهانگو ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ ڪروڙين رپين جو بارود، بم ۽ بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ بارود سان ڀريل ٽرڪ هوٽل جي عمارت کان تمام پري ڦاٽو هو ان ڪري ميريئٽ هوٽل هو هو حال نه ٿيو جيڪو نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاورز جو ٿيو هو. ٻنهيءِ ورلڊ ٽريڊ سينٽرز سان جهاز ٽڪرائجي ويا هئا. بارود سان ڀريل ٽرڪ ميريئٽ هوٽل جي عمارت سان ڪونه ٽڪرايو هو. ٽريڊ ٽاورز ڊهي پيا هئا. ميريئٽ هوٽل ۾ باهه لڳي هئي جنهن مٿان ڏهه پنڌرهن ڪلاڪن کانپوءِ ڪنٽرول ڪيو ويو هو. عمارت ڊهڻ کان بچي وئي.

 

دوستن ميريئٽ هوٽل جي ڌماڪي کي ورلڊ ٽريڊ جي تباهي سان ڀيٽايو. ٽريڊ ٽاورز تي سيپٽمبر جي 11 تاريخ تي حملو ٿيو هو. ساڳيو ڏينهن قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات جو ڏينهن به آهي. قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات جو سال 1948 هو. ٽريڊ ٽاورز جي تباهه ٿيڻ جو سال مونکي صحيح طرح ياد ناهي.

 

دنيا جي ذهن ۾ سمايل آمريڪي انداز بيحد مزيدار هوندا آهن. 11 سيپٽمبر جي تاريخ ۾ دنيا ۾ ڪٿي به ڪجهه سٺو ٿئي يا بُرو ٿئي پر آمريڪين نائين اليون کي اهڙي پبلسٽي ڏني آهي جڏهن به نائن اليون جي اصطلاح ٻُڌندا ته توهانکي ورلڊ ٽريڊ ٽاورز جو زمين تي ڪرڻ ياد ايندو. توهانکي قائد اعظم جي مرڻ جو ڏينهن ياد ڪونه ايندو.

 

ميريئٽ هوٽل واري سانحي کي جنهن ڪنهن به ٽريڊ ٽاورز جي تباهي سان ڀيٽايو آهي هن وڏي سهڻي مماثلت پيش ڪئي آهي. هي مماثلت ويندي يا نه ويندي؟ آئون نه ٿو ڄآڻيان. آئون صرف ايترو ڄاڻيان ٿو ته هن مماثلت يا مشابهت ۾ وڏي معني آهي. دنيا کي خبر آهي ته ٽريڊ ٽاورز جي ڊرامائي انداز ۾ بربادي صرف هڪ مضبوط پچ قائم ڪرڻ لاءِ هئي، ۽ هو ڇچ هئي دهشتگردي جي خاتمي جي نالي تي آمريڪا جي ننڍي ايشيائي ملڪن تي حملو ڪرڻ. هنن ملڪن کي پهريان دهشتگردي جو ٺڪاڻو ڄاڻايو ويو پوءِ هنن ملڪن تي نئين هٿيارن سان ڪاهه ڪئي وئي. عراق کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ کانپوءِ افغانستان جو نمبر آيو. دهشتگردن کي پاڪ صاف ڪرڻ جو جواز پيش ڪري افغانستان کي تباهه ڪيو ويو. هاڻي پاڪستان جو نمبر آهي.

 

ميريئٽ هوٽل واري ڌماڪي جي نائين اليون واري ڊرامي سان مماثلت ان ڪري به معني رکي ٿي ڇاڪاڻ ته ساڳئي رات آمريڪا وڃڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ملڪ جي صدر قوم کي خطاب ڪندي آمريڪا ۽ ٻئي جمهوري ملڪن کي اپيل ڪئي ته هو اڳتي اچڻ ۽ پاڪستان کي دهشتگردي کان بچائڻ. هي اپيل هن آمريڪا ۾ صدر جارج بُش جي آڏو به ڪئي.

 

شايد ڪنهن ڪنهن کي چيائين، ”توهان گهرايو ۽ اسين نه اچون، ائين نه ٿو ٿي سگهي. اسين اچڻ لاءِ وياڪل آهيون.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com