کلاسک

WebSite    

وچار > ٻاهران تيل آڻڻ وارين ڪمپنين پاڪستانين کي 80 ارب رپين جو ٺيڪو ڏنو

ٻاهران تيل آڻڻ وارين ڪمپنين پاڪستانين کي 80 ارب رپين جو ٺيڪو ڏنو

وچار ڊيسڪ
June 25th, 2009

جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ طرفان جوڙيل جوڊينشنل ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ تيل ڪمپنين جي صلاح ڪار ڪميٽي طرفان پيٽرول جي شين تي ملھ ڏيڻ ۾ 80 ارب رپين جي خبر ڏني آهي.

رپورٽ موجب تيل ڪمپنين جي صلاح ڪار ڪميٽي طرفان 2001 کان 2006 جي وچ ۾ پيٽرول جي شين تي ملھ ڏنا ويندا هئا. جوڊيشنل ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ٽن بنيادي گھپلن جپ ڏس ڏنو آهي جنهن جي سڌار لاءِ صلاح سميت سڄي رپورٽ 30 جون جو سپريم ڪورٽ کي پيش ڪئي ويندي.

جوڊيشنل ڪميشن جنهن گھپلن جي ڳالهه ڪئي آهي انهن ۾ چيو ويو آهي ته تيل ڪمپنين جي صلاح ڪار ڪميٽي ملڪ ۾ تيل جي شين جو ملھ عالمي منڊي ۾ هلندڙ ملھ کي ڏسي پوءِ تيار ڪندي هئي، جڏهن ته ماڻهن کي ملڻ وارين شين انهي معيار کان هيٺيان هيون. ايئن تيل ٻاهران آڻڻ تي غير ملڪي ڪمپنين 80 ارب کان وڌيڪ ناجائز منافعو ڪمايو.

هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ آئيني عرضي جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن رقم جي خبر ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب پي ڊي ايل ماڻهن کان وٺڻ کان پوءِ انهن کي ترقياتي ڪمن تي نه خرچڻ به غير قانوني آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats