{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > نئون بجيٽ : نه هيڏانهن نه هوڏانهن

نئون بجيٽ : نه هيڏانهن نه هوڏانهن

وچار تت
June 16th, 2009

پاڪستان ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جي ريت ايئن ئي آهي جيئن ستون، ٻارهون يا چاليهو هوندو آهي. ڇو جو پاڪستاني بجيٽ ماڻهن جي آسن ۽ اميدن جو قاتل هوندو آهي . هر نئون بجيٽ پراڻي بجيٽ کان ڊيڄاريندڙ ۽ خراب هوندو آهي ۽ بجيٽ جو هي سال به ڪو انوکو ثابت ناهي ٿيو. ايئن ته جڏهن ملڪ ۾ سول وار هلندڙ هجي ته بجيٽ ڪهڙو اچڻو هوندو آهي پر پوءِ به جيڪو بجيٽ سامهون آندو ويو آهي هن جي ڪجهه ڳالهين تي ويچار جي ضرورت آهي.

پهرين: اڳي جئان هن سال به بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. انهن مان گھڻا ٽيڪس وچئين طبقي يا غريبن کي ئي ڀرڻا پوڻا آهن. جيڪڏهن اهي ٽيڪس درآمدن يا انڊسٽري تي لڳل هجن ته به ماڻهن کي ئي ڀرڻو پوندو آهي. ڇو جو سرمايادار ۽ صنعت ڪار انهن ٽيڪسن جا پيسا پنهنجي شين جون قيمتون وڌائي ماڻهن کان ئي وٺندا آهن. انهي جو مطلب هي آهي جو غريبي به وڌندي. ماڻهن جي خريداري به گھٽندي ۽ معيشت ٻيهر ٻڏ تر ۾ اچي ويندي.

ٻيون: زرعي ٽيڪس ته وڏن زميندارن ته لڳڻ ناهي ڏنو پر زرعي شعبي کي ڪا سهولت به ناهي ملي. واهي ٻيجي ۾ ضرورت جي شين، پاڻي، بجلي، پيٽرول، کاڌ ۽ ڪيڙا مارڻ جي دوائن لاءِ ڪو اهڙو ڪم ناهي ڪيو ويو جو انهن جو ملھ هيٺ اچي ۽ زرعي شعبو به اڳيان وڌي، گڏ جهڙا ٽيڪس لڳايا ويا آهن انهن سان بالواسطه زرعي شعبو به ماريو ويندو.

ٽيون: هن بجيٽ ۾ پاڪستاني معيشت جي سڀني کان وڏي مسئلي، بجلي جي باري ۾ ڪجهه ناهي چيو ويو مطلب ته بجيٽ ۾ بجلي جي واڌو پيداوار لاءِ ڪو به فنڊ ناهي رکيو ويو. انهي جو مطلب هي آهي ته لوڊ شيڊنگ ايئن ئي رهندي ۽ معاشي پيداوار اڃا هيٺ کان هيٺ ويندي.

چوٿون: صنعتي شعبي لاءِ به ڪا خاص رعايت يا سهولت ناهي ڏني وئي. بس سرمايا ڪار طبقي تي ڪا خاص آمدن ٽيڪس ناهي لڳو. ايئن به انهن کي ڪهڙو ته ٽيڪس ڏيڻو هوندو آهي.

انهي ڪري انهي بجيٽ تي اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته نه هيڏانهن نه هوڏانهن.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: