هن حڪومت جي ٻئين بجيٽ جو اعلان ناڻي جي وزير حنا رباني کر 6 جون جو شام ساڍي پجئين لڳي قومي اسيمبلي ۾ ڪندي. بجيٽ ۾ ستر سيڪڙو کان وڌيڪ ڀروسو، آمريڪا، عالمي بينڪ، ايشيائي بينڪ، سعودي عرب ۽ يورپ کان ملڻ واري امداد ۽ سپورٽ وٺڻ وارن وسيلن تي ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آمريڪا کان ملڻ واري امداد به شامل آهي.
بجيٽ ۾ ماڻهن کي ڇا ملندو ۽ ڪير تيار ڪندو هي سوال هن وقت اسلام آباد کان وڌيڪ ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ هر ماڻهو جي زبان تي آهي. ايئن ته ملڪ ۾ 62 سالن ۾ جمهوريت هجي يا آمريت بيوروڪريسي ئي بجيٽ ٺاهيندي آئي آهي. جنهن ۾ 9 سيڪڙو کان وڌيڪ صلاح مشورا آئي ايم ايف يا عالمي بينڪ جي ماهرن جو هوندا آهن. ناڻي جي وزارت ۽ ايف بي آئي جي انتظاميا نئين مالي سال لاءِ بجيٽ جو جيڪو بنيادي خاڪو تيار ڪيو آهي هن ۾ ايف بي آر جي انتظاميا نئين بجيٽ ۾ ماڻهن تي ڪيئي اربين رپين جو واڌو ٽيڪس ۽ اميرن کي ملڻ وارين ڪجهه سهولتن کي واپس وٺڻ جي صلاح ڏئي رهيا آهن.
نئين بجيٽ ۾ نه ئي بجلي ۽ نه ئي گيس جي قيمتن کي گھٽايو پيو وڃي. پر تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪجهه سهولتون ڏيڻ تي غور ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ناڻي جي وزارت جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته نئون بجيٽ آئي ايم ايف جي گائيڊ لائين ۾ تيار ڪيو ويندو، پر هن ۾ پاڪستان جو پنهنجو تيار ڪيل اقتصادي ترقي جو پروگرام به شامل هوندو. بجيٽ جي حوالي سان هن وقت اميرن ۽ غريبن جي محفلن ۾ اها ڳالهه ٿي رهي آهي ته وزيراعظم جو خزاني جو صلاح ڪار شوڪت ترين پوئين ڪيئي هفتن کان ملڪي وسيلن ۾ واڌي لاءِ فرينڊز آف پاڪستان جي اجلاس ٽوڪيو هتان لنڊن ۽ پوءِ آمريڪا ۾ واشنگٽن ۾ عالمي بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي سالياني جلسن ۾ شريڪ ٿيندو ۽ هو هن وقت زاتي ۽ سرڪاري طور تي بجيٽ لاءِ وڌ کان وڌ وسيلن لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ايف بي آر جي چيئرمين احمد وقار بجيٽ لاءِ ٽيڪس صلاحن ۽ ٻين ڪمن ۾ رڌل آهي پر هن جي ملازمت جي مدت جي طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته هو هن مهيني رٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي. ايئن اها ڳالهه سامهون ناهي آئي ته هن سال اقتصادي سروي ڪير ڪندو.