پاڪستان تي وچئين ۽ ٻاهرين قرضن جو بار وڌندو پيو وڃي ۽ هاڻ هي قرض وڌي 7500 رپين کان وڌي ويو آهي. هينئر عالمي اقتصادي بحران سان پاڪستان جي معيشت تي به خراب اثر پيو آهي.
هن مالي سال جي ٻئين ٽه ماهي جي شروع ۾ پاڪستان کي معاشي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو. معيشت کي چڱي ڪرڻ لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ وارن پلان اي، بي ۽ سي تيار ڪيا. جڏهن پلان اي ۽ بي ناڪام ٿيا ته پلان سي هيٺ پاڪستان کي آئي ايم ايف جو آسرو پاليو. انهن حالتن ۾ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ اڃا چڱو ڪردار ادا ڪرڻو پيو ۽ پاڪستان جي معيشت ٻٽي دٻاءٌ جي شڪار ٿي.
شوڪت ترين موجب آئي ايم ايف جي آسري سان پاڪستان جي معيشت جي باري ۾ ٻين امدادي ادارن ۽ ملڪن جو اعتماد وڌيو آهي ۽ اڄ پاڪستان جي معيشت لاءِ امدادي ادارن جو تعاون اڳ ۾ ئي موجود آهي.
آئي ايم ايف جي پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائرڪٽر موجب پاڪستان جي معيشت لاءِ موجود غير ملڪي قرضن جو حجم خطري جي نشان کان هيٺ آهي. پاڪستان جي قرض جھلڻ جهڙو آهي. هي پاڪستان لاءِ گھڻو ناهي. اڳوڻي ناڻي جي وزير عمر ايوب موجب حڪومت قرضن جي بار کي وڌائي رهي آهي. قرضن کي وڌائڻ جي جاءِ تي وسيلن کي وڌايو وڃي. ٿيڻ هي گھرجي ها ته مارچ ۾ جيڪي بانڊ جاري ڪرڻا هئا انهن کي فلوٽ ڪري پيسا وٺن ها. هي ڪو ٽي کان چار ارب ڊالر هئا پر انهن ايئن ڪونه ڪيو.
جنهن ۾ پنجاھ عرب ڊالر غير ملڪي قرض آهي. مالي سال 2006 2007 ۾ پاڪستان جو ٻاهريون قرض 40 ارب پنجاھ ڪروڙ ڊالر هو، جيڪو پوئين سال 45 ارب نوي ڪروڙ تائين وڃي پهتو. هن سال ٻاهريون قرض وڌي ڪري پنجاھ ارب ڏھ ڪروڙ ڊالر ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ پوئين ڇهن ڏهاڪن کان حڪمران معيشت جي بهتري جا دعوا ڪندا آيا آهن پر حقيقت هي آهي ته پاڪستان تي ٻاهرين قرضن جو بار وڌندو ئي ويو آهي ۽ هاڻ به معيشت جو پنجاھ سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ايندڙ مالي سال جي بجٽ ۾ حڪومت اٺ سو ارب رپيا قرض ڏيڻ لاءِ درخواست ڏيندي.