{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > پهرين جولائي کان بجلي 17 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو

پهرين جولائي کان بجلي 17 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو

وچار ڊيسڪ
June 20th, 2009

سرڪار نئين بجيٽ ۾ بجلي تي ڏني وڃڻ واري 65 ارب جي سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ پهرين جولائي کان بجلي جي بل ۾ 17 سيڪڙو واڌارو ٿي ويندو.

واپڊا جي آنڪڙن موجب هن وقت پيپڪو کي هر سال چار سو ارب رپين جو گھاٽو ٿيندو آهي. بجيٽ کان اڳ پيپڪو طرفان سرڪار کي موڪلي وڃڻ واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي پنجن سالن جي دور ۾ بجلي جو ملھ ڪونه وڌايو ويو هو ۽ بجلي جي بل تي ڏني وڃڻ واري سبسڊي آهستي آهستي ختم ڪندي هن سال بلڪل ئي ختم ڪئي وئي آهي جيڪا 65 ارب ٿي وئي هئي.

ٻئي پاسي واپڊا جا بقايا جات وڌندا ويا آهن ۽ گيس، تيل ۽ نجي ٿرمل پاور ڪمپنين جا بقاياجات به 272 ارب کان به وڌي ويا آهن، جنهن جي ڪري واپڊا جو گھاٽو چار سو ارب کان به وڌي ويو آهي.

رپورٽ موجب پهرين جولائي کان بجلي 17 سيڪڙو مهانگي ٿي ويندي ۽ گھرو استعمال لاءِ بجلي جو ملھ ساڍا ست رپيا في يونٽ ۽ ڪمرشل ملھ 13 رپيا ۽ صنعتن لاءِ ملھ 11 رپيا في يونٽ تي هليو ويندو. انهي جي ڪري واپڊا کي ساليانو 125 ارب رپيا ملندا. پيپڪو انتظاميا موجب بجلي جو ملھ وڌائڻ سان ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ اهو گھاٽو گھٽجي ويندو ۽ گڏ آئي پي پي ۽ ٻيا بقايا ڏيڻ ۾ به آساني ٿيندي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: