{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > فرينڊز آف پاڪستان کان رقم نه ملي ته آئي ايم کان چار ارب ڊالر قرض وٺندا سين : مشير خزانه

فرينڊز آف پاڪستان کان رقم نه ملي ته آئي ايم کان چار ارب ڊالر قرض وٺندا سين : مشير خزانه

وچار ڊيسڪ
June 14th, 2009

مشير خزانه شوڪت ترين چيو آهي ته انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۽ غير ملڪي سيڙپ ڪاري ۾ گھٽتائي ۽ مارڪيٽ ۾ اعتماد ختم ٿيڻ جي ڪري معيشت تي اثر پيو آهي، فرينڊز آف پاڪستان کان امداد نه ملي ته آئي ايم ايف کان چار ارب ڊالر قرض وٺندا سين.

اسلام آباد ۾ ملڪ جي ناڻي جي وزير حنا رباني کر سان پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت تي الزام هنيو پيو وڃي ته معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ گھڻو وقت هنيو آهي. معيشت ۾ استحڪام جو اثر ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. معاشي ڏهاڪا چڱا ٿيا آهن ۽ معيشت سڌري رهي آهي.

هن چيو ته بجيٽ جو خسارو گھٽائڻ لاءِ خرچي جي 120 ارب رپين جي گھٽتائي ڪئي وئي. غير ضروري شين جي درآمد ۾ گھٽتائي لاءِ ڪاروائي ڪئي، هن سال نمو جي شرح ٻه سيڪڙو رهي جنهن کي 3 کان 4 سيڪڙو تائين آندو ويندو. گڏيل بجيٽ جو مالياتي خسارو 4.9 سيڪڙو رهندو جڏهن بجيٽ جو اصل خسارو 3.4 سيڪڙو آهي. دوست ملڪن جي امداد سان بجيٽ جو خسارو پورو ڪيو ويندو.

شوڪت ترين چيو هو ته معيشت ۾ تمام گھڻيون خاميون آهن. معيشت جو حجم 14.82 هزار ارب رپيا ٿي ويو. رپئي جي تبادلي جي شرح تي سخت مانيٽري پاليسي جي ڪري هن جي حيثيت گھٽ ٿي.

زر مبادله (ناڻي جي مٽا سٽي) جا زخيرا 30 ڪروڙ ڊالر رهيا. معاشي ترقي جو دارومدار صنعتن تي آهي هن شعبي ۾ 3 سيڪڙو گھٽتائي ٿي جنهن جو اثر معيشت تي به پيو، صنعتن جي مضبوطي لاءِ رپئي جي قدر ۽ شرح سود کي چڱو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ايندڙ سال جي بجيٽ جي به منصوبه بندي شروع ڪئي وئي آهي. جائيداد تي سي وي ٽي چار سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جنهن کي پوءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ بدلايو ويندو. ڪيپيٽل گين ٽيڪس صوبن جو معاملو آهي، هن تي اين ايف سي ايوارڊ جي بناءِ عمل نٿو ڪري سگھجي.

هن هي به ٻڌايو ته مالاڪنڊ جي متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ 6 سو ملين ڊالر ملڻ جي اميد آهي. اسين هينئر جنگ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، غربت ۽ صحت جي حوالي سان انگ اکر موجود آهن. آمريڪا ۽ جاپان ٻه ارب ڊالر امداد جي واعدو ڪيو آهي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن. بجيٽ ۾ قرضن جو هدف 720 ارب رپيا رکيو ويو آهي. صوبن جي گرانٽ 560 ارب رپين کان وڌائي 655 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. پيٽروليم شين تي ڪاربن سرچارج سان 124 ارب رپيا ملندا، جنهن کي ملائي ٽيڪس جو هدف 10 سيڪڙو ٿي ويندو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: