کلاسک

WebSite    

وچار > حڪومت 722 ارب گھاٽي جو بجٽ پيش ڪري ڇڏيو

حڪومت 722 ارب گھاٽي جو بجٽ پيش ڪري ڇڏيو

وچار ڊيسڪ
June 14th, 2009

پاڪستاني سرڪار پهرين جولائي کان شروع ٿيڻ واري نئين مالي سال سن 2009 ، 2010 لاءِ ٻه هزار چار سو ٻياسي ارب ٽيھ ڪروڙ جو بجٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي ناڻي ۽ مالي معاملي جي وزير حنا رباني کر قومي اسيمبلي ۾ بجٽ پيش ڪندي چيو ته نئون بجٽ 722 ارب جي گھاٽي جو بجٽ آهي. انهي گھاٽي کي پورو ڪرڻ لاءِ 269 ارب 40 ڪروڙ رپين جو قرض ٻاهران ورتو ويندو ۽ 457 ارب 60 ڪروڙ رپيا ملڪي قرضن وسيلي ورتا ويندا.

بجٽ ۾ 1513 ارب 10 ڪروڙ رپين جي ٽيڪس وصولي جو اندازو لڳايو ويو آهي پر گڏو گڏ هي به چيو ويو آهي ته ٽيڪس وصولي جو ادارو 1378 ارب رپين جي وصولي ڪرڻ جي قابل هوندو.

سرڪاري پنن جي مطابق هلندڙ خرچن جو اندازو 1699 ارب 20 ڪروڙ رپيا هنيو ويو آهي، جنهن ۾ جنرل پبلڪ سروس جي کاتي ۾ 1189 ارب 10 ڪروڙ رپيا شامل آهن. هن کاتي ۾ قرضن ۽ انهن تي وياج جي رقم به شامل آهي.

دفاع لاءِ بجٽ ۾ 342 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته رٽائرڊ فوجين کي ڏني وڃڻ واري رقم انهي کان سواءِ هوندي. هلندڙ سال ۾ دفاع لاءِ 296 ارب رپيا رکيا ويا، پر اصل خرچو 311 ارب 30 ڪروڙ ٿيو انهي ڪري دفاعي بجٽ ۾ 32 ارب رپين جو واڌارو ڪيو ويو آهي.

بجٽ ۾ امن مان جي کاتي ۾ 34 ارب 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، صحت لاءِ ساڍا 6 ارب رپيا ۽ تعليم لاءِ 31.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. پهرين جولائي کان شروع ٿيڻ واري مالي سال جي بجٽ هينئر هلندڙ مالي سال جي بجٽ جي حجم کان 23.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

بجٽ ۾ دهشتگردن جي خلاف هلندڙ آپريشن کان متاثر ٿيڻ وارن ماڻهن جي بحالي لاءِ 50 ارب جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 70 ارب رپيا رکڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

وڌيڪ پگھارون ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ:

نئين مالي سال جي بجٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي پهرين جولائي کان انهن جي اڄوڪي پگھار جو 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس جي طور تي ڏنو ويندو ۽ رٽائرڊ سرڪاري ۽ فوجي ملازمن جي ڪل پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي.

وڙهڻ وارن فوجين جي الائونس ۾ هڪ مهيني جي پگھار جي برابر واڌارو ڪيو ويو آهي جيڪو پهرين جولائي 2009 کان شروع ٿيندو ۽ باقي فوج جي الائونس ۾ واڌارو پهرين جنوري 2010ع کان شروع ٿيندو.

بجٽ ۾ نوڪري پيشه ملازمن لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ جي رقم هڪ لک اسي هزار کان وڌائي 2 لک جڏهن ته عورتن لاءِ اهي حد هڪ لک چاليھ هزارن کان وڌائي هڪ لک سٺ هزار ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي،

حڪومت گاڏيون تيار ڪرڻ واري مقامي ادارن کي ايڪسائز ڊيوٽي ۾ 5 سيڪڙو جي ڇوٽ ڏني آهي جڏهن ته موبائيل فون جي صنعت کي وڌائڻ لاءِ نئين ڪنيڪشن تي لڳل ايڪسائيز ڊيوٽي 21 سيڪڙو کان گھٽائي 19 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي ۽ موبائيل سيٽ ٻاهران آڻڻ تي لڳل 250 رپيا في سيٽ ريگيولرٽي ڊيوٽي ختم ڪري ڪسٽم ڊيوٽي 500 کان گھٽائي 250 رپيا في سيٽ ڪئي وئي آهي.

ٽيڪس:

پيٽرول جي ايڪسائز ڊيوٽي کي ڪاربن سرچارج جي صورت ۾ لاڳو ڪيو ويندو. تمباڪو جي صنعت تي لڳل ايڪسائز ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس ۾ واڌارو ڪيو ويندو. جڏهن ته امپورٽ ڪارگو هينڊلز، اسٽاڪ بروڪرن ۽ انشورنس ڪمپنين جي فيسن تي به ٽيڪس ورتو ويندو.

حڪومت جائيداد ۽ واپار تي لڳل ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس واپار جون شيون ٻاهران گھرائڻ تي لڳل ودهولڊنگ ٽيڪس 2 کان وڌائي 4 سيڪڙو ڪيو آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats